رت جي گھٽتائي Iron deficiency Anemia
جيڪي مائرون حمل دوران رت وڌائڻ لاءِ ۽ خوراڪ نٿيون ڪن، انهن جي ٻارن ۾ فولاد جي گھٽتائي ٿئي ٿي ۽ اهي ٻار کاڌ خوراڪ جون شيون به گھٽ واپرائين ٿا يا وري محدود وسائل هئڻ سبب ٻارن کي سٺي خوراڪ نٿي ڏني وڃي.
[b]بيماريءَ جو علم – پکڙجندڙ بيماريءَ جو علم: Epidemiology
[/b]رت جي گھٽتائي ۾ اڪثر ڪري 700 کان 800 ملين ٽئين دنيا جي ملڪن جا ماڻهو 40 سيڪڙو سڀني عمرن جا رت جي گھٽتائي جي وڪڙ ۾ آهن.
پاڪستان ۾ سڀني رت جي گھٽتائي جي بيمارين جا 83 سيڪڙو آهن.
[b]سبب: Causes
[/b]• گھٽ وزن وارا ٻارLBW
• بي وقتا ٻارPremature
• ڄمڻ سان رت جي گھٽتائي وارا ٻار جن ۾ رت تبديل ڪبو آهي. Rh:Incompatibility
• کاڌي پيتي جو اڻپورو هاضمو
• ننڍي آنڊي جي بيماري: چير ڦاڙ جو عمل Malabsorption
• ڪهنو يا پراڻا دست
• رت گھٽجڻ ڪري Occult Blood Loss
• ڪيڙن جي ڪري
• پائخاني وارو ڊگھي شڪل جو ڦٽ
• کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي.
[b]نشانيون: Clinical Features
[/b]• چيڙاڪ
• دل ڪچي ٿيڻ
• جلدي ٿڪجڻ
• کير پيئندڙ ٻار
• ٿلهو – نيلو – پيلو
• وڌڻ جون صلاحيتون گھٽجي وينديون.
• دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي ويندي
• ساهه ٻوساٽجڻ
• ٿڪل
• مٿي جو سور
• پيٽ دوران (حمل) ميٽ کائڻ H/o Pica
• ڪيڙن جو هجڻ
[b]مرض جي تشخيص: Diagnosis
[/b]• H.B هيمو گلوبن جو گھٽجڻ
• رت جي ڳاڙهن جزن جو گھٽجڻ
• Low MCH and MCV
[b]علاج:
[/b]• رت وڌائڻ لاءِ دوا احتياطن ڏيڻ گھرجي، 4mg/kg (2 m to 3y) تمام گھٽ وزن واري ٻار کي V.V. LBW 3mg/kg 2 m to 3 ys گھٽ وارن ٻارن کي 1mg/kg full term Babiesپوري پني ٻار کي 4 سالن کان 10 سالن جي ٻار کي 10 mg۽ 11 سالن کان مٿي واري ٻار کي 18mgدوا جي طور فيريس سلفيٽ Elemental Iron 6mg/kg/day وات جي ذريعي ڏجي 5 مهينن لاءِ.
• رت به لڳائي سگھجي ٿو. جي زياده رت جي گھٽتائي هجي يا رت وهندڙ هجي.
• ۽ صحيح خوراڪ ڏجي، جنهن ۾ Iron زياده هجي.
• ڦل فروٽ به ڏجي.
• اُهي شيون جيڪي ٻارن جو رت وڌائين ٿيون.
• سختيءَ سان 6 مهينن تائين صرف ماءُ جو کير ڏجي ۽ ٻيو ڪوبه کير (دٻي، ڳئون، ٻڪري ۽ مينهن جو) نه ڏجي.
• 6 مهينن کان پوءِ ٺوس کاڌو Cerralac ڏجي.
• ڳئون جو کير هڪ سال اندر نه ڏيڻ گھرجي.
• اُهي کاڌا ڏيڻ گھرجن جنهن جي ڪري رت Iron زياده ٿئي. مثال طور ڳاڙهو گوشت، ڪاريون سايون ڀاڄيون ۽ داليون ڏجن.