سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

پيچش (سُوري) (Dysentry)

پيچش وڏي آنڊي جي بيماري آهي. پيچش جي ڪري وڏي آنڊي ۽ ويهڪ جي جاءِ ۾ سور ۽ سُوڄ (Inflammation) ٿي پوندو آهي. جنهن ڪري ٻار کي پيٽ ۾ وٽ، مروڙ ۽ هر هر ذرو ڪاڪوس ايندو آهي. هن بيماري ۾ ٻار کي ڪاڪوس ۾ رت ايندي آهي. لئي جهڙو چيڙهو ڪاڪوس، جنهن ۾ گند هوندو آهي. انهن ٻارن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿيندي آهي جيڪي ڳتيل جڳهن ۾ رهن ٿا ۽ غير معياري کاڌو کائن ٿا، گندو پاڻي پيندڙ ۽ پارٿو ميوو کائيندڙ ٻارن کي عام ٿيندي آهي.

پيچش جا ٻه قسم ٿين ٿا:
1. هڪ خوني (عام) پيچش (Bacillary Dysentry)
2. دائمي (ايموبئڪ) پيچش (Amoebic Dystentry)
خوني پيچش ۽ هن قسم جي پيچش ٿيڻ جو سبب شگيلا (Sheigilla) نالي قسم جي جيوڙن جو هڪ گروپ آهي. هن ۾ چار قسمن جا Sheigillah جيوڙا آهن.

[b]پکڙجندڙ (Epidemiology)
[/b]هي خاص بيماري. جيڪا شروع ۾ هڪ کان 10 سالن جي ٻارن ۾ ڏٺي ويندي آهي. هن بيماريءَ ۾ 6 مهينن تائين (Infection) زخم نظر نه ايندو آهي، ڇو ته ٻار ٿڄ پيئندڙ آهي. انسان ۾ ئي خاص انفيڪشن هوندو آهي.
هن بيماري کي وڌائڻ لاءِ غير معياري کاڌو ۽ گدلو پاڻي جو وڌائڻ ۾ اهم ڪردار آهي.
مدو: هڪ کان 7 ڏينهن آهي، عام طور 2 کان 4 ڏينهن آهي.

[b]بيماريءَ جو علامتون (Clinical Feature)
[/b]• هي بيماري اوچتي (Abrupt) ٿيندي آهي.
• ٻار کي پهريائين پيٽ ۾ گرڙاٽ، پوءِ پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي. ڏينهن ۾ ٽي چار دفعه نرم ڪاڪوس ايندو آهي.
• ٻار کي بخار 104oF تائين ٿيندو آهي ۽ 1 کان 3 ڏينهن هلندو آهي ۽ بعد ۾ ڇڏيندو آهي.
• دست ۽ الٽي جي ڪري جسم مان پاڻياٺ جي گهٽتائي ٿيندي آهي.
• پاڻي جهڙا دست يا گهمرن ۾ رت ايندو آهي.
• هن بيماريءَ جون علامتون 3 کان 7 ڏينهن ۾ ختم ٿي وينديون آهن.
• ٻار کي جيئن ئي جلاب ٿيندا آهن تيئن ئي ٻارن کي پيٽ ۾ سور ۽ مروڙ ٿي پوندا آهن. جلابن جي ڪري ٻارن کي ويهڪ واري جاءِ چپ ۾ سُور، باهه ۽ سوزش ٿيندي آهي. ان وقت ڪاڪوس جو ڦوڳ (Faccel) گهٽ، پر رت وڌيڪ ايندو آهي. ان وقت ٻار کي نهائين ۾ سور ٿيندو آهي، جيڪو تمام گهڻو هوندو آهي. انهيءَ ڪري ٻار ڏوَڙو ٿي پوندو آهي.
• جڏهن ٻار کي مرض وڌندو آهي، ته ٻار کي بخار ٿي پوندو آهي. جنهن سان گڏ جسم جو پاڻي سڪي خشڪ (Dehydration) ٿي ويندو آهي. ان سان گڏ ڪمزوري، مٿي جو سور ۽ پيڙا ٿيندي آهي. سور جي ڪري ٻار جو جسم ٽٽندو آهي، انهيءَ دوران ٻار بار بار رڙيون ڪري مٿي ۽ ٽنگن کي زور ڏياريندو آهي.

[b]مرض جي تشخيص (Diagnosis)
[/b]مريض جي ڪاڪوس (Stool DR) يا ڪاڪوس جو Stool Culture ڪرائبو ته، ان مان خبر پوندي ته ٻار جي ڪاڪوس ۾ ڳاڙهي رت (Red Blood) پس سيل (Pus Cells) ڪيترا آهن ۽ شگيلا جي ڪهڙي قسم جا جيوڙا آهن. جن سان ٻارن ۾ زهر ڦهلجي ويندو آهي. انهن جي رت جو ڪلچر (Blood Cultures) +ve صحيح هوندو آهي.

[b]ڏکيائي مونجهارا (Complications)
[/b]• جسم جي پاڻياٺ جي ڪمي، پيشاب جو گهٽ، تيزابيت لوڏو (Shock)
• بخار وارا جهٽڪا يا هلچل (Febrile Seizure)
• ويهڪ واري جاءِ تي گوشت جو وڌڻ (Rectal Prolapse)
• ڪاڪوس ۾ رت جو اچڻ (Blood in Stool)

[b]احتياط وارا اُپاءُ (Prevention)
[/b]• ماءُ کي پنهنجي ٻار کي 2 سالن تائين صرف پنهنجو کير ڏيڻ لاءِ همٿائجي.
• صابڻ سان هٿ صاف ڪرڻ گهرجن، ٻارن کي ڪاڪوس ڌورائڻ وقت ۽ ماني پچائڻ وقت يا کاڌو ڏيڻ وقت.
• ٻار کي پاڻي اُٻاري ڏيڻ گهرجي، جي ٻار ليٽرين کان سواءِ ٻاهر ڪاڪوس ڪيو آهي ته ان کي ڦورن صاف ڪرڻ گهرجي.
• ٻار جي کاڌي پيتي جو خيال رکڻ گهرجي. کير پياريندڙ ماءُ کي يا سندس وڏي ٻار کي مرچ مصالا (خاص ڪري لونگ وڏو ڦوٽو) ديڳ جو ڀت، وڏو گوشت، آچار، ليمون، اڻ پڪل يا تمام گهڻو پڪل، ميوو، کٽو ۽ ترش ميوو، پاروٿو کاڌو نه ڏجي.
• هي بيماري اڪثر ڪري گرمي جي موسم ۾ ٿيندي آهي، زور به وٺندي آهي. برسات جي موسم ۾ ٻار راند روند ڪرڻ کان پوءِ هڪدم ٿڌي شيءِ کائيندا آهن. انهن لي منع ڪرڻ گهرجي، برسات ۾ وهنجڻ کان ٻار کي منع ڪرڻ گهرجي.

[b]علاج (Treatment)
[/b]ٻار کي جيڪڏهن پاڻياٺ جي گهٽتائي آهي ته ان کي ORS جي پاڻي سان ان کي دور ڪجي، جي پاڻياٺ جي گهٽتائي ان سان به نه گهٽجي ته پوءِ ٿيلهي (Drip) چاڙهجي.
• Antibiotic تڏهن ڏجي، جڏهن Stool Sulture جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ان مطابق ڏجي.
• Antibiotic صرف 5 ڏينهن لاءِ ڏجي.
• دوا مثلاً: سيپٽران، ايمپسلين، نيگرام، سپرو فلاڪس، ٽيٽا سائڪلين، سيفڪزين، ايزو ٿرومائن 12 mg/kg جسم جي وزن سان پهرين ڏينهن ۽ پوءِ ٻي ڏينهن کان 6mg/kg جسم جي وزن سان 4 ڏينهن تائين ڏجي.