سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

هلچل/ جهٽڪا (Convulsion)

هي جهٽڪا (هلچل) اڪثر ڪري بخار جي ڪري ٿين ٿا، جيئن ئي بخار وڌندو تيئن ئي هلچل ٿيندي. وچندڙ مرض (Infections) جي ڪري ٿئي ٿي. جيڪو سڌي طرح دماغ کي رڌل نٿو رکي.

[b]بخاري هلچل لاءِ اندازو Criteria for Febrile Seizure
[/b]• عمر 3 مهينن کان 5 سال، گهڻا بخاري هلچل 6 کان 18 مهينن جي وچ ۾ ٿين ٿا.
• بخار 38.8oC، اُهي مرد ٻارن ۾ عورت ٻارن کان ٻيڻا ڏٺا ويا آهن.
.
[b]نشانيون Clinical Feature
[/b]• خاص قسم جي بخاري هلچل Atypical Febrile Convulsion
• عمر 6 مهينن کان 5 سالن، اهي جهٽڪا اڪثر مشقن کي ڇڪيندڙ Tonic Clonic هوندا آهن، ۽ 15 منٽن کان گهٽ وقت هلندا آهن.
• منجهيل بخاري هلچل = 6 مهينن کان گهٽ يا 5 سالن کان وڌيڪ

[b]مرڪز شعاع هلچل (Focal Convulsion)
[/b]هن ۾ جهٽڪن جو وقت 15 منٽن کان وڌيڪ آهي. ساڳي بيماري وري به هلچل پيدا ڪري سگهي ٿي. هن ۾ ساهه واري سرشتي ۾ تڪليف ۽ زخم جي ڪري به هلچل پيدا ٿيندي آهي.

[b]چڪاس ڪرڻ (Investigations)
[/b]1. رت جي چڪاس (Blood Count)
2. شگر جي چڪاس (Blood Sugar)
3. ڪيلشيم (Calcium)
4. ڇاتي جو ڦوٽو (X-ray Chest)
5. بلڊ يوريا (Blood Urea)
6. پليٽيليٽ ڪائونٽ (Platelat count)
7. بلڊ ڪلچر (Blood C/S)
8. دماغ جو الٽرا سائونڊ (U/S of brain)
9. دماغ جو ايڪسري (X-ray Skull)
10. چيلهه جي پاڻي جي ٽيسٽ (CSF D/R & C/ S)
11. دماغ جو C.T.Scan ۽ M.R.I

[b]علاج (Treatment)
[/b]ٻار کي داخل ڪريو، جيڪڏهن هي دورو پهريون دفعو پيو آهي ۽ جيڪڏهن ٻار صحيح نه آهي ته پوءِ ABCجو علاج ڪرڻ گهرجي.
هلچل کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فينوباربٽين لوڊنگ ڊوز Phenobrabition I.V 20mg 1kg، جلدي ۾ State ۽ پوءِ وات ذريعي 3-5mg/kg ڏينهن ۾ ، 7 کان 10 ڏينهن لاءِ.
سُئي لارجيڪٽال Largectal 0.2mg/ kg / dose Ing: هر ڇهه (6) ڪلاڪن ۾ ڏيڻ گھرجي ۽ Diazepan 0.2mg/ kg/dٻار کي جيڪڏهن بخار آهي ته عام پاڻيءَ جون پٽيون رکجن، ۽ بخار کي روڪڻ لاءِ پيرا سٽامول ۽ برفين ڏجي. ان سان گڏجي اينٽيبايوٽڪ Antibioticجي ضرورت محسوس ڪريو ته ڏيڻ گهرجي.
ڪهڙن ٻارن ۾ هي ڪيفيت بار بار ٿيندي آهي.
جيڪڏهن ٻار کي پهريون دفعو هڪ سال کان گھٽ عمر ۾ جھٽڪو پيو هجي.
جيڪڏهن خاندان جي ٻين فردن کي جھٽڪي جي بيماري ٿي هجي.
جيڪڏهن بخار شروع ٿيڻ سان جھٽڪا شروع ٿين.
جھٽڪن جي نوعيت ۽ سبب:
هي جھٽڪا بخار شروع ٿيڻ کان 24 ڪلاڪن جي اندر ٿي سگھن ٿا.
خاص ڪري هي جھٽڪا صرف هڪ دفعو ٿين ٿا ۽ ان جو وقت 5 کان 7 منٽن تائين هوندو آهي.
هي جھٽڪا سڄي جسم ۾ ٿيندا آهن.
هي جھٽڪا 4% کان 5% ٻارن ۾ هڪ کان زياده مرتبا ۽ ڊگھي عرصي لاءِ پوندا آهن.
دماغي طرح هي ٻارڙا بلڪل ٺيڪ هوندا آهن.

[b]ڇا هي جھٽڪا ٻيهر ٿي سگھن ٿا؟
[/b]30% کان 40% ٻارن ۾ هي جھٽڪا ٻيهر ٿي سگھن ٿا.
صرف 15%ٻارن ۾ ٽيون دفعو به ٿي سگھن ٿا.

[b]بخار جا سبب:
[/b]ڪن ۽ ڳلي جو انفيڪشن.
پيٽ جي خرابي.
پيشاب ۾ انفيڪشن.
مليريا جي ڪري بخار