سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

دست- گهمرا (Diarrhoea)

[b]خاصيت يا وصف (Definition)
[/b]ٽي يا زياده گهمرا اچڻ، اُهي نرم هوندا آهن بنسبت روزانه ڪاڪوس ڪرڻ جي.
• هڪ پاڻي جهڙو گهمرو ڪرڻ کي به دست چئبو آهي.

[b]اثر (Incidence)
[/b]• ٽي يا چار دفعا دست ڪرڻ هر ٻار لاءِ هر سال ۾.
• گهڻو ڪري اُهي دست زندگيءَ جي پهرين سال ۾ ٿيندا آهن.
• اسپتالن ۾ 40% کان 50% داخلا اونهاري ۽ برسات جي موسم ٿيندي آهي.
• 25000 ٻارن جي موت هر سال 5 سالن جي گهٽ عمر ۾ ٿئي ٿي. ان جي بنبست يونائيٽڊ اسٽيٽ ۾ لڳ ڀڳ 125 موت هر سال ٿين ٿا دستن جي ڪري.

[b]دستن ٿيڻ جا سبب (Aetiology)
[/b]گرمي جي موسم ۾ يا برساتي موسم ۾ خشڪ تريل، غير هضم شيون کائڻ، بي وقت کاڌو کائڻ، اڻ پڪل ميوو، ٽافيون آئس ڪريم کائڻ، صبح جو چانهه پيئڻ جي ڪري دست ٿين ٿا. ڪجهه مائرون پنهنجي سستي جي ڪري يا ماءُ يا سس جي چوڻ تي يا وري ڄٽ ڊاڪٽر جي چوڻ تي ٻار کي پنهنجي کير کان منع ڪنديون آهن. ڇو ته نئون مهمان به اچڻ وارو هوندو آهي. پوءِ اها بوتل (فيڊر) ڏيڻ شروع ڪندي ۽ ان جي صفائي نه جهڙي ڪنديون آهن، رات اٿڻ ڪري فيڊر کي صرف پاڻي ۾ ڌوئنديون آهن يا وري نپل ۾ کير رهجي ويندو آهي. ان ۾ جيت ۽ جيوڙا گڏ ٿي ويندا آهن. انهيءَ جي ڪري دست ٿيندا آهن. اچڻ واري مهمان جي کير پيئڻ جو رستو الڳ آهي ۽ ٻاهر واري مهمان جو رستو الڳ آهي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو يا ڏينهن جو کير بچي ويندو آهي ته اهو رکي ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ جلدي يا اڻڄاڻائي ۾ اهو کير ٻار کي پيارينديون آهن. جيڪو ٻار جي پيٽ ۾ وڃي ڦٽي ويندو آهي ۽ انهي جي ڪري الٽيون يا دست شروع ٿي ويندا آهن.

[b]بيماريءَ جو علم (Epidemiology)
[/b]• ڪا به عمر دستن جي بيماري کان محفوظ نه آهي.
• ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ وڏو حصو موت جو دستن جي ڪري ٿئي ٿو.
• دنيا ۾ هر سال 8 کان 10 لک ٻارڙا دستن جي ڪري مرن ٿا.
• اها ٻارن جي ٻيو نمبر قاتل بيماري آهي.
• موت جو اثر اڪثر ڪري هڪ سال جي ٻارن ۾ ڏٺو ويو آهي.
• جنهن به ٻار کي سوڪهڙي جي بيماري هوندي آهي، انهن تي موت جو اثر زياده هوندو آهي.
• دستن جي ڪري موت جو اثر انهن ٻارن تي گهڻو آهي جيڪي ٻار ماءُ جو کير نه ٿا پيئن.
• هر سال دستن جي ڪري 4 ملين ٻارڙا 5 سالن جي عمر ۾ مرن ٿا.
• پهرين ٻن سالن ۾ 80% موت دستن جي ڪري ٿئي ٿو.
• هر سال هر هڪ پاڪستاني ٻار کي ٽي يا چار دست ٿين ٿا.
• 90% پاڪستان ۾ ٻار کي پاڻي جهڙا دست ٿين ٿا.

[b]نشانيون (Clinical Features)
[/b]• پاڻي جهڙا دست
• الٽي
• بخار
• بي آرامي ۽ سستي
• پاڻي نه پئي سگهندو ۽ نه ڪجهه کائي سگهندو.
• اُڃ گهڻي لڳندي آهي.
• ٻار جو دستن جي ڪري وزن گهٽبو آهي.
• دستن جي ڪري پاڻياٺ جي گهٽتائي جي ڪري اکيون اندر هلي وينديون آهن.
• جسم جي چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي.
• دستن جي ڪري جسم ۾ پاڻي گهٽجي ويندو آهي، انهي ڪري پيشاب گهٽجي ويندو آهي.
• جسم ٿڌو ۽ چيڙهالو ٿي ويندو آهي.
• پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي.
• ڳوڙها به نه ايندا آهن.
• زبان ۽ وات خشڪ ٿي ويندا آهن.

[b]علاج (Treatment)
[/b]جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٽن قسمن جي ٿيندي آهي.
1. پاڻياٺ جي گهٽتائي نه هئڻ (Plan A or No dehydration)
2. ٿورڙي پاڻي جي گهٽتائي(Plan B or Some dehydration)
3. تمام گهڻي پاڻي جي گهٽتائي (Plan C or Severe dehydration)

[b]جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي مٿئين پلان تحت ڪرڻ گهرجي.
[/b]• جيڪڏهن ٻار ماءُ جي کير تي آهي ته ماءُ جو کير پياربو رهجي.
• جي ٻار 6 مهينن کان مٿي آهي ته ان کي ٿورو سخت کاڌو Semi Solid ڏيڻ گهرجي.
• وڌ کان وڌ پاڻي ڏيڻ گهرجي.
• Zinc Sulphate وات جي ذريعي 6 مهينن کان گهٽ آهي ته سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو 10mg/day ۽ جيڪڏهن ٻار 6 مهينن کان مٿي آهي ته ان کي سڄي ڏينهن ۾ 20mg/day ڏيڻ گهرجي ٻن هفتن لاءِ.
• پلان A ۾، ٻار کي ماءُ جو کير ڏيندو رهجي. ORS، ٻوڙ جهڙو کاڌو مثلاً صوف، چانورن جي رٻ، پاڻي، ڏهي ۽ صاف پاڻي به ڏيڻ گهرجي. جي نمڪول جي پاڻي پيارڻ دوران ٻار الٽي ڪري ته پوءِ 10 منٽن تائين انتظار ڪرڻ گهرجي، ان کان پوءِ وري ڏيڻ گهرجي.
• پلان بي جي تحت نمڪول جو پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح پلان سي تحت ٻار کي اسپتال ۾ داخل ڪجي.