سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

اکين ۾ پيدائشي ڌنڌ Congenital Glaucoma

پهريون پيدائشي ڌنڌ 10,000 ٻارن تي هڪ ٻار ۾ ڏٺو ويو آهي. گھڻو ڪري غير وبائي مرض آهي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. گھڻو ڪري پيدائش وقت هوندو آهي يا وري ٽن سالن جي اندر ظاهر ٿيندو آهي.

[b]نشانيون:
[/b]اکين جو شفاف پردو وڌي ويندو آهي. تقريبن 13m.m کان مٿي، ڇو ته اکين جي مستقل پريشر وڌڻ جي ڪري.
• اکين جو اڳيون صاف پردو سفيد ۽ ڌنڌلو هوندو، اکين جي اڳئين پردي جي سوڄ جي ڪري.
• اکين ۾ ڪمزوريءَ سبب گھٽ نظر اچڻ.
• ڳوڙهن جو وهڻ.
• اکين کي مهٽڻ.
• ٻئي اکيون ڍونگي Affected هونديون آهن، پر هڪ جهڙيون.

[b]علاج[/b]: سرجيڪل پاڻيءَ جو نيڪال
ميڊيڪل: ڌنڌ دور ڪرڻ جون دوائون.
ڪرڻ جي موٽ لاءِ Refraction روزانه ڪرائيندو رهجي.