سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ڪجهه ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جي باري ۾!

جڙاءُ سون تي جيئن جڙي ويهي وينجھر
اسان تيئن تو جيءَ سان جڙجي وياسين.

1983ع جو سال هو، تنظيمي ڪمن جي سلسلي ۾ عزيز آباد عبدالخالق جوڻيجي صاحب جي گھر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اُتِ پهريون ڀيرو هڪ نوجوان ساٿي ڊاڪٽر خير محمد پيرزاد سان ملاقات ٿي. اهي ملاقاتون بعد ۾ قومي سياسي قافلي ۾ گڏ ڪم ڪرڻ سبب وڌي ويون. تقريبن رات ڏينهن گڏ رهڻ ٿيندو هو. پاڻ شاگرد سياست چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو کان شروع ڪرڻ گڏوگڏ ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو. سندس لکيل ڪهاڻي “ آخري ڀانواٽي” ان وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد يونين جي طرفان نڪرندڙ رسالي “موهن جو دڙو” ۾ شايع ٿي هئي، جيڪا منهنجي نظرن مان به گذري هئي. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻي اُن شروعاتي دؤر ۾ به پڪي ۽ پختي اديب جهڙي هئي. پاڻ ان دؤر ۾ ٿوري گھڻي شاعري به تخليق ڪيائين، جيڪا ان وقت نڪرندڙ تحريڪ رسالي ۾ ڇپي هئي.
1982ع ۾ شاگرديءَ واري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا لاڙڪاڻو جي سرگرمين ۾ به حصو وٺندا رهيا. چانڊڪا ۾ پڙهائيءَ دوران اُتي “ڀٽائي ميڊيڪوز” جو بنياد وڌو، جنهن جو صدر ڊاڪٽر ثناءَ الله کوکر مرحوم ۽ پاڻ سيڪريٽري جنرل ٿيو. اُن تنظيم جي طرفان ميڊيڪل سائنس تي ننڍا ننڍا ڪتاب به شايع ڪرايائين ۽ ڪينجھر رسالو به ڪڍيائون.
ڊاڪٽر صاحب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ويهڙ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ويهڙ، مئٽرڪ ڏوڪري ۽ انٽر لاڙڪاڻو ڪاليج مان ڪيائين.
ڪراچيءَ ۾ 1983ع کان قومي سياسيت ۾ سرگرم رهيو. سياسي ڪمن سان گڏوگڏ پاڻ سماجي ۽ فلاحي ڪمن ڪارين ۾ به سرگرم رهيو. سندس بلديا ڪالوني، مهاجر ڪيمپ ضلع اولهه ۾ سندس ڪلينڪ اسانجي آفيس ۽ مسافر خانو به هئي، جتي اسان جون تنظيمي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، سڀني جي ماني ٽڪي به ڊاڪٽر صاحب مٿان هوندي هئي. ان زماني ۾ ضلع اولهه سهراب ڳوٺ، عزيز آباد، لالو کيت کان وٺي اورنگي ٽائون کان ٿيندو مواچ ڳوٺ، ماڙي پور ۽ هاڪس بي جي وسندين تائين هو.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طبي مصروفيتن مان وقت ڪڍي رات ڏينهن سنڌي وسندين ۾ سياسي، سماجي فلاحي ڪمن ۾ مصروف رهندو هو. جڏهن اردو ڳالهائيندڙن، پنجابين ۽ پٺاڻن وچ ۾ خونريزي ٿي ته ڊاڪٽر جي بلديا ڪالوني واري ڪلينڪ جيڪا سندس رهائش گاهه به هئي سا متاثر ٿي، جنهن سبب اتان لڏي وڃي گلشن اقبال جا وڻ وسايائين.
ڊاڪٽر صاحب طبيعت جو نهٺو، پيار ڪرڻ وارو، ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ وارو انسان، جيڪو دل ۾ سو زبان تي. مُنهن تي چوڻ وارو پيارو انسان آهي.
جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ طبي ڄاڻ ۽ علاج معالجي بابت تمام ٿورا ڪتاب لکيا ويا آهن، سو ڊاڪٽر صاحب اها ڪمي محسوس ڪندي، هيءُ نهايت ڪارائتو ڪتاب ٻارن جي بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت لکيو اٿس، اميد ته سندس اهو پيار جو پورهيو ضرور قبول پوندو.
سنڌ سميت سڄي عالم جي ٻچڙن جي صحت لاءِ دعاگو


[b]منير احمد ڀٽو
[/b]ڪراچي