سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

نمونيا Pneumonia

[b] بيماريءَ متعلق ڄاڻ Introduction
[/b]ميڊيڪل سائنس ۾ نمونيا جو مطلب آهي ڦڦڙن جي سوڄ ۽ سور (Inflammation)جيڪا ڦڦڙ جي پنهنجي جسم جي ڳرُ (Parenchyma)ڦڦڙن جي خانن (Cellular) ۽ ڦپڙن جي هوادان (Alveoles)۾ ڳاڙهي/ گند (Exudation)ڀرجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٿئي ٿو.
جيئن ته هيءَ بيماري هر عمر جي ماڻهوءَ کي ٿي سگھي ٿي، پر گھڻائي هن بيماريءَ جو حملو ٿڃ پياڪ ٻارن کان وٺي ٻارهن سالن جي عمر تائين، پوڙهن ۽ ضعيف ماڻهن تي ٿئي ٿو. ٻارن لاءِ هيءَ بيماري تمام مهلڪ بيماري آهي.
موسم جي بدلجڻ، گھم ۽ سيارو هن بيماريءَ جي ٿيڻ جو پڻ سبب بڻيو آهي. پر گھڻائيءَ ۾ هن بيماري جو حملو سياري جي موسم ۾ ٿئي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته هن بيماريءَ جو اوج سياري جي موسم ۾ هوندو آهي. هيءَ بيماري اڪثر ڪري ٻارن ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، جن جي وڏن کي دم، سلهه يا کنگهه وغيره مان لنگھي آيا آهن. اهڙا مائٽ انهن ٻارن جي ڪپڙن ۽ کاڌ خوراڪ جو خيال نه رکندا آهن، مگر اهڙين آبادين ۾ رهندا آهن جتي صفائي جو نظام صحيح نه هوندو آهي ۽ نه وري پيئڻ جو پاڻي پڻ صاف نه هوندو آهي.

[b]بيماريءَ جو علم:Epidemiology
[/b]W.H.O جي مطابق هر سال 5 سالن کان گٽ ٻارن ۾ 150 ملين ڪيس ڏٺا ويا آهن ۽ انهن مان وري 4 ملين هر سال، ان بيماريءَ جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿا. لڳ ڀڳ 1/3rdملين ٻارن کي ساهه جي هيٺئين حصي ۾ تڪليف ٿئي ٿي، زندگيءَ جي پهرين سال ۾. نمونيا جو اندازو 1000 ٻارن تي تقريباََ 130 کان 160 آهي هر سال ٿئي ٿو. هڪ کان 5 سالن جي جي عمر ۾. اڪثر سياري جي ٿڌي موسم ۾ ٿئي ٿو ۽ اهڙين جڳهين تي جتي تمام گهڻا ماڻهو هوندا آهن يا جڳهه کان زياده.

[b]ڳڻتيءَ جون نشانيون: Risk Factors
[/b]• معصوم ننڍا ٻار 12 مهينن کان گهٽ عمر جا.
• جن جي آمدني گھٽ هجي.
• جتي سگريٽن جو استمال گھڻو ٿيندو هجي.
• حفاظتي ٽُڪا نه لڳل هجن.
• جن ٻارن ماءُ جي ٿڃ نه پيتي هجي.
• ڪمري ۾ گھڻا ماڻهو هجن.
• ڪمزور ٻار.

[b]نمونيا ٿيڻ جا سبب: Etiology
[/b]نمونيا ٿيڻ جا سبب گھڻن ئي قسن جي وائرسن/ جيوڙن جي ڪري ٿيندا آهن. اسٽريپٽو ڪوڪس نموني تمام گھڻو سبب آهي ٻارن جي بيماريءَ جو، ويندي نون ڄاول ٻارن جو. اهو وائرس تمام گھڻو آهي. 5 سالن کان گهٽ ٻارن ۾ 14 کان 35 سيڪڙو ڪيسن ۾. 5 سالن کان مٿي جي ٻارن ۾ مائڪو پلازما نمونيا Pneumoniae Mycoplasma ۽ ڪليمڊو فليا Calamydophila تمام گھڻا هوندا آهن يا ظاهر ٿيندا آهن. هيٺ عمر جي حساب سان انهن جيوڙن / وائرس جا نالا ڏجن ٿا:


[b]نوان ڄاول ٻار: Neonates
[/b]1) اِي ڪُولي E. Coli
2) اسٽرپٽو ڪوڪس گروپ بي Grop . B. Streptococcus, GBS
3) ڪليب سيلا Klebsiella
4) اسٽيف. اِيورس Staph. Aureus
5) سيوڊو سوناس Pseudomonas

[b]معصوم ننڍا ٻار: Infants
[/b]1) ايڇ انفلوئنزي بي H. Influenzae. B
2) اسٽريب نموني S. Pneumoniae
3) اسٽيف اِيورسز Staph Aureueses
4) بارڊيٽيلا پرٽيوسز Boraditella Pertussis
5) ڪليمپيڊيا ٽريڪيمائيس Chlamydia Trachomatis

[b]ٻار هڪ کان پنج سالن تائين: Children (1-5 years)
[/b]1) ايس – نمونيا S. Pneumoniae
2) ايڇ انفلوئنزي بي H. Influenza B.
3) اسٽرپٽو ڪوڪس پايوجنس Streptococcus Pyogenes
4) اسٽيف اِيورس S. Aureaus

[b]ٻار پنجن سالن کان مٿي: Children (above 5 years)
[/b]1) ايس نمونيئيS. Pneumoniae
2) مائيڪو پلازما نمونيئيMycoplasma Pneumoniae
3) ڪليمڊو فليا نمونيئيClamydophila Pneumoniae
4) ايڇ انفلوئنزي H. Influenza B.
5) اسٽيف اِيورس S. Aureus

[b]بيماريءَ جو نشانيون: Clinical Feature
[/b] بخار گھڻو تيز ٿيندو آهي
 کنگھه گھڻو ڪري ڄاري واري ٿيندي آهي.
 ٻار ڏاڍا تڪڙا ساهه کڻندو آهي.
 الٽي – دل ڪچي ٿيڻ – سست ۽ ڪاهل.
 ٻار جڏهن ساهه کڻندو ته اُهو تڪڙو ۽ جلدي جلدي ۽ اڻ پورو کڻندو ۽ جڏهن ساهه ڇڏيندو ته ڪنجھڻ جو آواز ايندو آهي. نڙي ۽ ڇاتيءَ مان سر سر جو آواز ڪڍندو آهي
 مريض ٻار جون نانسون هر ساهه سان گڏ ڦوٽاربيون آهن ۽ ڦڦڙن وانگر هلنديون آهن.
 مريض ٻار جي ناسن هلڻ/ جھلڻ / ڦوٽارجڻ سان گڏ مريض کي ساهه ۾ تنگي ٿيندي ۽ سندس منهن نيرو ٿي ويندو آهي.
 ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي آهي. ٻار کاڌو به کائي نه سگھندو، پيٽ ۾ سور ۽ ڇاتيءَ جي هيٺئين حصي ۾ سور ٿيندو اٿس.

[b]W.H.O جي حساب سان مختلف عمرين ۾ ٻار ڪيترا دفعا ساهه کڻندو آهي. هيٺ ڏجي ٿو:
[/b]• معصوم ننڍو ٻار ٻن مهينن کان گهٽ، هڪ منٽ ۾ 60 دفعا ساهه کڻندو.
• 2 کان 12 مهينن جو ٻار، هڪ منٽ ۾ 50 دفعا ساهه کڻندو .
• هڪ سال کان 5 سالن تائين هڪ منٽ ۾ 40 دفعا ساهه کڻندو.
• 5 سالن کان مٿي جو ٻار، هڪ منٽ ۾ 20 دفعا ساهه کڻندو.

[b]خطرناڪ نشانيون: Danger Signs
[/b]معصوم ننڍن ٻارن ۾ نمونيا جون نشانيون ڏنيون ويون آهن:
• ٻار ڪجهه به پي نه سگھندوInability to Drink
• هلچل Convulsions
• رنگ نيرو ٿيڻ Central Cynosis
• آواز ڪڍڻ آرام واري ٻار ۾ Strider in a calm child
• ظاهري طرح ڪمزور ٻار Clinically Sever Malnutrition

[b]ليبارٽري ٽيسٽون Labs. Tests
[/b]ليبارٽري ٽيسٽن سان ٻار جي متعلق چڱيءَ طرح معلومات حاصل ڪرڻ ۽ چڱيءَ طرح چڪاس ڪرڻ لاءِ مدد ملي ويندي آهي.
• بخار جو هجڻ، کنگهه جو هجڻ، اهو نمونيا ظاهر ڪري ٿو. ٻار جي عمر.
• تازو ڇا مٿئين ڇاتيءَ جو سور Upper respiratory tract infection
• بخار سان گڏ نمونيا جون علامتون
• کنگهه، ڇاتيءَ جو سور، ساهه گھٽجڻ، تڪليف سان ساهه کڻن.
• رت جي چڪاس دوران رت جا اڇا جزا وڌيل Leucocytosis هوندا آهن.
• بلڊ ڪلچر ڪرائڻ سان ڪا خاص مدد نه ملندي. جيڪڏهن مريض Toxic lookنيلو پيلو لڳندو ته پوءِ اسپتال داخل ڪرائجي.
• ڇاتيءَ جي ايڪسري ۾ بيماري ۾ ورتل ڦڦڙ جي حصي تي داغ هوندو.

[b]علاج: Management
مدد ڪندڙ علاج:[/b]
• آرام سان گڏ سٺو کاڌو
• آڪسيجن جيتري ضرورت هجي. 2 کان 4 لٽر/منٽ
• نيبلائيزن جي ضرورت پوندي.
• پاڻياٺ جي گھٽتائي کي پورو ڪرڻ
• کائڻ لاءِ همٿائڻ يا مدد ڪرڻ
• بخار لاهڻ لاءِ پيرا سٽامول

دوا 7 کان 10 ڏينهن ڏيڻ گھرجي:
• جيوڙن موجب علاج ڪرڻ گھرجي
• نيوموڪوڪس – بينزائيل پينسلين Benzyl Pencilline
• سيفلو سپائرن Cephalosporins
• اسٽرپٽو ڪوڪس – بينزائيل پينسلن – ايروٿرو ماسين – ايڇ انفلونزي – ڪلورفينيڪل – سيڪنڊ ۽ ٿرڊ جنريشن – سيفلسو پائرن – اِي ڪولا – جينٽامائين/ اميڪين.

[b]ٽيوبرڪلوسر = ٽي بي دوائون:
[/b]بيماريءَ دوران ۽ پوءِ تڪليفون:
• ڦڦڙن ۾ گند ڀرجي ويندو آهي Empyema
• ڦڦڙڻ ۾ ڳنڍو/ ڳوڙهو ٿي پوندو آهي Abcess
• گردن ٽوڙ بخار ٿي سگھي ٿو Meningitis
• ڪنن ۾ سوڄ ۽ سور
• ساهه ۾ تڪليف

[b]بچاءُ:
[/b]صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ گھرجي. ٻار کي ماءُ جو کير هر هر پيارجي . خوراڪ جو خاص خيال رکجي. حفاظتي ٽڪا وقت سر لڳائڻ گھرجن. خاص ڪري نيموڪوڪل ۽ ايڇ انفلوئنزي ٽائيپ B. ٿڌ کان خيال ڪرڻ گھرجي. پاڻيءَ جي گھٽتائي کي پورو ڪجي.