لغت Glossary
[/b]
اهو نئون ڄاول ٻار جيڪو 28 ڏينهن تائين زندهه رهندڙ هجي. اِهو ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي.
1. اهو پهريون ٻار (Early Neonate) جيڪو زندگي جي 7 ڏينهن جو زنده ڄاول هجي.
2. پويون ٻار (Late Neonate) جيڪو 8 ڏينهن کان 28 ڏينهن جو زندهه ڄاول ٻار هجي.
[b]پيدائش جو وقت Perinatal
[/b]اهو وقت (Period) جيڪو 28 هفتن جي پيٽ Pregnancyکان 7 ڏينهن جو ڄاول ٻار هجي.
[b]پيدائش کان پهريون = Prenatal = Before the birth
[/b]اهو وقت (Period) آهي جنهن ۾ 28 هفتن جي حمل Pregnancy کان ڄمڻ تائين جو ٻار هجي.
[b]ٻار ڄڻڻ کان پوءِ Post Natal = After delivery
[/b]هي اهو وقت آهي، جيڪو ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو.
نئون ڄاول ٻار Infant
اهو ٻار جيڪو 365 ڏينهن (هڪ سال) جو ڄاول ٻار هجي.
Abortion = The expulsion of the fetus before it is viable ڪچي ٻار جو وقت کان اڳ خارج ٿيڻ اهو مئل ٻار جيڪو 28 هفتن جو حمل (Gestation) جو ڪريل ٻار هجي. اسان جي ملڪ ۾ 28 هفتن جو ٻار هجي ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ 24 هفتن جو تصور ڪجي ٿو.
[b]مئل ٻار پيدا ٿيڻ = Still Birth
[/b]اهو مُئل ٻار 28 هفتن کان پوءِ پيٽ ۾ هجي ۽ ان کي ڪڍجي.
ابتدائي موت = Perinatal Mortality
اُهي ٻار جيڪي پيٽ اندر مري وڃن ٿا (Still Birth) انهن جو تعداد ۽ نئين ڄاول ٻارن جي مرڻ جو تعداد/ (جيڪو 7 ڏينهن تائين هجي) 1000 ڄاول ٻارن تي، اهو پاڪستان ۾ 1000 ڄاول ٻارن تي 60 آهي.
نئين ڄاول ٻارن جي مرڻ جو تعداد: Neonatal Mortality rate
1000 نئين ڄاول ٻارن تي پهريان 28 ڏينهن جا مئل ٻار، اهو پاڪستان ۾ 1000 ڄاول ٻارن تي 44 آهي.
ٻالڪپڻي جي موت جي شرح : Infant Mortality rate
پهريان 365 ڏينهن جو مئل ٻار 1000 ڄاول ٻارن تي اهو پاڪستان ۾ 1000 ڄاول ٻارن تي 95 آهي. (نئين ڄاول ٻار جي موت جي شرح2013ع ۾ هڪ 100 / 54 سيڪڙو ۽ ٻالڪپڻي جي موت جي شرح 1000/68 آهي. 2013ع سال ۾)
درجيوار رکڻ= ترتيب ڏيڻ Classification:
اُهي هي آهن:
[b]حمل جو وقت ۽ وزن (Weight)
[/b]حمل جو وقت هيٺين حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
1. ڪچو ٻار =Preterm
اهو ٻار جيڪو 37 هفتن کان پهرين پيدا ٿئي.
2. وقتائتو ٻار =Full term Baby
اهو ٻار جيڪو 37 هفتن ۽ 42 هفتن جي وچ ۾ پيدا ٿئي.
3. وقت کان پوءِ = Post term
اهو ٻار جيڪو پورن 42 هفتن کان پوءِ پيدا ٿئي.
[b]وزن: Weights
[/b]وزن جي حساب سان ٻار جي ترتيب:
وڌيڪ وزن وارو ٻار :High Baby Weight
اهو ٻار جيڪو ڄمڻ وقت 4.kg ڪلو کان وڌيڪ وزن جو هجي.
نارمل/ صحيح ٻار جو وزن: Normal Baby weight
اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت 2.5kg کان 4.kg هجي.
گهٽ وزن وارو ٻار جو وزن: (LBW) Low Birth Weight
اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت 2.5kg کان کان گهٽ هجي.
اڃان به گهٽ وزن وارو ٻار: (VLBW) Very Low Birth Weight
اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت 1.5kg کان گهٽ هجي.
تمام گهٽ وزن وارو ٻار: (V.L.B.W / Extremely Low Birth Weight اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت هڪ ڪلو (1kg) کان گهٽ هجي.
اهڙو ٻار جنهن تي اعتبار نه ڪري سگهجي ته ڪو بچندو يا نه: Incredibly Low Birth Weight
اهو ٻار جنهن جو ڄمڻ وقت وزن 750gm کان به گهٽ هجي.