قبضي (Constipation)
[b]بيماري ٿيڻ جا سبب: Causes of Constipation
[/b]• عذائيت جي گھٽتائي (اڻپوري خوراڪ) (Malnutrition)
• پاڻياٺ جي گهٽتائي (Dehydration)
• ڳري (وڏي) کاڌي جي گھٽتائي (Lack of bulk in food)
• وڌيڪ کير پيئڻ (واپرائڻ) (Excessive milk intake)
• موڪا يا ڇپ جا ڏار (Hemorrhoids, anal fissure)
• دوائون: مثلاََ ڪيلشم، زڪام ۽ ننڊ لاءِ (Drugs, Calcium)
• ٿارائيڊ هارمون جي گھٽتائي (Hypothyroidism)
• اڌ رنگ جي بيماري، جسم جو هڪ پاسو سڪي وڃڻ(Cerebral Palsy)
• رت ۾ ڪيلشم جو ضرورت کان وڌيڪ مقدار جو هجڻ (Hyper – Calcemia)
• وٽامن D جو نشو ۽ خمار (Vitamin D – Intoxication)
• ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته آنڊن جي حرڪتي نظام جي ڪم ڪار ۾ گھٽتائي ٿي پوندي آهي. جنهن ڪري آنڊن (خاص ڪري ننڍي آنڊي) جي فعل ۾ سستي يا گھٽتائي اچي ويندي آهي. ان عمل جي ڪري به قبضي ٿيندي آهي.
• ٿڃ پياڪ ٻار کي قدرتي طور دست ۽ ڪڏهن ڪڏهن قبضي ٿيندي آهي، جا چار يا پنج ڏينهن هلندي آهي. پوءِ ڄٽ ڊاڪٽر اهو فرمان جاري ڪندا آهن، ته ماءُ جو کير ٿڃ خراب آهي يا ماءُ کي قبضي آهي.
• ٻارن کي سايون ڀاڄيون گهٽ کارائڻ، گوشت وڌيڪ کارائڻ، مڇي گهٽ کارائڻ يا بلڪل به نه کارائڻ، فروٽ بنهه نه کارائڻ (انهيءَ ڪري قبضي ٿئي ٿي).
• ٻار کي ڪوشش ڪري گهر ۾ تيار ٿيل شيون ڏيڻ گهرجن، بجاءِ طور ٻاهريون فاسٽ فوڊ کان.
• گهڻي کير پيارڻ سان به وڏن ٻارن ۾ به قبضي ٿي ويندي آهي.
• ٻارن کي دٻي جو کير يا پائوڊر جو کير نه ڏجي ته بهتر، پر ڪمزور ٻارن کي قدرتي کير، ماءُ جو کير، ڳئون، مينهن ۽ ٻڪري جو کير ڏيڻ گهرجي، انهيءَ سان قبضي گهٽبي آهي.
• ٻارن کي نيراني چانهن نه پيارڻ گهرجي، نيراني چانهن پيئڻ ڪري ٻار جي معدي جو اندريون تهه خشڪ ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو.
• ٻارن کي مقرر وقت تي ڪاڪوس ڪرائڻ جي عادت به وجهڻ گھرجي وڏن ٻارن کي ڪاڪوس اچي ته راند روند جي ڪري ڪاڪوس ناهن ڪندا، پوءِ قبضي ٿي ويندي آهي. ماءُ کي ٻار تي توجهه ڏيڻ گهرجي، ماءُ کي گهرجي ته پنهنجي هٿ جون شيون ٺاهي ٻارن کي کارائڻ گهرجن. پر دير جي سبب يا اچڻ وڃڻ جي ڪري، ٻاهريون شيون کائڻ جي ڪري قبضي ٿي ويندي آهي.
• مٺڙي مائن کي ننڍڙو عرض آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي مصروفيتن سبب ٻار کي ڪا به نشي جي دوا نه ڏيو. وقت بچائڻ خاطر ٻاهريون شيون نه ڏيو. صرف ۽ صرف پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيون ڏيو.
[b]قبضي کان بچڻ لاءِ ضروري اُپاءُ (Preventive Measures)
[/b]• ٻارن کي چاهي معصوم هجي يا وڏو مقرر وقت تي ڪاڪوس ڪرڻ جي عادت وجهڻ گهرجي.
• ٻارن کي خالي پيٽ تي هر حال ۾ چانهه نه پيارڻ گهرجي.
• خاص ڪري انهن ٻارن جي سامهون چانهه تيار نه ڪيو يا وري پئو، معصوم ٻار ڪاپي ڪندڙ آهن، جڏهن اهي ڏسن ٿا ته اسان جا والدين اهيو سٺو ڪم ڪن ٿا ته اسان ڇو نه. پوءِ اهي روئي به مسئلو حل ڪرائيندي چانهه پئن ٿا.
• وڏن ٻارن کي سيکارجي ته دير تائين کاڌو چٻاڙي کائين.
• ٻارن کي ٻاهريون کاڌو مثلاً فاسٽ فوڊ کان پاسو ڪرائجي ۽ تريل شيون به پاسو ڪرائجي ته بهتر.
[b]علاج (Treatment)
[/b]• پاڻياٺ (Liquid) واريون شيون وڌائڻ گهرجن. ڪتر ٿيل کاڌو، ڪڻڪ، فروٽ ۽ ڀاڄيون ڏيڻ گهرجن.
• ڪاڪوس نرم ڪرڻ واريون دوائون ڏيڻ گهرجن مثلاً Lactulose ۽ Liquid Parrafin
• ٻار کي ڪاڪوس ڪرڻ جي عادت سيکارجي پر مقرر وقت تي.