هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ: Bed Wetting (Enuresis)
[/b]عام حالتن ۾ هي بيماري ٻارن ۾ 3 کان 14 سالن جي عمر تائين ٿئي ٿي. پر هي بيماري 14 سالن کان پوءِ به ڏٺي وئي آهي. جيڪڏهن هن بيماري لاءِ جلد ڪوشش نه ورتي وئي ته هي بيماري عمر جي گهڻي حصي تائين ٻارن جي جند ناهي ڇڏيندي. ٻار جو پنهنجي اختيار ۾ پيشاب ڪرڻ 2 سالن کان شروع ٿئي ٿي ۽ ٽن سالن کان پوءِ ته مڪمل اختيار هوندو آهي. ان بعد جي ٻار هنڌ ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندو آهي ته اهي صورتحال ٻار ۾ والدين لاءِ ڏاڍي خراب ۽ ڏکوئيندڙ هوندي آهي.
هن بيماري ۾ ٻار گهڻو ڪري رات جو هنڌ ۾ پيشاب ڪندا آهن. ڪي ٻار ته صبح جو يا وري ڏينهن جو به سمهڻ وقت پيشاب ڪندا آهن. ٻار گهڻو ڪري پهرين سوپي ۾ آڌي رات جو، يا وري وري صبح جو سوير پرهه ڦٽي جو، هنڌ ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندا آهن. هي گهري ننڊ ڪندڙ ٻارن ۾ ڏني وئي آهي.
[b]بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
[/b]هن بيماري ٿيڻ جا سبب، گهڻو ڪري ٻار جي نفسيات، رهڻي ڪهڻي، ورتاءُ ۽ کاڌ خوراڪ سان تعلق رکن ٿا.
• گهڻا نفسياتي اثر به ٻارن ۾ هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ جو ڪارڻ بنجن ٿا، مثال طور ٻار کي دڙڪا ڏيڻ، مار ڏيڻ، ٻين جي اڳيان ٻارن کي ڇڙٻون ۽ ٽوڪڻ به هن بيماري جا ڪارڻ بنجن ٿا.
• جسماني طور ڦيڦا، ٿلها، ڪمزور، رت جي گهٽتائي وارا ٻار ڪرنگهي جي بيماري ۾ ورتل ٻار هن بيماري جو سبب بڻجن ٿا.
• جن ٻارن کي خود سلهه هجي يا والدين کي سلهه هجي.
• ذيابطيس (Diabetic) ۾ ورتل ٻار، هميشه ڪلين جي سوڄ ۽ سور (Tonslitis) ۾ وڪوڙيل ٻار پڻ هن بيماري جو شڪار ٿين ٿا.
• جن ٻارن کي سڌو سمهڻ جي عادت هوندي آهي، يا وري گهڻي دير تائين سمهڻ جي عادت هجي، گهڻي ننڊ جي عادت هجي، انهن ٻارن ۾ هي بيماري ٿيندي آهي.
[b]بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ (Preventive Measures)
[/b]هن بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ کان اڳ ۾ بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن، جيڪي گهڻو ڪري نفسياتي ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪري ٿين ٿا.
• ننڍڙن ۽ وڏن ٻارن کي، جيڪي هن بيماري جي ور چڙهيل آهن، انهن کي آٿت ڏجي، ٻارن کي بيماريءَ متعلق سمجهائجي، ان سان مقابلو ڪرڻ جي همت افزائي ڪجي.
• بيمار ٻار کي ٻين جي سامهون دڙڪا نه ڏيڻ گهرجن يا شرمسار ڪري مار نه ڏيڻ گهرجي. خاص ڪري جڏهن سندن هڪ جيڏا، دوست، ڀائر، ڀينرون يا قريبي عزيز موجود هجن.
• ٻار کي سڌي سمهڻ کان بهتر آهي ته انهيءَ کي ڪنهن هڪ پاسي سمهارجي.
• ٻار کي گهڻي وقت تائين سمهڻ نه ڏجي.
• ٻار کي هلڪو نرم کاڌو ڏجي.
• ٻار کي سمهڻ کان اڳ گهڻو پاڻي نه پيارجي، مٺيون شيون نه کارائجن، چانهه نه پيارجي.
• ٻار کي سمهڻ کان اڳ ضرور پيشاب ڪرائجي انهي کان پوءِ 3 کان 4 ڪلاڪن کان پوءِ اٿاري به پيشاب ڪرائجي.
• ٻار کي رات جي ماني کارائي يڪدم نه سمهارجي. گهٽ ۾ گهٽ رات جي ماني کائڻ کان پوءِ، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سمهارجي.