ڳلي جي تڪليف/ ڪليون پوڻ Acute Pharyngitis/ Tonsillitis
[b]بناوت (Structure)
[/b]هر هڪ انسان کي (ٻارن سميت) ٻه عدد ڪليون ٿين ٿيون جيڪي زبان جي پاڙ ۾ نڙي جي هر هڪ پاسي، نڙي جي اندرين ڀت سان هڪ خاص کڏ (Crypts) ۾ هونديو آهن. ڪليون گوشت جي ننڍڙي لوٿڙي مان ٺهيل هڪ خاص قسم جا غدود (Glands) آهن. جن جي بناوت ۾ سُت (پاڻيٺ) وارن نلين (Lymphatic vessels) جي تاڃي جي پيٽي (Network) مان ٿئي ٿي.
ڪلئين ۾ سوڄ ۽ سور عمر جي هر هڪ حصي ۾ ٿي سگهي ٿو. هي بيماري وڏن جي مقابلي ۾ ٻارن ۽ جوانن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. گهڻو ڪري هن بيماري جو شڪار ننڍا ٻار ٿين ٿا. سَنهن جي مقابلي ٿلهن ۽ ڦيڦن (Flabby) ٻارن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. هي انهن ٻارن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي جن جا مائٽ ساهه ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ ورتل هوندا آهن. هي بيماري موسم جي تبديلي جي ڪري گرم کان وڌيڪ سرد (ٿڌي) موسم ۾ زيادهه ٿئي ٿي. هي بيماري خاص ڪري سوڙهن گهرن ۾ رهندڙ ٻارن ۽ عام ٿئي ٿي.
هي بيماري انهن ٻارن ۾ به زياده ٿئي ٿي جيڪي سدائين برف جو يخ ٿڌو پاڻي پئندا آهن ۽ ڪلفي، آئسڪريم، ڪيڪ، پيسٽريون، مٺايون کائيندا آهن ۽ جيڪي ٻار گهر جون شيون گهٽ ٻاهران برگر، تريل شيون ۽ سڻڀ واريون شيون کائيندا آهن ۽ وري مٿان ٿڌيون بوتلون پيئندا آهن.
[b]بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
[/b]وائرل (Viral) انفلينزا (Influenza) پيرا انفلينزا (Parainfluenza) ۽ ايڊينو وائرس (Adenovirus)
• جيوڙا (Bacterial) (Group A beta hemolytic strepto cocuss) (GABHS) هڪ خاص جيوڙو آهي، جيڪو 3 کان 15 سالن جي ٻارن تي اثر ڪندو آهي.
• وائرل (Viral) اڪثر ڪري، سردي جي موسم، بهار ۽ ويجهي رهڻ جي ڪري ٿئي ٿو.
• وئرل – ٽن سالن کان گهٽ جي ٻارن ۾ ۽ بيڪٽريل (Bacterial) ٽن سالن کان 15 سالن ۽ 14 سالن کان پوءِ گهڻو ڪري اسٽرپٽو ڪوڪل فارئيف جائيٽسو پر گهٽ (GABHS) ٻن کان ٽن سالن جي عمر ۾ هوندو آهي.
[b]بيماريءَ جون علامتون (Clinical Features)
[/b]ڪلين ۾ سوڄ ۽ سور ٿيڻ کان اڳ ۾ پهريائين ٻار کي سستي ۽ (ڪاهلي) ٿيندي آهي. ان سان گڏ نڙي خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ ٻار کي ڳيت ڏيڻ ۽ تڪليف ٿيندي آهي. پوءِ ڪليون سڄڻ شروع ٿينديون آهن. هونئن ته وڏو ٻار سور جي دانهن ڪندو پر معصوم ٻار کائڻ پيئڻ يا ٿڃ وٺڻ به ڇڏي ڏيندا آهن. هونئن ته وڏو ٻار سور جي دانهن ڪندو پر معصو ٻار کائڻ پيئڻ يا ٿڃ وٺڻ به ڇڏي ڏيندا آهن. ان جو سبب سور ۽ سوڄ جي ڪري ٻار ڳيت ڏئي نه سگهندو آهي. نشانيون جلد ظاهر ٿينديون آهن. 2 کان 4 ڏينهن اندر.
• تيز بخار – ڳلي جي سوزش، ڪلين جو سڄڻ.
• مٿي جو سور – الٽي ۽ دست بار بار ٿين ٿا.
• نڪ مان غلاظت ۽ کنگهه گهٽ ٿيندي آهي.
• علاج نه هئڻ باوجود بخار 3 کان 5 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو آهي.
• ڳيت ڏيڻ ۾ مشڪل، نڪ مان پاڻي وهڻ.
• اکين مان پاڻي وهڻ، سڄي جسم (بدن) ۾ سور.
[b]مونجهارا (Complications)
[/b]مونجهارا ٻن قسمن جا ٿين ٿا Non Suppurative and Suppurative
• مدد وارا: کاڏيءَ جي پويان ڳوڙهيون.
• دل جي اندرين پردي جي سوڄ Endocarditis
• ٿڻن جي ايراضي جي سوڄ Mastoiditis
• دماغ جي پردن جي سوڄ Meningitis
• ڪنن جو سور Otitis Media
• نمونيه – نڙگهٽ جي پاڻياٺ Retropharngeal Abcess
[b]علاج (Treatment)
[/b]مددگار علاج: ٻاڦ ڏجي، پاڻياٺ جي گهٽتائي ٿيڻ نه ڏجي.
نڪ لاءِ قطره: %0.9 سوڊيم ڪلورائيڊ وجهڻ گهرجن جي نڪ بند نه ٿي وڃي.
نيم گرم پاڻي سان يا Disprin ٽڪين سان گراڙا ڪرڻ گهرجن.
[b]دوائن وسيلي علاج:
[/b]• بخار ۽ سور لاءِ پيراسٽامول يا بروفين شربت ڏجي.
• سئن جي ذريعي اينٽيمبايوٽڪ ۽ ± سرجيڪل ڊرينيج
• ٿرڊ جنريشن سيفلوسپائرن + اسپسيلين + ڪليڊ ومائسن ڏجي.
دوا گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن هلائڻ گهرجي پر جي 5 ڏينهن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿئي ته پنهنجي معالج سان احوال ڪجي.
ڊگهي عرصي لاءِ جي ڪا به دوا اثر نه ڪري ته پوءِ سئي Benzathine Pencillim صرف هڪ (Singh dose)دفعو ڏجي. پنجن سالن کان گهٽ 600,000 Units گوشت 1/M ۾ ڏجي.
پنجن سالن کان وڌيڪ 1200,000 Units گوشت 1/M ۾ ڏجي.
گهر ۾ ڪاڙهي سان گڏ ماکي به ڏئي سگهجي ٿي.