سائنس، علم ۽ رسالا

گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
Title Cover of book گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ

سرءُ جو تپ يا مليريا (Malaria)

مليريا لفظ يوناني ٻولي جو لفظ آهي. لفظ مالا (Mala) جو مطلب فائول (Foul) ۽ ايريا (Aria) جو مطلب هوا، مطلب گندي هوا.

[b]بيماري جا سبب (Etiology)
[/b]جراثيم جيڪي انسان کي چڪ پائڻ سان مليريا پيدا ڪندا آهن. اهي پلازيموڊيم فيلسيپاريم (Plasmodium Falciparum)
• پلازيموڊيم وويڪس (Plasmodium Vivax)
• پلازيموڊيم مليئي ( (Plasmodium Malariae
• پلازيموڊيم اوويل ((Plasmodium Ovale

[b]بيماري جو علم (Epidemiology)
[/b]• مليريا سڄي دنيا جو مسئلو آهي.
• هر سال ۾ ترقي ڪندڙ/ وڌندڙ ملڪن ۾ 500-300ملين ڪيسز آهن.
• هر سال ۾ هڪ ملين کان وڌيڪ موت آهن.
• آفريڪا، هٽئي، نيو جيونانا ۾ مليريا پلازيموڊيم فيسيپاريم مشهور آهي.

[b]مدو (Incubation Period)
[/b]• پلازيموڊيم فيلسيپاريم 9 کان 14 ڏينهن
• پلازيموڊيم وويڪس (Vivax) 12 کان 17 ڏينهن
• پلازيموڊيم اوويل (Ovale) 16 کان 18 ڏينهن
• پلازيموڊيم مليرئي (Maleria) 18 کان 40 ڏينهن

[b]بيماريءَ جون نشانيون (Clinical Features)
[/b]خاص نشانيون تيز بخار، ڏڪڻي، الٽي، معدي جو خراب ٿيڻ، جسم ۾ سور ٿيڻ، ساهه جو تيز ٿيڻ، پگهر جو اچڻ، ٿڪل يا ٿڪ محسوس ڪرڻ، مٿي جو سور، کنگهه جو اچڻ، پيٽ جو سور، دست، بک جو نه لڳڻ.
مليريا ۾ خاص ڪري تلي (Spleen) وڌي ويندي آهي. جيرو به وڌي ويندو آهي.(Hepatomegly) جسم ۾ ڳاڙهو رت جو گهٽجڻ ۽ فولاد جي ڪمي (Anaemia) ڪامڻ يا سائي (Jaundice) جسم مان پاڻياٺ جي کوٽ ۽ رت جي دوري جو گهٽجڻ.
مليريا جي ڪري پيٽ سان عورت کي ٻار گهٽ وزن وارو پيدا ٿيندو (Low birth weight) ۽ ويم به جلدي ٿيندو. ان دوران ٻار ۾ مليريا ٿيندي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ.

[b]مونجهاري واري مليريا (Complicated Malaria)
[/b]هن ۾ ٻه خاص بيماريون آهن:
1. دماغ جي مليريا (Cerebral Malaria) جيڪا پلازيديم فيلسيپارم (P.Falciparum) جي ڪري ٿئي ٿي.
2. ڪاري پاڻي جو بخار (Black Water Fever) هي به پلازيديم فيلسپارم (P.Falciparum) جي ڪري ٿئي ٿي.

[b]دماغ جي مليريا:
[/b]هن ۾ سمجهه گهٽجي ويندي آهي. جهٽڪا يا هلچل مچندي آهي. بي هوشي جو دورا پوندا آهن. ان سان گڏ دماغ جو نشانيون نظر اينديون آهن.

[b]ڪاري پاڻيءَ جو بخار (Black Water Fever)
[/b]پيشاب ڪارو ڏسڻ ۾ ايندو. پيشاب گهٽ ايندو، رت جو گهٽجڻ ۽ فولاد جي ڏاڍي ڪمي (Sever Anamia) نظر ايندي. ڪامڻ يا سائي ٿيندي، رت ايندو، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي، رت جو دورو گهٽجي ويندو، گلوڪوس جي ليول پڻ گهٽجي ويندي آهي.

[b]مونجهارا (Complications)
[/b]بيماري جو اٿلڻ جو وويڪس ۽ viving ۾ ٿئي ٿو. جيوڙا به پلازيڊيم مليوئي ۽ اٿلڻ جو ڪم ڪندا آهن.
1. دماغ جي مليريا
2. ڪاري پاڻي جو بخار
3. ٿڌ يا سيءَ واري مليريا (Atigid) رت جو زياده گهٽجڻ جو دل جي ڌڙڪن گهٽائي
4. پيشاب جو گهٽجڻ
5. ڦڦڙن جي سوڄ
6. موت

[b]علاج (Treatment)
[/b]مليريا جو علاج مختلف ٽڪين، شربتن ۽ سئين ذريعي ڪيو ويندو آهي. مليريا لاءِ خاص قسم جون ٽڪيون آهن. ڪلوروڪئن 250g جون گوريون پهريون چار ڏيڻ گهرجن، ان کان پوءِ ٻه ٽڪيون روزانه 6 (O.D) ڪلاڪن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ۽ 48 ڪلاڪن ۾. پهرين وزن کان پوءِ ٻارن ۾ شربت 10mg/kg Chlorquine P جسم جي وزن مطابق پهريون State، ان بعد 5mg/kg ملي جسم جي وزن تي روزانه 6 ڪلاڪن ۾، 24 ڪلاڪن ۾ ۽ 48 ڪلاڪن ۾ ۽ پهرين وزن کان پوءِ. ان کان علاوه فينسيڊرا، ارٽيميٿرسيون، جينا ايم، دماغ جي مليريا لاءِ ڪونين ڊاءِ هاڊرو ڪلورائيڊ Quinine Dehydrochloride ڏبي آهي.

[b]بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ (Preventions)
[/b]• مليريا کي روڪڻ لاءِ ABCD ياد ڪريو يا رکو.
• مليريا جي رسڪ لاءِ ڄاڻ هئڻ گهرجي.
• مڇرن جي چڪن کان حفاظت يا روڪڻ لاءِ اُپاءُ
• مليريا کي روڪڻ لاءِ دوا کائڻ گهرجي.
• صحيح بيماري جي ڄاڻ ۽ ان جو علاج.
• مليريا لاءِ اسپري ڪرڻ گهرجي درن ۽ درين ۾.
ويڪرا ۽ ڊگها ڪپڙا پائڻ گهرجن جيئڻ ٻاهون پير ۽ ٺنگو ڍڪجي سگهجن.