سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

اک جي سفيد پردي جي سوڄ, اک جو اٿڻ، اک جو سڄڻ

Conjunctivan – اک جي ڳاڙهاڻ، انگوري پردي جي سوڄ Chemosis، اک جي پنبڙيءَ جي سوڄ، پونءَ جو وهڻ Purulent discharge، اک مان پاڻي جو وهڻ يا ڳوڙها اچڻ ۽ اک جو سڄڻ:

[b]سبب: Causes
[/b] اک جو سڄڻ Chemical Conjuctivitis عام ٿيندو آهي. زندگيءَ جي پهرين 24 ڪلاڪن ۾، يعني پهرين ڏينهن 1st day.
 سوزاڪ Gonorrhea ٻئي هفتي ۾.
 ڪليمبڊيا Chlamydia ٻئي هفتي ۾ عام ٿيندو آهي. دوا سلورنائٽريٽ ۽ ايروٿرومائيسن جي ڪري ٿئي ٿو.
 سوزاڪ جنهن جو مدو 2 کان 5 ڏينهن آهي.

[b]مونجھارا Complications
[/b] اک جو ناسور يا زخم، اک جي اندرين بناوٽ ۽ سوزش (Iridocyclitis)، معدي جو ٽنگ (Perforation)

[b]علاج: Treatment
[/b]سوزاڪ: سيفٽريڪزان Ceftriaxone :
اُٻاريل پاڻي يا Normal saline سان ڌوئڻ گھرجي.
ڪليمڊيا : ائرو ٿرومايسين Erythromycin وات جي ذريعي (Po) ٻن هفتن لاءِ ۽ نارمل Saline سان اک کي ڌوئڻ گھرجي.