سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

سلهه يا ٽي.بي (Tuberculosis)

سلهه يا ٽي.بي هڪ جيوڙي مائيڪوبيڪٽريم ٽيوبرڪلوسز جي انفيڪشن جي ڪري ٿئي ٿي. جنهن ۾ گهٽ بخار (Low grade fever) ۽ کنگهه ٿئي ٿي.

[b]بيماريءَ جو علم يا ڄاڻ (Incidence/ Epidemiology)
[/b]ٽي.بي پاڪستان ۾ عام آهي. بيماري جو خاص سبب آهي. 22 وڏن ملڪن ۾ ٽي.بي جام آهي ۽ پنهنجي پياري پاڪستان جو نمبر 5 تي آهي. هر قسم جي ٽي.بي ۾ هڪ لک تي 276 ڪيس هر سال ٽي.بي جا آهن. هن جا اسان جي پياري پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ‏420,000 نيا ڪيس هر سال ۾ آهن. نياڻين (Female) ۾ خاص ڪري 5 سالن کان گهٽ ٻارن ۾.
پاڪستاني ٻارن ۾ هيئن ٽي.بي ڏٺي وئي آهي:
0 کان 4 سالن تائين 2.8%ڏٺي وئي آهي.
5 کان 9 سالن تائين7.7% ڏٺي وئي آهي.
10 کان 14 سالن تائين12.9% ڏٺي وئي آهي.

[b]ڳڻتي جوڳيون نشانيون (Risk Factors)
[/b]• عمر 5 سالن کان گهٽ، خاص ڪري 2 سالن کان به گهٽ.
• گهر ۾ نئين ٽي.بي وارو ڪيس ظاهر ٿئي.
• ڪمزور ٻار
• HIV جو مريض
• ارڙي نڪرڻ کان پوءِ(Post Measles)
• غربت واري زندگي
• تمام گهڻا ماڻهو هڪ ڪمري ۾ رهندڙ (Over Crowding)
• گهٽ کاڌ خوراڪ
• جنياتي (Genetics)

[b]بيماري جي ڄاڻ (Etiology)
[/b]مائيڪوبيڪٽريم ٽيوبرڪلوسز (Mycobacterium Tuberculosis)
ٽي.بي جي اسٽيج
(1) ٽي بي جو ظاهر ٿيڻ + ڪا به نشاني نه هجي، PPD -ve ۽ ڇاتي جو ڦوٽو پڻ -ve هجي.
(2) انفيڪشن (زخم) ڪا به نشاني نه هجي PPD +ve ۽ ڇاتي جو ڦوٽو پڻ -ve هجي.
(3) ٽي.بي بيماري نشانيون هجن PPD +ve ۽ ڇاتي جو ڦوٽو پڻ صحيح نه هجي.

[b]نشانيون (Features)
[/b]ٽي.بي جو انفيڪشن جسم جي ڪنهن به حصي تي حملو ڪري ٿو. خاص ڪري ڦڦڙن تي، نشانيون به اهي هونديون جيڪو حصو متاثر هوندو. خاص نشانيون ٽي.بي جون ٻارن ۾ آهن. گهٽ درجي جو بخار، بک نه لڳڻ، چيڙاڪ، وزن جو گهٽجڻ، رات جو پگهر اچڻ، ٿڪل نظر ايندو، ٻارن جي ٽي. بي ۾ ڪا به نشاني ظاهر نه ٿيندي آهي، پوءِ ظاهر ٿيندي آهي جڏهن پوري خاندان جي جاچ شروع ڪئي ويندي آهي.

[b]ڦڦڙن جون نشانيون (Pulmonary Features)
[/b]• 75% سڀني ڪيسن جو.
• نشانيون ظاهر نه ٿينديون آهن.
• کنگهه، بخار، بک جو نه لڳڻ، وزن جو گهٽجڻ، رات جو پگهر اچڻ يا ائين به گهڻو پگهر اچڻ، ساهه جي تڪليف، ڦڦڙن جي ٻنهي پاسي سهڪڻ، سون سون جا آواز Wheeze جا آواز اچڻ.
• ٻار ڪڏهن ڪڏهن بلغم ڪڍندا آهن.
• بلغم چيڪ ڪرائبو ته اهو -ve هوندو.

[b]ڦڦڙن کان سواءِ (Extra Pulmonary)
[/b]• ٽي.بي جا ڳوڙا، سڄل ۽ وڌيل ٽي.بي جا ڳوڙها.
• دل جي ٽي.بي، کنگهه ۽ ساهه جو گهٽجڻ (Shortness of breath)
• ٽي.بي ميننجائيٽس (T.B Meningitis) مٿي جو سور، الٽي، بخار، ڳچي جو سخت ٿيڻ، هلچل (جهٽڪا)، بيهوش ٿيڻ
• ٻاجهري جي داڻي وانگر ٽي.بي، گهڻو بيمار، ساهه جي تنگي، تلي جيئرو وڌيل G.I -T.B
• پيٽ جو سور، چوڏهن ڏينهن کان وڌيڪ دست، پيٽ ۾ ڳوڙهو يا پاڻي جو هجڻ (Ascites)
• ريڙهه جي هڏي جي T.B، چيلهه ۾ سور، سوڄ يا سوڄ جي بغير، هيٺين حصن ۾ ڪمزوري.
• جوڙن جي T.B، سور ۽ سوڄ مختلف جوڙن جي.

[b]خطرناڪ نشانيون (Danger Signs)
[/b]• دماغ جي T.B
• ننڍن ٻارن Infants جي T.B
• ڦڦڙن جي وڌيل T.B ۽ ٻاجهري جي داڻن وانگر T.B
• نشانيون مثل – هلچل (جهٽڪا) بي هوش ٿيڻ (Coma) ساهه کڻڻ ۾ گهڻي تڪليف، تمام ڪمزور، پيٽ جو سڄڻ.
• خاص نشانيون جنهن جي ڪري معلوم ٿئي ته هي ڦڦڙن جي T.B آهي.
• ٽي يا ان کان وڌيڪ نشانين سان معلوم ٿئي ٿو ته هي T.B آهي.
• گهڻو هلندڙ نشانيون 14 ڏينهن کان وڌيڪ محسوس ٿيندو T.B لاءِ.
• گهڻا ڏينهن هلندڙ بخار، کنگهه، رات جو پگهر، وزن جو گهٽجڻ.
• جسم جون ڪجهه نشانيون جنهن جي ڪري محسوس ٿئي T.B پيٽ ۽ ڳوڙهو (Mass) ڪرنگهي ۾ ڳوڙهو Gibuss
• ٽيوبرڪيولن نيڻ جو صحيح (+ve) ياPPD
• ڇاتي جو ڦوٽو ظاهر ڪري T.B
• گهر ۾ رهندڙ ڪو گهرڀاتي T.B ۾ ورتل

[b]علاج:
[/b]ٽي دوائون 9 مهينن لاءِ ڏجن ٿيون جيڪي پاڪستان ۾ استعمال ٿين ٿيون.
• Rimactal Rifampicin 10 ملي گرام/ جسم جي وزن/ ڏينهن ۾.
• Isoniazid 10 – 5 ملي گرام/ جسم جي وزن/ ڏينهن ۾.
• (PZA) Pyrazinamide 35-25 ملي گرام/ جسم جي وزن/ ڏينهن ۾.
هي سڀ دائون ماني کان اڳ ۾ ڏبيون آهن.
• اهي ٽي دوائون پهريان ٻه مهينا ڏبيون پوءِ ٻه دوائون Rifampicin ۽ Isoniazid ايندڙ 7 مهينن لاءِ ڏبيون.
• DOTS پروگرام 8 ميهنن لاءِ شيڊيول مطابق ٽي دوائون پهريان ٻن مهينن ۽ باقي ٻه دائون ايندڙ ڇهه مهينن لاءِ ڏبيون آهن.

[b]مونجهارا (Complications)
[/b]• دماغ جي ٽي.بي (T.B Meningits)
• ٻاجهري جي داڻن واري ٽي.بي (Miliary T.B)
• پيٽ جي ٽي.بي Abdominal T.B
• هڏن جي ٽي.بي (T.B of Bone)
• گڙدن جي ٽي.بي (T.B of Kidneys)
• دل جي ٽي.بي (T.B of Heart)
• ڪمزور يا سڪي جي بيماري (Malnutrition)

[b]بچاءُ جا اُپاءُ (Prevention)
[/b]• ڪيس ظاهر ٿيڻ شرط علاج.
• ظاهري طرح گهڻو لڳندڙ بيمار. انهن جي چڪاس ڪرائڻ.
• حفاظتي سيون خاص ڪري B.C.G ڦڦڙن لاءِ 30% حفاظت ڪري ٿي. 95% سيڪڙو دماغ جي ٽي.بي ۽ ٻاجهري جي داڻن وانگر ٽي.بي حفاظت ڪري ٿي.
• ٽي.بي جي لڳندڙ پيٽ واري عورت جي ڦورن چڪاس ڪرائڻ.
• اُهي دوائون جيڪي ٽي.بي جي بچاءُ يا ڦهلڻ کان پهريون ضرور ڏجن.

[b]ٻار جي ماءُ ٽي.بي سان (Baby of a Mother with T.B)
[/b]جيڪڏهن ماءُ کي ڦڦڙن جي ٽي.بي آهي ۽ ٻن مهينن کان گهٽ علاج ٿي چڪو آهي ٻار ڄڻڻ کان اڳ يا وري ٻار پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٽي.بي طاهر ٿي آهي.
• ماءُ (گهر ۾ رهندڙ) ۽ ٻار کي جدا ڪيو وڃي يا ماءُ جيستائين چڪاس ۾ ظاهر ٿئي ۽ گهر وارا.
• جي ماءُ کي ٽي.بي جي بيماري آهي پوءِ ٻار کي ڄمڻ کان اڳ ٽي.بي جي چڪاس ڪرائڻ گهرجي.