سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

پوليو ميلائيٽس Polio Myelitis

پوليو سڄي دنيا ۾ ختم ٿي چڪو آهي يا آهسته آهسته ختم ٿيندو پيو وڃي. پر پنهنجي پياري پاڪستان ۾ عقل جي انڌن پوليو پيارڻ جي خلاف محاذ کڙو ڪيو آهي. ٻارن کي پوليو پياريندڙن لاءِ مسئلو کڙو ڪيو بيٺا آهن ۽ انهن کي جان کان ماري ڇڏيندا آهن. انهن کي اها خبر ئي نه آهي ته پوليو جا ڦڙا ٻارن جي حفاظت لاءِ آهن. هي ڦڙا ٻارن جي هڏن کي کارڻ يا جڏا ٿيڻ کان بچائيندا آهن ۽ ٻار عمر ڀر جي معزوريءَ کان بچي ويندا آهن. هونئن به اسان جي معاشري ۾ انسانيت جو ڪيترو قدر آهي، سو سڀني کي خبر آهي. هاڻ ڏسون ته پوليو آهي ڇا؟ ۽ اهو ڪيئن ٿو انسانن جي ٻچڙن جا عضوا ٿو کاري يا جڏا ٿو ڪري.

[b]پوليو بيماريءَ جي وصف: Defination
[/b]پوليو يوناني ٻولي Greekجي ٽن اکرن Polio’s Myelositisجو وچوڙ آهي، جنهن پهرين Polios اکر جي معنيٰ آهي Greyيعني ڪنهن عضوي جو (S)سڪي وڃڻ يا کري پوڻ ۽ ٻئي اکرMyelo’s جي معنيٰ آهي يعني Spinal cord مغزي ڏوري آهي. جڏهن ته ٽئين اکر Itis جي معنيٰ آهي سوڄ ۽ سورInflamations ، جنهن يوناني اکر کي ملائي پڙهبو ته ان سان مقصد نڪرندو ته اهڙي بيماري جنهن ۾ مغزي ڏوري سڪي وڃي يا کري پوي.
ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ پهريون دفعو ويهين صديءَ جي شروعات ۾ عيسوي سن 1908 ۾ ڊاڪٽر ڪارل لينڊ اسٽينر Dr. Karl Land Steiner پوليو جو وائرس ڳولي لڌو. هن همراهه دنيا وارن جي اڳيان ثابت ڪيو ته پوليو جي بيماري نه هيٺئين ڌڙ جي ڪمزوريءَ ڪري ٿئي ٿي ۽ نه وري هيٺئين ڌڙ جو اڌ رنگ آهي. پر پوليو هڪ الڳ بيماري آهي، جيڪا پوليو وائرس (Polio Virus) جي ڪري ٿئي ٿي.
عيسوي سن 1952 ۾ هڪ انسانيت جي خدمت ڪندڙ جوناز سالڪ Dr.Jonas Salk پوليو جي بيماري کي روڪڻ لاءِ احتياطي اپائن خاطر پوليو جو وائرس (مئل وائرس) مان سئي ايجاد ڪئي. جنهن تي وڌيڪ تجربا ڪري 1955ع ۾ سئي جا عمر جي حساب سان وزن مقرر ڪري پوليو ويڪسين Polio Vaccine کي دنيا ۾ ٻارن لاءِ عام ڪيو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي لائق ڊاڪٽر البرٽ سيبن Dr. Albert Sabin عيسوي سن 1957 ۾ ساڳي سُئي مان ڦڙا ايجاد ڪيا. جن ڦڙن تي وڌيڪ تجربا ڪري عيسوي سن 1962 ڌاري پوري دنيا جي ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ جو لائسنس مليو. مٿيان ڊاڪٽر انسانيت جا خيرخواهه هئا جو محنت ڪري دنيا جي ٻارڙن کي هن بيماري کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ۾ ڪيتري سمجهه آهي جو ان مان فائدو وٺن ٿا يا نه. مگر پاڻ وارا پيارا ڊاڪٽر صاحبان جيڪي هِتان ۽ هُتان وڏيون ڊگريون وٺن ٿا. انهن رڳو پنهنجي ڪلينڪ ٻاهران وڏيون گاڏيون بيهاري ڇڏيون آهن. مگر ڇا ڪجي. اسان وٽ مقابلو وڏو آهي، پيسن ميڙڻ جو، نه ڪي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو، يا سجاڳي پيدا ڪرڻ جو.

[b]پوليو بيماري ٿيڻ جا سبب:Aetiology
[/b]هن بيماريءَ جو سبب پوليو وائرس Polio Virus جنهن جي خاندان کي آر اين اي وائرس R.N.A Virus) چئبو آهي. هن جا وري سيرو ٽائيپ Sero types آهن .(P1, P2, P3)

[b]بيماريءَ جو علم: Epidemiology
[/b]• هن جو خاص نشانو انسان آهي. هي بيماري اونهاري Summer ۽ خزانAutumn جي موسم ۾ ٿيندي آهي.
• هي بيماري ٻارن کي ڪاڪوس جي جاءِ تي هٿ لائڻ سان وات جي ذريعي ٿيندي آهي.
• پوليو جي وائرس (P.V) جا ننڍي آنڊي ۾ پهچڻ کان اڳ هيٺيان ٻيا به ڪيترا اهم ذريعا آهن جتي هي وائرس واڌ ويجهه ڪري ٿو.
• پوليو جو وائرس مريض جي وات ۾داخل ٿيڻ کان اڳ ٻيٺل پيئڻ جي پاڻي (پوءِ ڀلي اهو ڇو نه واٽر سپلاءِ جو هجي) ۾ واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ مريض جي ان ناقص پاڻي پيئڻ دوران پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ اتي وڌيڪ واڌ ويجهه ڪري ٿو.
• پاروٿو رکيل کاڌو (ڀلي اهو ڇو نه فرج ۾ رکيل هجي) ۾ پوليو جو وائرس واڌ ويجهه ڪري ٿو. اهو روڳي کائڻ دوران هي وائرس مريض جي پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو. جتان اڃا به وڌيڪ ننڍي آنڊي ۾ واڌ ويجهه ڪري ٿو.

[b]بيماري جي اوسر جو عرصو: Incubations Period
[/b]پيئرالائٽڪ پوليو سلائيٽس جي اوسر جو عرصو 7 کان 21 ڏينن آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو گهٽجي 4 ڏينهن تائين ٿيندو آهي.
پوليو جون علامتون: Clinical Feature
شروع ۾ مريض کي بخار ٿيندو آهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن لاڳيتو هلندو آهي. انهيءَ وچ ۾ مريض جو بدن نستو ۽ لڳڙو ٿي ويندوآهي. بخار سان گڏ مٿي ۾ سور ۽ الٽيون ٿينديون آهن. نڙي سخت ٿي ويندي آهي.

[b]پوليو جا مڃيل چار قسم آهن:
[/b]1. ايسمپوٽوميٽڪ زخم Aysmptomatic Infection
2. ايبارٽو پوليو ميلانٽس Abortive Polio myelitis
3. نان پيرالائٽڪ پوليو ميلائٽس Non – Paralytic Polio myelitis
4. پيرالائيٽڪ پوليو ميلائيٽس Paralytic Poliomyelitits

[b]ليبارٽري ٽيسٽ: Lab: Test
[/b](1) پهرين معائني دوران به پتو پئجي ويندو آهي: During Exam (2) مريض جي ڪاڪوس جي ٽيسٽ (Stool Test)ٻه ڪاڪوس جا 24 ڪلاڪن ۾ ٻه نمونا هڪ هڪ ڏينهن کان پوءِ (اُهي نيشنل هيلٿ ليبارٽري اسلام آباد) ڏانهن موڪليا ويندا آهن. رپورٽ ٽن هفتن کان پوءِ ملندي آهي.
علاج:
مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرائجي، ڇو ته ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿس ۽ اها ته ساهه کڻن جون مشڪون سڪي نه وڃن. بستري تي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ گھرجي.
سور کي دور ڪرڻ جي دوا ڏبي ۽ هلڪي آرام لاءِ پڻ گوري ڏجي. کاڌ خوراڪ سٺي ڏجي. پاڻيءَ جي گھٽتائي ٿيڻ نه ڏجي.
پيشاب ۽ ڪاڪوس جو خاص خيال رکجي.

[b]مونجھارو:Complication
[/b]• ساهه جو منجھڻ بلغم جي سڪڻ ڪري.
• اسپاريشن نمونيا پليٽلPlatal جي سڪڻ جي ڪري.

[b]بچاءُ:Prevention
[/b]ٻن حفاظتي ٽڪن جي ذريعي حفاظت يا بچاءُ ڪيو ويندو آهي. هڪ وات جي ذريعي ڦڙا پيارڻ .(OPV) انهيءَ کي لوَ ويڪسين (Live Vaccine) جيڪا شيڊول ۾ آهي. ٻه قطرا ڄمڻ وقت، 6 هفتن، 10 هفتن، ۽ 14 هفتن ۾ ڏني ويندي آهي.
۽ ٻي سئي ذريعي وئسين ڏني ويندي آهي.(IPV) انهيءَ کي مئل ويڪسين (Killed Vaccine) چيو ويندو آهي.