سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

پيٽ جا ڪيڙا Worms Helminths

ڪيڙا (Parasites) جيڪي ماڻهن ۾ ظاهر ٿين ٿا جيڪي ماڻهن ۾ انفيڪشن ڪن ٿا. اهي ٻار جيڪي مٽي کائن ٿا، ڀت تي رنگ ٿيل پينٽ يا ڪلر پٽي کائن ٿا يا پٽا وغيره کائن ٿا. انهن ۾ ڪيڙا گهڻا ٿين ٿا.
ڪيڙن جا ڪيترائي قسم آهن. پر خاص ٽي آهن:
1. گول ڪيڙا (Ascaris Lumbricoides) به چئبو آهي.
2. ڪنڊيدار ڪيڙا (Acylostoma Duodenale) انهي کي Hook Worm به چئبو آهي.
3. سيڪيون (Enterobiuis Vermicularis) ان کي Pin Worm به چئبو آهي.

[b]بيماريءَ جي ڄاڻ (Epidemiology)
[/b]زمين مان تبديل ٿيندڙ ڪيڙا جنهن کي آنڊن جا ڪيڙا چوندا آهن. هي سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا. تازي اندازي موجب گول ڪيڙا 1 billion ماڻهن تي بيماري حملو ڪري ٿي.
بيماري ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي ڪاڪوس ۾ ڪيڙن جا آنا ڦهلائين ٿا زمين ۾ ۽ پوءِ اهي کاڌي کي خراب ڪن ٿا.

[b]1. گول ڪيڙا (Ascaris Lumbricoides)
[/b]گول ڪيڙا شڪل شبيهه ۾ زمين ۾ رهندڙ ساپن جهڙا ٿيندا آهن.
هي ڪيڙا هڪ کان 6 سالن جي ٻارن ۾ ٿين ٿا. اڪثر ٻارن کي پيٽ ۾ سور ٿئي ٿو. ڪافي دير کان پوءِ کنگهه، بلغم ۾ رت اچي ٿو. گول ڪيڙن جي ڪري پيٽ سڄي پئي ٿو.

[b]علاج:
[/b]• ميبنڊيزول (100mg (Mebendazole ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٽن ڏينهن لاءِ
• يا پارينٽل پاموٽ 11mg/kg (هڪ گرام تائين)
• يا البينڊيزول 400mg هڪ دفعو
• يا نائيٽرو آڪسائيڊ (Nitazoxanide) 500mg ٻه دفعا ٽن ڏينهن لاءِ

[b]2. ڪنڊيدار ڪيڙا (Acytostoma Duodenals)
[/b]هي ڪهڙي به عمر ۾ ٿيندا آهن. گرم ساحل ۽ زمين تي ٿيندا آهن. انسان کي انهيءَ جي چمڙي (Skin) کي انفيڪشن ڪري داخل ٿيندا آهن. پوءِ اهي ڦڦڙن ڏي منتقل ٿيندا آهن ۽ آخر ۾ ننڍي آنڊي ۾ رهندا آهن. اتي اهي ڪيڙا وڌي وڏا ٿيندا آهن. آنڊن جي ديوار سان لڳي ويندا آهن. اهي پوءِ اتي رت چوسڻ شروع ڪندا آهن ۽ آنا پڻ لاهيندا آهن.
نشانيون (Clinical Features)
(Anemia) رت جي گهٽتائي تمام گهڻي هوندي آهي. جسم ۾ خارش پڻ ٿيندي آهي، پيٽ جو سور به ٿيندو آهي. پيٽ سڄي ويندو آهي ۽ آفريل لڳندو آهي ۽ دست پڻ ٿيندا آهن. هڪڙو ڪيڙو 0.2–0.5 ml بلڊ رت چوسي ٿو هڪ ڏينهن ۾.

[b]علاج:
[/b]• البيڊيزون 400mg هڪ دفعو.
• يا مينڊيزول ٻه دفعا ڏينهن ۾ ٽن ڏينهن لاءِ.
• يا پارينٽل پائموٽ 11mg/kg يا (تقريباً هڪ گرام) ٽن ڏينهن لاءِ ۽ رت وڌائڻ جي دوا به ڏيڻ گهرجي.

[b]3. سيڪيون (Enterobius Vermicularis)
[/b]هي ڪيڙا ڪهڙي به عمر ۾ ٿي سگهن ٿا. هي ڪيڙا خراب گندن هٿن جي ڪري، گندن ڪپڙن جي ڪري ۽ گهرجي مٽي جي ڪري ٿين ٿا.

نشانيون (Clinical Features)
هي ڪيڙا ٻارن جي وڏي آنڊي ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ سولائي سان ٻارن جي ليٽرين واري جاءِ تي پهچي آنا لاهين ٿا ۽ ويهڪ واري جاءِ تي خارش ڪن ٿا ۽ ٻارن جي ننڊ حرام ڪن ٿا. ٻار خارش ڪرڻ لاءِ دانهون ۽ رڙيون ڪندا آهن.

علاج:
• پارينٽل يا موٽ 11 mg/kg هڪ دفعو يا هڪ گرام تائين ڏئي سگهجي ٿو.
• موبينڊيزون 100 mg هڪ دفعو يا لابينڊيزون400mg هڪ دفعو.
• دوائون ٻن هفتن کان پوءِ وري ڏيڻ گهرجن.

[b]نشانيون (Clinical Features)
[/b]خاص ڪري ڪي به نشانيون نه آهن.
• پيٽ واريون نشانيون: الٽي، دست، ڪئي اچڻ، معدي جو سور، پيٽ جو وڌڻ.
• رت جي کوٽ (Anemia) ۽ واڌ ويجهه جو گهٽجڻ.

[b]بچاءُ ۽ حفاظت:
[/b]• سٺي صحت
• هٿ هر وقت صاف رکڻ گھرجن.
• صاف سٿرو پاڻي پيئڻ گهرجي.
• سٺو کاڌو صحيح پچائي کائڻ گهرجي.
• ٻارن جو ڪاڪوس خاص جڳهه تي اڇلڻ گهرجي.

[b]ڏاهپ جا موتي (Pearls of Wisdom)
[/b]هميشه انهن ٻارن ۾ ڪيڙا تصور ڪيو جن ۾:
• جيڪي سدائين مٽي کائيندا هجن. گنديون شيون ۽ ڀتين کي رهڙي کائن.
• جن کي رت جي کوٽ (ڪمي) هجي.
• ڪنهن به سبب جي پيٽ جو سور هجي.
• ويهڪ واري جاءِ (يا ڪاڪوس واري جاءِ) تي خارش هجي خاص ڪري رات جو.
• هميشه سڄي ڪٽنب جو علاج ڪيو نه صرف هڪ مريض جو.
• ٻئي هفتي کان پوءِ ان جو ضرور علاج دهرايو.