چڍي واري جاءِ تي خارش يا سوڄ
(Diaper Dermatitis) [/b]
جيئن ته چڍيءَ واري جاءِ گرم هوندي آهي. اڪثر ڪري اِها جاءِ نرم پڻ هوندي آهي ۽ بار بار ڪاڪوس ڪرڻ جي ڪري خراب ٿي ويندي آهي. چڍي واري جاءِ تي خارش خاص ڪري هڪ سال جي اندر ٻارن ۾ (Infancy) ڏٺي وئي آهي ۽ خارش وڏن ٻارن کي پڻ ٿيندي آهي.
[b]چڍي واري جاءِ تي آزاريندڙ خارش
[/b](Irritant Diaper Dermatitis)
چمڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، بار بار صاف ڪري گهِڪو ڏيڻ ۽ گھڻي عرصي تائين ڪاڪوس ۽ پيشاب جي محنت ڪرڻ، خارش جي صابڻ ۽ ملم لڳائڻ جي ڪري ڦرڙين سان ڀريل ڳاڙها داڻا، ڏار يا چير وانگر اڀريل هوندا آهن:
[b]علاج:
[/b] جلدي جلدي چڍي مٽائڻ گھرجي.
پيار سان ڪپهه ۽ ڪپڙي سان صاف ڪرڻ گھرجي.
ڪابه سڻڀي شي لڳايو ۽ ملم جو تهه ڏئي ڇڏيو.