سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا يا بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ

[b] ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا يا بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ
: Immunization/ Vaccination[/b]

اڃان تائين 2.3 ملين ٻارڙا مرن ٿا. دنيا ۾ هرسال حفاظتي ٽڪن کان بچڻ وارين بيمارين کان. ٽڪا هڪ مرڪب آهي ننڍڙن جيوڙن جو، جيڪي مئل ۽ جيئرا هوندا آهن. اُهي جسم ۾ داخل ڪيا ويندا آهن ته جيئن ڪجهه بيمارين کان بچاءُ ٿي سگھي.

[b]ڪجهه ٽُڪن جو ذڪر ۽ انهن جو ڪم:
[/b]1. وچڙندڙ بيمارين کان بچائيندڙ: Active Immunization
2. ماٺ ميٺ (صبر سان) وچڙندڙ بيمارين کان ڇوٽڪارو:
3. Passive Immunization
4. بيماري کان بچيل ردعمل Immune Response:

[b]مختلف ٽڪا:
[/b]جيرا رهندڙ ٽڪا: Live Vaccine
Vellow Fever, M.M.R. Polio Drops, B.C.G
بي اثر ٽڪا: Killed Vaccene
Injectable Polio, Influenza, Cholera, Pertussis and Rabies.
زهريلو: Toxoids
Dipltheria and Tetanus, Polysaccharide Vaccine, Meningoocal and Pneumococal. H. Influenza type.B. Genetically engeneered Vaccine Hepatitis. B.

[b]هيٺيون خاص بيماريون آهن جن لاءِ (WHO) سفارش ڪئي آهي.
[/b] ٽي بي يا سلهه T.B
 خناق Diptheria
 ڪاري کنگهه Pertusis
 ڪزاز Tetanus
 پوليو Polio
 ارڙي Measles
 هيپٽائيٽس B.

[b]Hib: Vaccine:
[/b]پاڪستان ۾ هر سال پنجن سالن جي عمر تائين وارا ساڍا ست لک ٻار، مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.گھڻا ٻار ته انهن بيمارين جي ڪري معذور به ٿي وڃن ٿا. انهن کي آسان علاج، مناسب سنڀال ۽ وقت تي حفاظتي ٽُڪا لڳائي، انهن جي جان بچائي سگھجي ٿي.
صحت جي عالمي اداري جي اندازي موجب پاڪستان ۾ هرسال تقريبن 7 لک ٻارنمونيا (Pneumonia) جو شڪار ٿين ٿا، جن مان 27 هزار ٻار مري وڃن ٿا. 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جو 5.7% سيڪڙو سبب نمونيا آهي.
هت مختلف ماڻهن جا يا وري اسان جي ڊاڪٽر ڀائرن جا مختلف رايا ڏجن ٿا:
ته ٿورو بخار يا زڪام هجي ته ٽُڪا نه هڻايو. پر ائين نه آهي، معمولي بيماري ۾ يعني نزلو، زڪام، کنگهه،دست ۽ هلڪي بخار ۾ به مقرر وقت تي پنهنجي ٻارن کي ٽُڪا لڳرايو. هنن ٽڪن جو نالو ئي حفاظتي ٽُڪا آهي. سو ضروري آهي ته جيڪي حفاظت ڪندڙ ٽڪا هجن، سي ضرور لڳرائجن. ڪجهه ٻارن کي ٽُڪن لڳڻ کان پوءِ بخار نڪرندو آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته دوا پنهنجو ڪم ڪري پئي. انهيءَ ٻار کي پيرا سٽامول سيرپ 10-15/kg/day جسم جي وزن جي حساب سان ڏيڻ گھرجي. ٻار ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو آهي.
پبلڪ سيڪٽر WHO نوان ٽُڪا به شامل ڪيا آهن.EPI شيڊول ۾ پڻ جلدي Rota Virus جا ٽُڪا به شامل ڪيا ويندا.

[b]حفاظتي ٽُڪن جو شيڊول (EPI شيڊول 2014 مطابق)
[/b]• پهريون دفعو – پيدائش جي فورن بعد – پوليو جا قطرا +0 بي سي جي. B.C.G
• ٻيو دفعو – ڏيڍ مهيني کان پوءِ – پوليو جا قطرا+1 پينٽا ويلنٽ+1 نيمو ڪوڪل1.
• ٽيون دفعو – اڍائي مهينن کان پوءِ – پوليو جا قطرا +2 پينٽا ويلٽ 2+ نيمو ڪوڪل 2.
• چوٿين دفعي – ساڍن ٽن مهينن بعد – پوليو جا قطرا 3+ پينٽا ويلنٽ 3+ نيموڪوڪل 3
• پنجين دفعي – 9 مهينن کان پوءِ جلدي ارڙي جي پهرين خوراڪ
• ڇهين دفعي- 15 مهينن کان پوءِ ارڙي جي ٻي خوراڪ
حفاظتي ٽڪا انهن لاءِ، جن معمول موجب (Routine) موجب نه هڻايا آهن:
2 کان 5 سالن جي عمر جو گروپ:
• هڪ ڊوز بي – سي- جي BCG
• ٻه ڊوز DT جا
• ٽي ڊوز OPV جا.

[b]5 سالن کان پوءِ عمر جو گروپ:
[/b]• هڪ ڊوز BCG
• ٻه ڊوز (وڏن جو)TT/Td
ٽُڪا بيسَل ڪالميٽ گيورن Bacille Calmette Guerin (BCG) سڄي دنيا ۾ اهي ئي ٽڪا ڏنا وڃن ٿا.اهي انهيءَ ڪري ڏنا وڃن ٿا ته اُهي ڪارائتا (اثر وارا) آهن. ٽي بي جو زور ٽوڙڻ لاءِ ننڍن ۽ وڏن ٻارن کي ڏنا وڃن ٿا.
ٽُڪن هڻڻ جي صحيح عمر آهي نوان ڄاول ٻار هڪ هفتي جا. پر جيڪڏهن وڏن ٻارن هي ٽڪا نه هڻايا آهن ته پهريون مانٽوز ٽيسٽ (Mantoux Test) ڪجي. جي اُها Nagative نه هجي ته پوءِ ان کي BCG جا ٽڪا هڻڻ گھرجن.
ٽُڪن جو وزن: Vaccine Dose
نئين ڄاول ٻار ۾(New born) 0.05ml چمڙي 1/D۽ وڏن ٻارن ۾ 0.1mg. انهيءَ سان 80% سيڪڙو ڦڦڙن جي ٽي .بي تي اثر ٿئي ٿو.75-86% سان ميننجائيٽس (Meningits) ۽ مائلري ٽي. بي تي اثر ٿئي ٿو.
BCG جي ٽُڪي لڳڻ سان سئي واري جاءِ تي ڦيٿي (Wheal)وانگر ٺهندي 30 منٽن ۾ ختم ٿي ويندو.

ٻن کان ٽن هفتن کان پوءِ ڳوڙهي ظاهر ٿيندي ۽ ڦهلجي مٿي حصي تي گند ڀرجي ويندو. اهو 4-6 هفتن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو. اهو سڄو عمل 2 مهينن ۾ ختم ٿي داغ ٺاهيندو.

• BCG ٽُڪي جون پيچيدگيون Complication of BCG
 اندروني گند ۽ السر ٺهندو
 بغلن ۽ ڪنڌ جي هيٺين حصي تي ڳوڙها ٺهندا.

• پوليو جي ٽڪن جا ٻه قسم ٿيندا آهن.
1. Injectable Poliovirus Vaccine (IPV, Salk)
2. Live attenuated oral poliovirus vaccine (OPV)

پوليو ٽُڪن جو تاثير اثر ڪندڙ 90% کان مٿي ڪارخانن واري ملڪن ۾. هنري ملڪن ۾ 98-72% گرم ملڪن ۾ سڄي زندگي ان جو اثر ٿئي ٿو.

[b] ڪهڙن کي پوليو جو ٽُڪو نه لڳائڻ گهرجي.
[/b]• HIV جو انفيڪشن + گهر ۾ ڪو اهڙو HIV جو ماڻهو هجي.
• گهر ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو هجي، جنهن کي ڪينسر، ڳوڙها يا انهن جي دوا کائيندو هجي.
• پوليو جا ٽڪا هيٺين ٻارن کي ڏئي سگهجن ٿا.
• کير پيئندڙ ٻار کي.
• معمولي دستن سان.

[b]اُرڙي جا ٽُڪا (Measles Immunization)
[/b]اُرڙي جي ٽُڪن جو اثر (Vaccine Efficacy)
• 12 مهينن جي ٻارن ۾ 90% مٿي اثر آهي.
• 9 مهينن جي ٻارن ۾ 85% مٿي اثر آهي.

ٽڪن جي دوا جو وزن (Dose of vaccine)
چمڙي ۾ 0.5 ml s/c

[b]ارڙي جي ٽُڪن جون پيچيديگيون (Adverse effects)
[/b]• ٿورا داڻا داڻا ۽ معمولي بخار ٿيندو.
• بخار سان گڏ هلچل ٿيندي (Convulsion)
• دماغ جي بيماري (Encephalitis) اها ٽيهه هزار تي.
• هڪ کي ٿيندي SSPE (1:30,000)
• هنن کي ارڙي جا ٽُڪا نه لڳائڻ گهرجن.
• جنهن کي Neomycin کان ريڪشن ٿيندو هجي.
• ٻار دوران Pregnancy
• قوت مدافيت جي ڪمي جو گهڻو وقت هلندڙ علاج.