سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

پيش لفظ

مون کي هن ڪتاب لکڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي. هون ته ڪافي موضوعن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. رسالا ۽ اخبارون به ڀريون پيون آهن مختلف مسئلن تي لکڻ لا. هيلٿ تي ڪڏهن پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن گھڻو خرچ به ڏيکاريو وڃي ٿو. پهرين هڪ اڌ ميڊيڪل ڪاليج هيو ۽ ڪجهه وڏيون اسپتالون، تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه بهتر هلندو هيو ۽ هاڻي انيڪ سارا ميڊيڪل ڪاليج ۽ هر ضلعي ۾ به هڪ اڌ وڏي اسپتال، تمام گھڻيون اين جي اوز ۽ هاڻي ته اسپتالون به اڄلڪهه ٺيڪي تي ڏنل آهن. ڪنهن به وڏي اسپتال ۾ عوام ائين پئي هيڏاهن هوڏانهن گھمندي نظر ايندو ڄڻ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي جلسي ۾ آيا هجن. بس اسان مسڪينن جو نصيب ئي اهڙو آهي! ۽ مٿان وري اسان جون اسپتالون به اسان جي ٿاڻن وانگر ٺيڪن تي پيون هلن. ظاهر آهي ته جيڪو پيسا خرچ ڪندو سو ته ضرور پنهنجو مور موٽائيندو.
مٿان وري اسان ڊاڪٽر سون تي سهاڳ آهيون. ايترا مريض اوهان کي اسپتال ۾ نه ملندا، جيترا ميڊيڪل ريپ ملندا ۽ پوءِ ڌنڌو شروع. مون وانگر جنهن ڊاڪٽر پوري ڪراچي به نه ڏٺي هوندي، سو هر مهيني پيو ٻاهران چڪر هڻي ايندو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته الائي ڇو هن مسڪين قوم کي پنهنجو پاڻ تي رحم نٿو اچي. هر ادارو اندر کان کوکلو لڳو پيو آهي. لکڻ تي پئجي ته ڪافي ڪتاب ٺهي پون.
اسان وٽ جيترو وڏو ٺڳ، جيترو وڏو ڪوڙو، فريبي، اوترو وڏو ۽ وڏي اداري جو سربراهه. صبح واري اخبار ۾ ڏسنداسين ته جسم ڏڪڻ لڳندو. پوليو کي ڏسو، ٻين ملڪن ۾ ختم پيو ٿئي ۽ اسان جي ملڪ ۾ بيمانن وانگر ويتر وڌ! ڪنهن در دانهن ڏجي. بس جيئڻ لاءِ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا.
رب سائين فرمائي ٿو ته: “جيڪا قوم پنهنجي تقدير تبديل نه ٿي ڪري، تيستائين رب سائن به ان جي تقدير تبديل نه ڪندو. ”
اسان جي قوم کي جذبات کان پري ٿي ڪري سوچڻو پوندو. ٺلن نعرن سان ڪنهن به ملڪ کي سرسبز شاداب نٿو ڪري سگھجي. پنهنجي اوسي پاسي ڏسڻو پوندو، جي اسان سڀ سون هجون هان ته پنهنجو هر ادارو ۽ ديس سهڻو نه هجي ها. هر ڪنهن کي پنهنجي ڳڻتي آهي ته منهن جو نالو نروار ٿئي. ٻاهر ملڪن ۾ اتان جا ڊاڪٽر حضرات تحقيقات ڪري ڪتابن مٿان ڪتاب لکن ٿا ۽ قوم کي سٺا ۽ معياري ڪتاب تحفي ۾ ڏين ٿا ۽ پاڻ وارا يار گاڏي مٿان گاڏي وٺن ٿا. صرف پئسن ڪمائڻ جون مشينو لڳا پيا آهن. پر پنجئي آڱريون هڪجهڙيون نه آهن.
خدارا رب سائينءَ توهان کي عزت، دولت هر شيءِ ڏني آهي. پنهنجن مسڪين ماڻهن تي رحم ڪريو. توهان جي اڳيان ٿر جي حالت آهي ته ڇا پيو ٿئي ۽ اسان جا مسڪين مارو ماڻهو به گھٽ ڪين آهن. مان ڏسندو هيس ته اسپتال ۾ ته هي پاڻ وارا يار ڪڏهن ڪنهن ملان کي ته ڪڏهن ڌوتن کي وٺي ايندا هيا. پوءِ انهن جي چوڻ تي پيا خرچ ڪندا. اُهي وري جھٽڪن کي جنّ پوڻ چون ۽ سُڪي جي بيماري کي نظر لڳڻ چون.
ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر ۽ ڄٽ ڊاڪٽر ٿوري ٿوري ڳالهه تي ماڻهن کي غلط ٻڌائين ٿا ته ڏندن جي ڪري دست ٿين ٿا ۽ ماءُ جو کير خراب آهي. دٻي جو کير واپرايو. ڏندن لاءِ وري 21 نمبر گولي لکي ڏيندا ۽ ڏند ته 22 سالن تائين پيا هلندا، ته ڇا تيستائين دست به پيا هلندا.
خدارا، مسڪين اٻوجهه ماڻهن تي رحم ڪيو، ته جيئن رب سائين توهان تي به رحم ڪري. پئسو اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. عزت ڪمائڻ سکو ۽ ننڍي وڏي کي عزت ڏيو. پئسا ته کدڙا ۽ وعشيا به ٺينگ ٽپا ڏئي ڪمائي وٺندا آهن.
منهنجو مقصد صرف اهو آهي ته شل هيءَ منهنجي ننڍڙي ڪوشش سان پاڻ کي سڌارين ۽ اسان جي امڙين کي بيوقوف بنائيندڙ توبه تائب ٿين. شل هي ننڍڙو ڪتاب ڊاڪٽرن ۽ لکيل پڙهيل والدين لاءِ روشنيءَ جو سهائو تارو بڻجي رهنمائي ڪري.
هي ڪتاب خاص ڪري اسان جي پڙهيل ڳڙهيل شاگرد ۽ شاگردياڻين کي سٺو فائدو ڏيندو، جيڪي ٻارن جي صحت بابت امتحان ۾ پيپر ڏيندا آهن. ڇو ته پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ سان سمجھڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي آهي. هي اسڪولن ۾ معصوم ٻارن کي پڙهائيندڙ استادن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي باري ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن (اين جي اوز) لاءِ به نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.
آخر ۾ آءٌ شڪر گذار آهيان پنهنجي پياري ڀاءُ، دوست ۽ سڄڻ ڊاڪٽر بدرالدين قريشي صاحب جو جنهن منهنجا انگل ڪاليج دوارن برداشت ڪيا ۽ منهنجي هر قسم جي مدد ڪئي. مان ٿورائتو آهيان سائين ظفر علي پيرزادي صاحب جو، جنهن پنهنجي ڪتاب سنڌو ڌارا ۾ ميار خاطر نالو ته ڏنو. سائينءَ جا لک ٿورا، قرب هميشه منهنجي مٿان رهيا آهن. سائينءَ سان ڪيئي سڱ آهن. منهنجو سٺو استاد به ٿئي ۽ بهترين دوست پڻ آهي.پاڻ سياسي بنيادن تي ماضيءَ ۾ هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ وارا رهيا آهيون.
جڏهن ڪتاب آخري مرحلن ۾ هيو ته مون کي دل جو عارضو ٿي پيو. ان وقت منهنجي مٺڙي دوست ڊاڪٽر شبير شر ڪارڊيولاجسٽ وڏي مدد ڪئي ۽ اينجوگرافي ۽ اينجو پلاسٽي ڪري مون کي هن ڪتاب پورو ڪرڻ جهڙو ڪيو. لک لائق بادشاهه جا.
مان نهايت ٿورائتو آهيان، سنگم پبليڪيشن جي سائين ڪرم الاهي چنا جو، جنهن مون کي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ، ايڊيٽنگ ۽ اشاعت ۾ مشورا ڏنا ۽ سهڪار ڪيو.
انهن ڀائرن ۽ ڀينرن کي عرض آهي ته جي منهنجي طرفان کان ڪنهن کي ڪو رنج يا تڪليف پهتي هجي ته پنهنجو سمجھي معاف ڪري ڇڏيندا.
جيڪي ڊاڪٽر، والدين، استاد ۽ ٻيا ڀائر ڀينر هي ڪتاب پڙهي پنهنجي ٻارن جو علاج يا فرسٽ ايڊ ڪن ۽ بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنهن ته منهنجي ۽ منهنجي ٻچڙن لاءِ دعا ئي خير ضرور ڪن ته مون کي منهنجي محنت جو اجورو ملي ويندو.
شل سنڌڙي آباد هجين
سهڻي سنڌ سميت سڄي عالم جي ٻچڙن جي صحت جو طلبگار.



[b]ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو
[/b]پيرزاده ڪلينڪ نئون ماروئڙا ڳوٺ، ڪراچي


R-75 سن لي ڪاٽيجز،
ويجھو رم جھم ٽاور، سفوران، ڪراچي

20 نومبر 2018ع