ڪاري ڪامڻ Hepatitis A
[b]مدو:
[/b] 15-50 ڏينهن (خاص ڪري 30 ڏينهن). هيءَ بيماري غريب طبقي ۾ گھڻي ڏٺي وئي آهي.
[b]نشانيون: Clinical Feature
[/b]• بخار Fever
• بک جو نه لڳڻ: Anorexia
• الٽي: Vomiting
• مٿي جو سور: Headache
• پيٽ جو سور: Abdominal Pain
• چمڙي / اکين جو ڦڪو يا پيلو ٿيڻ
• ٻار سست
• هر وقت دل ڪچي
ياد رهي ته هن قسم جي ڪاري ڪامڻ اهڙن ٻارن (مريضن) کي وڌيڪ ٿيندي آهي، جيڪي ڳتيل علائقن يا گھرن ۾، هيٺائين علائقن ۽ گندگيءَ وارن علائقن ۾ رهڻ وارا ۽ گندو پاڻي پيئڻ وار هوندا آهن.
[b]علاج: Treatment
[/b]• علاج گھٽ مگر خيال زياده رکجي.
• ننڊ جي ڪابه دوا ناهي ڏيڻي.
• ڪارٽيڪو اسٽرائڊ نه ڏجي ته بهتر.
• تمام هلڪو کاڌو ڏجي.
• گھڻيون دوائون نه ڏجن.
[b]ضروري اُپاءَ:
[/b]اسان جي پياري ديس ۾ کوڙ سارا اهڙا ماڻهو جيڪي نشو واپرائيندڙ سگريٽ ۽ ٻيڙيون پيئندا آهن ۽ اهڙا مٽ مائٽ جيڪي مهلڪ بيمارين ۾ ورتل هوندا آهن، اُهو خيال نه ڪندا آهن ته سندن تَن سان ڪيتري نه خطرناڪ بيماري لڳل آهي، تازي ڄاول ٻار، معصوم ٻارن ۽ وڏن ٻارن کي پيا سندن ڳلن ۽ وات تي پيا چميون ڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو خطرناڪ قسم جي غلطي ڪندا آهن. جيڪي سائي يرقان ۽ ڪاري ڪامڻ جهڙيون خطرناڪ مهلڪ بيماريون/ وچڙندڙ بيماريون، اڻڄاڻ ماڻهو پيار جي بدلي معصوم ٻارن کي مهلڪ بيمارين جو تحفو ڏيندا آهن.
[b]خوراڪ: Diet
[/b]هن بيماريءَ ۾ کاڌخوراڪ جي وڏي اهميت آهي.
• ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ کي ۽ وڏي ٻار کي سڻڀ، سڻڀن کاڌن، تريل شين (خاص ڪري پٽاٽن جون ڪچريون (Chipps) ديڳ جو ڀت، وڏو گوشت (خاص ڪري ڳائو گوشت) واڱڻ ۽ مرچ مصالحي وارن کاڌن کائڻ کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گھرجي.
• اونهارو هجي ته ڌؤنرو، ڏڌ ۽ جھارو، ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ ۽ ننڍڙي ٻار کي گھڻو پيارجي.