ٻار بابت ڄاڻ ۽ چڪاس
[/b](History and Examination of New Born)
ٻارن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ وڏن مريضن وانگر آهي، پر هيٺين بابن (Chapters) ۾ مختلف آهي.
1. پيدا ٿيڻ متعلق ڄاڻBirth History
2. ٻار جي خوراڪ متعلق ڄاڻ Feeding / Nutrition History
3. ٻارن جا حفاظت ٽُڪا Vaccination History
4. ٻار جي جوڙجڪ Developmental History
ٻارن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون، مريضن جي والدين، ٻار کي آڻيندڙ جي وڏو ٻار آهي ته ان کي پاڻ متعلق ٻڌائجي ته آءُ ڊاڪٽر آهيان ۽ مريض کي چڪاسڻ چاهيان ٿو ۽ چڪاسڻ لاءِ اجازت وٺجي.
عام طور جيڪو به مريض کي کڻي اچي ته ان کان ٻار متعلق ڄاڻ حاصل ڪجي، جي ٻار جي ماءُ آئي آهي ته اهيو سڀ کان بهتر آهي ته ان کان ڄاڻ حاصل ڪجي ۽ جي ٻار وڏو آهي ته کيس کان پڇجي ته بهتر.
سڀ کان پهريون ٻار جي ماءُ کي ٻڌجي، آرام سان انهي جون سڀ شڪايتون ٻڌجن. وچ ۾ نه ڳالهائڻ گهرجي ۽ ان وقت ڪو ئي به سوال نه ڪرڻ گهرجي.
ڄاڻ حاصل ڪرڻ دوران، ڪڏهن ۾ فون استعمال نه ڪرڻ گهرجي يا واچ ڏي نه ڏسجي. انهي دوران ٻار جي چرپر (Activity) کي ڏسندو رهجي.
هي شيون رڪارڊ ڪرڻ گهرجن، مثال طور عمر، ڄم جي تاريخ، مريض جي جنس (مرد يا عورت) ۽ ائڊريس بعد ۾ مريض جي موجوده تڪليف متعلق پڇڻو آهي، پوءِ جلدي سان نوٽ ڪرڻيون آهن.
مثال طور – دست = 10 ڏينهن کان
بخار = 5 ڏينهن کان
الٽي = ڪڏهن ڪڏهن
سڄي ڪهاڻي مريض کي آڻيندڙ کان آرام سان ٻڌجي. پوءِ ان جي تفصيل ۾ وڃجي ۽ آخر ۾ سوال به پڇڻ گهرجن. ڪڏهن کان ۽ ڪيترا دست آهن. ان سان گڏ بخار آهي، بخار ڪڏهن گهڻو هوندو آهي صبح يا شام. ڪڏهن ۽ ڪيئن وڌي ٿو. بخار سان گڏ الٽي به آهي. الٽي ڪهڙي قسم جي آهي. ڀرسان ڪري ٿي يا پري وڃي ڪري ٿي (Projectile vomiting) الٽي ۾ صرف کير ڪڍي ٿو يا پاڻي اچي ٿو.
دست ڪيترا، ڪهڙي قسم جا آهن. رنگ ڪهڙو اٿن.
[b]ٻار جي گذريل وقت متعلق ڄاڻ (Past History)
[/b]ٻار جي پيدا ٿيڻ متعلق پڇڻو آهي ته ڪيئن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو. نارمل يا آپريشن سان پيدا ٿيو. پيدا ٿيڻ کان فورن رنو هو يا نه، نيلو پيلو ته نه ٿيو هو، ڪو ئي ٻار ڄمڻ کان اڳ، يا ويم دوران پيٽ ۾ مئل ٻار پيدا ته نه ٿيو هو. ماءُ کي خطرناڪ بيماري هجڻ ڪري يا وري ٻار کي ڪو به مسئلو هجڻ ڪري زوري پيدا ته نه ڪيو ويو (Termination)
ٻار متعلق، حمل جي ڄاڻ ۽ پيٽ ۾ ٻار هجڻ دوران ڄاڻ حاصل ڪرڻ Antenatal History
ماءُ متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ، پيٽ (حمل) دوران ماءُ جي صحت ڪيئن هئي. کائڻ پيئڻ ڪئين هيو. حمل دوران ماءُ کي ڪا بيماري مثلاً بلڊ پريشر، مٺو پيشاب (Diabets M) رت اچڻ، پيشاب جي خرابي، ٽي.بي، ڪا به هيپٽائٽس، ڪينسر وغيره. حمل جي آخري وقت X-ray ته نه ڪڍرايو.
[b]ويم دوران ڄاڻ حاصل ڪرڻ History of Delivery
[/b]پيدائش متعلق (Natal History) هيٺيان سوال پڇجن:
• ڇا ويم گهر ۾ ٿيو يا اسپتال ۾؟.
• ڇا ويم دائي کان ڪرايو ويو يا ٽرينڊ هيلٿ ورڪر کان يا ليڊي ڊاڪٽر کان.
• ڪيتري وقت ۾ ويم ٿيو.
• ٻار آرام سان ٿيو يا وري اوزارن سان (Forceps) يا مورڳو آپريشن سان.
• ٻار کي شيشي ۾ رکيو ويو يا کٽ ۾ يعني راڊ جي هيٺيان، رت وغيره ته نه لڳو يا مٽايو ويو.
[b]پيدائش کان پوءِ جي ڄاڻ (Post Natal History)
[/b]• ڇا ٻار ڄمڻ کان پوءِ رنو هيو؟.
• ٻار ڄمڻ وقت نيلو يا پيلو ته نه ٿيو هيو.
• آڪسيجن ته نه لڳي هئي.
• ٻار کي بخار ٿيو هيو، سائي (Jaundice) ۽ جهٽڪا (Convulsion)
• رت ته نه لڳو يا ڪڍيو ويوExchange transfusion
[b]ٻار جي خوراڪ متعلق ڄاڻ (Feeding History)
[/b]• ڄمڻ کان پوءِ فورن ½ ڪلاڪ جي اندر ماءُ جو کير ڏيڻ گهرجي.
• ماءُ کان اهو معلوم ڪجي ته ڄمڻ کان پوءِ پهريون دفعو کير ڪڏهن ڏنو.
• ماءُ کان معلوم ڪجي ته پنهنجو کير ڏنو يا بوتل ۾ ڏنو.
• ماءُ کان پڇو ته جي پنهنجو کير ڏنو ته ڪيتري دير ڏنو.
• اِهيو معلوم ڪجي ته ڪيتري عمر ۾ عام کير ڏيڻ شروع ڪيو.
• دٻي وارو کير ڪڏهن شروع ڪيوَ.
• کير سان گڏ ڪا به طاقت جي يا رت وڌائڻ جي دوا ڏنوَ.
• ڪيتري عمر ۾ Solid food ڪيترو ۽ ڪهڙو ڏنوَ.
• هاڻي ڇا پيا ڏيو.
[b]حفاظت ٽُڪا (Vaccination History)
[/b]هن وقت تائين ڪهڙا حفاظتي ٽُڪا هڻايا آهن. ڪيتري عمر ۾.
ٻار جي اوسر متعلق ڄاڻ (Developmental History)
ٻار جي اوسر ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح ٿي.
• ڪيتري عمر ۾ ٻار پهريون کليو.
• ڪڏهن ٻار ڪنڌ جهليو.
• ڪڏهن ٻار ويٺو.
• ٻار ڪڏهن بانبڙا پاتا، ڪڏهن بيهڻ جي لائق ٿيو.
• هلڻ ۽ ڳالهائڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو.
[b]اسڪول جي ڄاڻ (Schooling History)
[/b]اسڪول جو نالو، ڪلاس پروگريسو رپورٽ، ٻين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سان رويو. ٻار اسڪول ۾ ٻين ٻارن سان وڙهي ٿو ڇا؟ ۽ گڏجي انهن سان راند روند ڪري ٿو.
[b]خانداني ۽ سماجي ڄاڻ (Family and Social History)
[/b]• والدين جو عمريون.
• شادي کي ڪيترو عرصو ٿيو آهي؟.
• سوٽ ۽ ماسات ڪيترا آهن، اهي گڏ رهن ٿا؟.
• گهر ۾ ٻيا ڪيترا ٻار آهن ۽ سندن عمريون.
• گهر ۾ ڪيترا ڪمرا آهن ۽ هر ڪمري ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا.
• والدين جا ڌنڌا ۽ انڪم.
• خاندان ۾ ڪا بيماري، جهڙوڪ ٽي.بي (T.B) شگر جي بيماري (Diabetic)
• پاڻي نلڪي جو يا ٽانڪي جو آهي.
• گهر ۾ پالتو جانور ۽ پکي آهن.
[b]جسماني چڪاس (Physical Examination)
[/b]چڪاس ڪرڻ کان پهريون مرض کي کڻي ايندڙ (پيءُ،ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ) کي پاڻ متعلق ٻڌايو، ته آءُ ڪير آهيان ۽ ڇا ڪرڻ چاهيان ٿو. ماءُ کان ٻار جو نالو معلوم ڪيو ۽ ٻار سمجهه سان آهي ته سندس سان هٿ ملايو ۽ نالو به پڇو. سڀ کان پهريون ٻار تي نظر وجهو، مٿي کان وٺي پيرن تائين ۽ جي ڪا شيءِ نظر اچي ته فورن معلوم ڪيو.
ٻار کي پيار ۽ آرام سان ڏسو، ان سان ڪچهري به ڪندا رهو. ٻار کي ڪا به تڪليف نه ڏيو، ٻار کي ڪو به دڙڪو نه ڏيو.
نئين ڄاول ٻار کي ۽ وڏي ٻار کي سمهاري ڏسي سگهو ٿا. بخار ننڍن ٻارن کي 1oF گهٽ ٿيندو آهي بنسبت وڏن ٻارن جي.
• ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وزن، ڊيگهه، مٿي جي ويڪر ڏسڻي آهي.
• ننڍي ٻار کي سمهاري، ان جي ڊگهائي يا ڊيگهه (Length) ۽ وڏي ٻار کي بيهاري اوچائي يا قد (Height) ڏسڻي هوندي آهي.
• اکيون به ڏسڻ گهرجن مختلف بيمارين لاءِ، مثال طور اکين ۾ موتيو يا ڦُلو (Cataract)، سائي (Jaundice)، اکي جي تاري جي تيز تيز ڦرڻ (Nystagmus)، ٽيڏو (Squint)، اک جي مٿئين چپر جو لقوو (Ptosis)
• ڪَنَن (Ears) کي ڏسڻو آهي ته صحيح آهن يا نه، ننڍا ڪَنَ (Low Set Ears)، شڪل يا نمونو (Shape) ڪيئن اٿس، ڪنن ۾ ڇا ميڻ (Wax) آئس.
• نڪ (Nose)، نڪ جي شڪل ڪهڙي آهي يا نمونو (Shape) جهڪيل نڪ، ٽيڙو نڪ، ناسون ويڪريون ۽ نڪ مان ڪجهه وهي رهيو آهي.
• منهن (Face) ڏيک يا صورت ڪيئن آهي منهن جي صنف جو رنگ ڪيئن آهي، داڻا يا ڪو نشان آهي.
انهيءَ کان پوءِ هر سسٽم جو ڌار ڌار معائنو ڪيو ۽ مختلف سسٽم ۾ شيون ڏسجن.
ساهه وارو سسٽم = Respiratory System
ٻارن جي ساهه جي رفتار هڪ منٽ ۾ Normal Range
نئون ڄاول ٻار 30-60 Neonate
هڪ سال جو 20-40 Infant
هڪ کان 3 سالن تائين 20-30
4 کان 10 سالن تائين 15-25
10 سالن کان پوءِ 15-20