سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻار جي خوراڪ:Nutrition

خوراڪ جو اصول اهو آهي ته خوراڪ ٻار جي جسم جي ضرورت مطابق ڏيڻ گھرجي.
اهو تمام ضروري آهي ته کاڌ خوراڪ متعلق ڄاڻ ضروري هجڻ گھرجي ته ڪهڙي ۽ ڪيتري، ڪهڙي وقت تي ٻار کي ڏيڻ گھرجي. ان لاءِ غذائي جز (Protein) ، ڪاربوهائڊريٽ، سڻڀ (چرٻي Fat) ۽ معدني (Mineral)ڏيڻ گھرجن.

[b]ٻار جي خوراڪ:Infant’s Feeding
[/b]خوراڪ جا اصول:Principales of Feeding
• ٻار کي خوراڪ وزن جي حساب سان ڏيڻ گھرجي.
• هڪ ڏينهن ۾ اها 110 k cal/kgجسم جي وزن سان ڏجي.
• کير 50z/kgڏينهن ۾ ڏيڻ گهرجي.
• پاڻي 150ml/kg/dayڏينهن ۾ ڏيڻ گھرجي.
• کير ۾ پاڻي ملائڻ نه گھرجي. 3 مهينن (12 هفتا) کان پوءِ.
• کير ۾ کنڊ بلڪل نه ملائڻ گھرجي. جيڪو ٻار ماءُ جي کير سان گڏ بوتل ۾ کير پئي.
• ٿورو سخت کاڌو (Solid Food)معنيٰ Wearing4-6 مهينن کان پوءِ ڏيڻ گهرجي.
• انهيءَ لاءِ ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر يا ٻارن جي اسپيشلٽ ڊاڪٽر کان مشورو ڪرڻ گھرجي.
• ٻار لاءِ ماءُ جو کير Breast Feeding ٻارن لاءِ نعمت آهي. انهيءَ جو ذڪر قرآن مجيد ۾ به آهي ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين. اهو
کير هلڪي ڦلڪي خوراڪ Weaning سان گڏ 6 مهينن کان کان پوءِ به 24 مهينن تائين پيارين.
وَ الۡوَالِدٰتُ یُرۡضِعۡنَ اَوۡلَادَہُنَّ حَوۡلَیۡنِ کَامِلَیۡنِ لِمَنۡ اَرَادَ اَنۡ یُّتِمَّ الرَّضَاعَۃَ ؕ (سورت البقرة آيت 233)
(۽ مائرون پنهنجي ننڍن ٻارن کي پورن ٻن سالن تائين ٿڃ پيارين)

[b]ماءُ جي کير جا فائدا:
[/b]Advantages of the Breast feeding
• امڙ جو کير سستو آهي. صرف ٿوري خوراڪ سان 500 cal ماءُ کي ڏيڻ سان ملندو آهي.
• امڙ سائڻ جو کير ڪهڙي وقت به ملي سگھي ٿو. ان ۾ بيماريءَ جا ڪي به جراثيم ڪونهن. ۽ تيار ڪرڻ ۾ ڪوبه وقت نٿو لڳي.
• اهو کير معمولي گرميءَ ۾ به ملي سگھي ٿو.
• اهو کير ٻار کي وڌڻ ۽ اوسر ۾ سٺي مدد ڪري ٿو.
• ماءُ جي کير سان ٻار ۽ ماءُ جي وچ ۾ محبت وڌي ٿي. کير پيئڻ سان ٻار مضبوط ۽ ماءُ ڪمزور نٿي ٿئي.
• امڙ جو کير واپرائڻ سان ماءُ کي ٻيو ٻار جلدي نٿو ٿئي. قدرتي وقفو ٿي ويندو آهي.
• ٻار کي ماءُ جو کير پيارڻ سان ڪينسر جا گھٽ چانس ٿيندا آهن.
• ماءُ جو کير جلد هضم ٿي ويندو آهي، بنسبت ڳئون جي کير کان.
• امڙ جي کير ۾ تمام گھڻيون وٽامنس ۽ رت وڌائڻ جا جزا موجود هوندا آهن.
• ماءُ جو کير ڪهڙي به مهل ۽ ڪهڙي به وقت ڏيڻ گھرجي.

[b]متضاد علامتن جو هجڻ:
[/b] Contra – Indications of Brest feeding
• ماءُ کي ڪا به خطرناڪ بيماري هجي، مثال طور پيشاب جي ڊگھي بيماري (Chronic Renal Disease)، دل جي بيماري (Heart Disease)، ٽي.بي، تمام گهڻي ڪمزوري ۽ ڪينسر.
• ماءُ جي دوا کائڻ سان ٻار تي فرق پئي ٿو. مثال طور اينٽي بايوٽڪ (Antibiotic)، جهٽڪي جي بيماري جي دوا.

[b]امڙ جي کير پيارڻ جا 5 سٺا طريقا:
[/b]1. ماءُ آرام سان ويهي ڍلو ڇڏي (Relaxed)

2. ٻار جو رخ ڪيئن هجي (Poistion of the body)
 ٻار جي ڳچي (Neck) سڌي يا ٿوري پوئتي مڙيل هجي.
 ٻار جو جسم پنهنجي امڙ جي جسم سان مليل هجي.
 ماءُ کي گهرجي ته پنهنجي ٻار جي جسم کي سپورٽ ڪري جهلي.
 ٻار جو منهن ببي ڏانهن هجي، نڪ نپل جي سامهون هجي.

3. ماءُ آرام سان ويهي
(Mother should be sitting comfortably)
 ماءُ ٻار کي پنهنجي ببي سان لڳائي ۽ ٻار جو چپ پنهنجي نپل سان لڳائي.
 ٿورو انتظار ڪجي، جيستائين ٻار پورو وات کولي.
 ٻار کي جلدي ببي جي طرف وڌائجي ۽ سندس هيٺيون چپ نپل جي هيٺيان هجي.

4. ڏسو ته ماءُ ۽ سندس ٻار جو صحيح ميلاپ آهي
(Check for Good Attachment)
 جيڪڏهن صحيح ۽ سٺو ميلاپ هوندو ته ٻار جي کاڏي ببي جي ڀرسان هوندي ۽ ان کي ڇهندي رهندي.
 ٻار جو وات گهڻو کليل هوندو.
 ٻار جو هيٺيون چپ ٻاهر نڪتل هوندو.

5. ڏسو ته ٻار صحيح چوسي ٿو؟ (Check for effective sucking)

هٿرادو خوراڪ (Artifical Feeding)
فارمولا کير بلڪل انساني کير جي قريب آهي، مهانگي هجڻ ڪري، ڳئون يا مينهن جو کير استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه فارمولا کير ته وٽامنس ۽ آئرن (Iron) سان مضبوط هوندا آهن. پائوڊر وارو کير ته پنهنجي اسٽريڪشن ذريعي ڏبا آهن. ڳئون جو کير هيٺين حساب سان ڏيڻ گهرجي.

ڳئون جو کير Cow’s milkپاڻي Water
• پهريان 10 ڏينهن هڪ حصو کير ٻه حصا پاڻي.
• 10 کان 12 ڏينهن هڪ حصو کير هڪ حصو پاڻي.
• ٻن مهينن تائين ٻه حصا کير هڪ حصو پاڻي.
اسان وٽ وري مختلف طور طريقا آهن. ويچارا سادا سودا اسان جا ماڻهو، ڄٽن ڊاڪٽرن. دائين ۽ ناني ڏاڏي وٽ ڦاسيو وڃن. جي ڪٿي پڙهيل ڳڙهيل ماءُ آهي ته اُها وري پنهنجي سسُ ۽ ماءُ اڳيان مجبور هوندي آهي.

[b]کير پيارڻ جي شروعات: Initiation of Feeding
[/b]ٻار جي پيدا ٿيڻ جي 20 منٽن اندر يا بعد ۾ کير پيارجي. جي آپريشن ٿيل هجي ته به کير ٻار کي ضرور پيارجي. سڀ کان پهرين ماءُ جو کير ٻار لاءِ تمام ضروري آهي. جي کير نه اچي ته پوءِ کير ڪڍي به (Express) پيارجي. پوءِ هر ٽن ڪلاڪن کان پوءِ 15ml پيارجي ۽ ان کي وڌائيندي 15ml ملي لٽر هر ٻئي ڏينهن تي ۽ 7 ڏينهن تائين 150 ملي گرام وڌائجي.

[b]کير پيارڻ لاءِ وٿي يا ساهي: Intervals of feed
[/b]• پهريان 4 کان 6 هفتن تائين، 2 کان 3 ڪلاڪن جي وٿي سان کير پارجي.
• 6 مهينن تائين 4 ڪلاڪن جي وٿي سان کير پيارجي.
• 6 کان 12 مهينن تائين صرف 5 ڀيرا کير پيارجي.
• هڪ سال ۽ ان کان پوءِ صرف ٽي ڀيرا کير پيارجي.
• جي ڳئون جو کير آهي ته ان ۾ هڪ چمچو کنڊ وجھجي.

[b]ماءُ جي کير کان علاوه ٻيو کاڌو:Weaning
[/b]• کير کان علاوه ٻيو ٿورو نرم کاڌو کارائڻ گھرجي.
6 مهينن کان پوءِ کاڌو کارائڻ جو وقت Time of Weaning:
• ٻار کي 4-6 مهينن کان پوءِ کاڌو کارائڻ شروع ڪجي.
• سڀ کان پهرين ڪوبه هڪ کاڌو شروع ڪجي.
• 10 مهينن ۾ جڏهن ٻار پنڌ ڪرڻ شروع ڪري ته ڪجهه سخت شيون مثلاََ: باداميون ۽ بيهي مڱ کارائجن.
• شروعاتي طور Initially مليدو ڪيلي جو (Mashed Banana) 4-5 مهينن ۾ خشڪ اناج يا پاپو، بريڊ.
• 6 مهينن کان پوءِ ڀاڄيون ۽ پٽاٽا (مليدو)
• 7 مهينن کان پوءِ سوجي، گوشت جو مليدو. آني جي زردي.
• هڪ سال ٿيڻ تي جيڪو کاڌو گھر ۾ ٻين ڀاتين لاءِ پچي، اهو ٻار کي به کارائجي.
• جڏهن گھر جا سڀ ڀاتي گڏ کائين، ان وقت ٻار کي ڀرسان يا وچ ۾ ويهارجي.
• هر ڀاتي ٻار کي هڪ هڪ گرهه کارائي ته ٻار جو پيٽ ڀرجي ويندو.
• ان کان پوءِ ٻار کي وٽامنس ۽ ٻيون شيون کارائجن.

[b]ٻارن جي صحت جا سهڻا اصول:
[/b]• پيدائش جي فورن اڌ ڪلاڪ يا هڪ ڪلاڪ اندر ماءُ جو کير ٻار کي ڏيڻ گھرجي.
• 6 مهينن تائين صرف ماءُ جو کير ڏيڻ گھرجي.ان دوران پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ به نه ڏيڻ گھرجي. ڇو ته پاڻيءَ جي ضرورت ماءُ جي کير مان پوري ٿي ويندي آهي.
• 6 مهينن کان پوءِ ماءُ جي کير سان گڏ هلڪو نرم کاڌو (Cerralac)کارائڻ گھرجي.
• ٻن سالن تائين ماءُ جو کير ٻار کي پيارجي. (قرآن مجيد)
• ماءُ کي آرام ۽ سٺي خوراڪ ڏيڻ گھرجي ته جيئن ماءُ ۽ بار جي صحت جي حفاظت برقرار رهي.
• ٻار کي کير پيارڻ کان اڳ سٺي نموني هٿ ڌوئڻ گھرجن. (صابڻ سان)
• کاڌو پچائڻ ۽ کائڻ کان پهرين، ليٽرن استعمال ڪرڻ بعد پنهنجن هٿن کي صابڻ ۽ پاڻيءَ سان سٺي نموني ڌوئڻ گھرجي.
• عام صاف پاڻيءَ کي 10 منٽن تائين اُٻاري، ٿڌو ڪري پوءِ پيئڻ لاءِ استعمال ڪجي. پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ خاص گوريون ۽ ساشا استعمال ڪريو.
• 2 سالن گھٽ عمر جي ٻار کي، ماءُ جو کير پياريندو رهجي.
• ٻار کي بوتل جو کير يا چوسڻي هرگز نه ڏيڻ گھرجي.
• دستن دوران آو. آر. ايس. (ORS) مليل پاڻي استعمال ڪرڻ گھرجي. جي طبيعت بهتر نه ٿئي ته ٻارن جي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارجي.
• کائڻ ۽ پيئڻ جي شين کي مکين ۽ ڌوڙ مِٽيءَ کان بچائڻ لاءِ ڍڪي رکجي. پاروٿو کاڌو، ڳريل سڙيل سبزيون ۽ ميوا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي.
• رات جو مڇرداني جو استعمال ڪرڻ گھرجي. مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ خاص تيل جو استعمال ڪرڻ گھرجي.
• ٻارن واري ڪمري ۾ مڇرن مارڻ وارو ڪوائل استعمال ڪرڻ نه گھرجي.