ٿڃ جا فائدا
(Advantages of Breast Feeding)[/b]
ٿڃ جو کير تمام سستو آهي. اهو صرف ماءُ کي 500 ڪيلريز حاصل ڪرڻ سان ملندو آهي.
کير ڪهڙي وقت به ملي سگھي ٿو.
ماءُ جو کير جراثيمن کان پاڪ آهي.
ماءُ جو کير گرمي توڙي سردي ۾ موجود هوندو آهي.
ماءُ جي کير ۾ ٻار لاءِ گھربل قدرتي گرمائش موجود هوندي آهي.
ماءُ جي کير ۾ جيڪي ڪيميائي مادا ۽ سڻڀ هوندا آهن، اُهي آسانيءَ سان ٻار جي معدي ۾ هضم ٿي ويندا آهن.
ٻار قدرتي طور تي ايتري ٿڃ ڌائيندو آهي، جتري سندس معدي ۾ جلدي هضم ٿي وڃي ٿي. ڀرتيءَ جي صورت ۾ ٻار جي معدي مان اضافي ٿڃ خودبخود بجڪن سان نڪري ويندي آهي.
مائرن کان اڪثر ڪري ٻڌو ويو آهي ته اسان جو کير ٻار لاءِ پورو ڪونه آهي. انهيءَ ڪري دٻي جو کير لڳايو آهي. سو مائرن کي گذارش آهي ته ٻنهي پاسي 10 منٽن تائين ٻار کي پنهنجو کير پياريو ته ٻار جو پورائو ٿي ويندو.
ٿڃ، ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ جبلت، سڪ، پيار، محبت ۽ قدرتي طور تي مامتا جو رشتو قائم رکي ٿي.
ماءُ جي کير ۾ فولاد هوندو آهي، جيڪو 6 مهينن لاءِ پورو هوندو آهي.
ماءُ جي کير ۾ چڱو خاصو مقدار وٽامن سي (C) جو مقدارهوندو آهي، جيڪو پڻ ماءُ کي کائڻ پيئڻ ۾ سٺي مدد ڪندو آهي.
ٻار جيترا ڀيرا به ٿڃ ڌائيندو آهي، اوترو ئي ٿڃ وڌندي آهي.
جيڪي مائرون پنهنجن ٻارن کي ٿڃ ڌارائينديون آهن، انهن کي جلدي حامله ٿيڻ جو موقعو گھٽ ملندو آهي.
سڀ کان وڌيڪ ٿڃ پيارڻ سان هڪ فائدو اهو به آهي ته ماءُ کي اُرهه جو ڪينسر (Breast Cancer) ڪونه ٿيندو آهي. دنيا ۾ جيڪي سڌريل ملڪ سڏيا وڃن ٿا، مثلاََ آمريڪا ۽ انگلينڊ وغيره جي عورتن ۾ اُرهه جو ڪينسر وڌيڪ ٿئي ٿو، ڇو ته اهي پنهنجي ٻارن کي ٿڃ صفا ڪون ڏينديون آهن يا وري گھٽ ڏينديون آهن.
ماءُ کي گھرجي ته بنا ناغي لاڳيتو ڇهن مهينن تائين پنهنجي ٻار کي ٿڃ پياري، بعد ۾ ٻن سالن جي عرصي دوران ٻار کي پنهنجي ٿڃ سان گڏ نرم کاڌو، سيريلڪ (Cerralac)وغيره به ڏي. ٻار هڪ سال جي عمر کان پوءِ گھر جو هر کاڌو کائي سگھي ٿو.
گھر کان ٻاهر ڪم ڪندڙ مائرون پنهنجي ٻار لاءِ ٿڃ ڪڍي، ڪنهن پيالي ۾ وجھي ان کي فرج جي هيٺئين خاني ۾ رکي ۽ پوءِ گھر ۾ جيڪا به عورت ٻار کي سنڀاليندڙ هجي، سا ٻار کي چمچي ذريعي وقت تي اها ٿڃ ڏي. انهيءَ سان ڪوبه نقصان ڪون ٿيندو.