دم – دمڪشي، اُڀ ساهي – ساهه جي بيماري (Asthma)
دم عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو. پر ڏٺو اهو ويو آهي ته گهڻائي ۾ دم ٻارو تڻي ۾ ٿيندو آهي. ٻارو تڻي ۾ ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪرين کي دم وڌيڪ ٿئي ٿو. 80% ٻارن ۾ دم جي بيماري جي اوسر سندن عمر جي 5 سالن کان ئي شروع ٿئي ٿي. باقي 20% ٻارن ۾ دم جي بيماري جي اوسر عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي.
[b]بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
[/b]• هڪ مورثي مرض (Atopy)
• سموڪر (سگريٽ ڇڪيندڙ وغيره) جو دونهون
• الرجي جو اندر هليو وڃڻ (Inhaled)
• مٽي جو طوفان
• جانورن جو Danders
• ڪاڪروچ (Cockroaches)
• سخت ڪيميڪل جي بوءِ (Odours)
• ٿڪل
• ٿڌي هوا (Cold air)
• مورثي يا پيدائشي (Inheritance)
[b]بيماري جون نشانيون يا علامتون (Clinical Features)
[/b]• کونگهرا، سهڪو (Wheezing) ڇاتيءَ مان ننڍڙا آواز ايندا آهن.
• کنگهه (Cough) خشڪ هوندي آهي.
• ٻار کي جڏهن ساهه ۾ تنگي وڌي ويندي آهي ته ٻار تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندو آهي ۽ کيس اُڀ ساهي (Shortness of breath) ٿي پوندي آهي.
• جڏهن ٻار کي ساهه ۾ تنگي ٿيندي آهي ته ڪيترن ٻارن کي ساهه کڻڻ Inspiration ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.
• ڇاتيءَ ۾ سوڙهه محسوس ٿيندي آهي.
• ٻار کي ڊگهي (Prolonged) کنگهه ٿيندي آهي.
• ساهه ۾ تنگي (Dyspnoea) آهي.
• ورزش يا ڊڪڻ سان ساهه ۾ تڪليف.
• ٻار نيلو (Cyanosis) ٿي ويندو.
• تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندو.
• پيٽ ۾ سور محسوس ڪندو.
[b]بيماري لاءِ خاص نشانيون
[/b]• تازو وري ٿيندڙ سهڪو
• کنگهه گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا
• ساهه کڻڻ ۾ وري تڪليف
• وري ڇاتي ۾ سوڙهه محسوس ٿيڻ
[b]علاج [/b]
• ساهه وارن نالين کي کولڻ واري دوا (Bronchodilator) ڏجي.
• زندگي کي بچائڻ واري دوا (Corticosteriods) ڏجي.
• نيبلازيشن (Nebulization) ڪجي.
• الرجي کان بچاءُ لاءِ دوا ڏجي.
• آڪسيجن ڏجي.
[b]Don’ts =هيٺيون شيون نه ڏيڻ گهرجن
[/b]• آرام ڪرڻ جون دوائون (Sedatives)
• مبغنيشم سلڦيٽ
• ڇاتي جي مالش يا Physical Therapy اها تڪليف وڌائيندي
• پاڻي جي کوٽ لاءِ وڏن ۽ ننڍن ٻارن (Older Children) کي گهڻو پاڻي فليڊ (Fluid) نه ڏيڻ گهرجي.
• اينٽيبايوٽڪ (Antibiotics)