ڪن جو سور (Otitis Media)
ڪن جي اندرين حصي ۾ پاڻياٺ (Fluids) يا پيپ (Pep) ڀرجي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ڪن سُڄي پوندو آهي.
[b]بيماري متعلق ڄاڻ (Epidemiology)
[/b]بيمار ٻارن ۾ اڪثر ڪري ڪن جو سور ٿئي ٿو. خاص سبب آهي اينٽيبايوٽڪ دوائن جو زياده کان زياده استعمال ڪرڻ. اهو اڪثر ننڍن ٻارن جيڪي هڪ سال گهٽ عمر جا آهن. تقريباً 60% کان 80% ٻارن ۾ هڪ دفعو ڪن جو سور ضرور ٿئي ٿو ۽ 80% کان 90% ٻن کان ٽن سالن جي ٻارن ۾ ٿئي ٿو. ڪن جو سور ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ٻارن ڇوڪرن کي زياده ٿئي ٿو. حفاظتي ٽڪن نيمو ڪوڪل ۽ HIB يعني ايڇ اينفليزا جي ڪري ڪن جو پاڻياٺ، پيپ ۽ سور گهٽبو آهي.
[b]بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
[/b]مختلف ٻارن ۾ ڪنن جي وسيلي بيڪٽريا يا وائرل جيوڙا جيڪي ساهه جي سرشتي تحت بيماريون ڦهلائين ٿا.
[b]Risk Factors
[/b]عمر = اڪثر ڪري 6 کان 18 مهينن جي عمر ۾ ڪن جو سور زياده هوندو آهي.
• خانداني تڪليف.
• سڄو ڏينهن ٻار جيڪي ماسين يا نرسن جي حوالي هوندا آهن.
• جيڪي ٻار ماءُ جو کير نه پيئندا آهن.
• سگريٽ ڇڪيندڙ ۽ گندي هوا.
• غربت ۽ گهر ۾ زياده رهندڙ ماڻهو.
• سردي ۽ خزان جي موسم.
[b]نشانيون (Clinical Features)
[/b]خاص نشانيون مثلاً بخار، لڇ پڇ، مٿي جو سور، بي حسي، بي پرواهه، کاڌي لاءِ چاهه نه هجڻ، الٽي، دست ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻار ڪن کي ڇڪيندو آهي ۽ وڏن ٻارن ۾ سور خاص نشاني آهي ۽ ڪن سُڄي پوندو آهي. ڪن مان پيپ وهندي آهي ۽ پڻ بوءِ به محسوس ٿيندي آهي.
[b]مونجهارا (Complications)
[/b]• ٻڌڻ جي سگهه گهٽجڻ (Hearing loss)
• نه سنڀالڻ ۽ دماغ جو مسئلو
• وچين ڪن جو سوڄ
• ڪن جي ايراضي جي سوڄ
• ڪن جو اندريون حصو
[b]علاج:
[/b]• بخار ۽ سور لاءِ پيراسٽامول ۽ بروفين شربت استعمال ڪجي.
• زڪام واري ڪا به ٽڪي استعمال نه ڪجي. ان جو ڪو به فائدو نه آهي.
• ڪن جي بيماري يا سور لاءِ اينٽي بايوٽڪ استعمال نه ڪجي.
• ايموڪسل(Amoxil) پسنديده دوا آهي، جيڪا صحيح آهي ۽ نقصان ڏيندڙ نه آهي ۽ فائديمند پڻ آهي. سَستي پڻ آهي.
• سيپٽران پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
[b]اُپاءُ (Preventions)
[/b]• صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
• ٻار کي سگريٽ پيئندڙ کان ۽ ڏينهن جو جمع ڪرائيندڙ سينٽرن کان پاسوڪرڻ گهرجي.
• ٻار کي ماءُ جو کير گهڻي مقدار ۾ پيارجي.
• ٻار کي وهنجارڻ وقت اهو خيال رکجي ته ٻار کي ڪن ۾ پاڻي نه وڃي.
• ٻار کي زمين تي نه سمهارجي متان ٻار جي ڪن ۾ ڪو جيت نه هليو وڃي.
• ٻار کي ڪن ۾ گند جي ڪري سور کان اڳ يا پوءِ ڪن کي صاف ڪرائڻ لاءِ پچڪاري هڻائڻ پڻ خطرناڪ آهي.