هيروڊوٽس
( 489 ق. م - 420 ق.م )
هيروڊوٽس يونان جو مشهور عالم، سياح، پهريون تاريخدان ۽ مهم جُو شخص ٿي گذريو آهي. هو ايشيا مائنر جي شهر فئلڪارناسر ۾ 489 ق.م ۾ ڄائو ۽ سن 420 ق.م ۾ وفات ڪيائين. هو ڄائو، نپنيو، پليو ۽ وڏو اُتي ئي ٿيو. پر پوءِ جون سياسي حالتون ڏسي اتان لڏي ويو ۽ ايران جي شهنشاهه دارا اعظم ( اول ) جو ڌاڪو ٻُڌي، ان وٽ ويو ۽ دارا لاءِ ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين.
ايران جا سنڌ سان پراڻي زماني کان سياسي ۽ تجارتي ناتا هئا. دارا اعظم ( اول ) 519 ق.م ۾ سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي ايراني شهنشاهيت ۾ شامل ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ايرانين جي آمد وڌي وئي. 380 ق.م ۾ بهمن بن اسفنديار، سنڌوندي جي لوهاڻي شاخ تي بهمن آباد ۽ اقليم، سنڌ جي ڪڇي صوبي ۾ قندابيل شهر ٺهرايا. فردوسي شهنشاهه نامي ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جا ست راجا ڪابل، سنڌ، هند، ساندل، چندل، ڪشمير ۽ ملتان ايران کي ڍل ڀريندا هئا. سائرس اعظم 558 ق.م ۽ 530 ۾ بلخ تائين ملڪ فتح ڪيو هو. جڏهن دارا سنڌ تي قبضو ڪيو. تڏهن هيروڊوٽس به هن سان آيو. هن سنڌ کي دارا اعظم جي اڻٽيهين ولايت ڄاڻايو آهي. هن ان وقت جيڪي ڏيهي رياستون، ايراني شهنشاهت جي ماتحت هيون، تن ۽ انهن قومن جا يوناني نالا ڏنا آهن.
1. ساڪا يعني ساڪستان يا سيتان جا رهاڪو، هي هامان ڍنڍ جي آسپاس رهندا هئا. سندس راجا جو ” هاماورگا“ هو. 2. ماڪا، هنن کي هيروڊوٽس ميڪان لکيو آهي. هي مڪراني علائقي جا هئا. 3. ستاگيدائي، گنداروئي، ٿاتاگو، داديڪائي، اپاريتائي، ديدڪائي ڪسپوئي، ٿامايوئي، پڪٽائي، منجهانئن ديدڪائي ڪشمير ۽ چترال جي وچ واري علائقي جا رهاڪو هئا. اپاريتائي، هندوڪش ۽ ڪابل جي وچ واري پرڳڻي جا رهاڪو هئا. ڪسيوئي ساڪا وارن جا پاڙيسري هئا. ٿامايوئي وچ افغانستان ۾ رهندا هئا. پڪٽائي (پشتو ) ڪوئيٽا ۽ پشين جا رهاڪو هئا.
سنڌ مان ڪيترائي فوجي سپاهي ايراني لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا. دارا اعظم ( اول ) ( 486 ق.م ) جڏهن يونان تي حملو ڪيو، تڏهن پنهنجي لشڪر سان گڏ هڪ سنڌي فوجي دستو به ان ۾ شامل ڪيو. تنهن جنگ ۾ سنڌي هاٿي به استعمال ٿيا. 486 ق.م ۾ دارااعظم جو پٽ زرڪيز تخت تي ويٺو. هن يونان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو جنگي ٻيڙو ۽ فوج تيار ڪئي. اها جنگ ٿماپلي ۽ سليمس جي نالي مشهور آهي. زرڪيز ٻه لک 40 هزار لشڪر، 12 سئو جهازن ۽ ٽي هزار بار برداري جي جهازن سان هيلسپانٽ جي سمنڊ کي لتاڙي اٿينز تي گهيرو ڪيو. هن فوج ۾ سنڌين جو گهڻو تعداد هو، جن پاڻ سان ڪتا به کنيا هئا. هيروڊوٽس ان جنگ جي سنڌي سپاهين بابت لکي ٿو : ” سنڌي سوار ۽ پيادل فوج جا سپاهي هئا. سندن پوشاڪ سوٽي ڪپڙي جي هئي ۽ سندن هٿيار، تير ۽ڪمان هئا. تير ۽ ڪمان بيد جا جڙيل هئا. تيرن جون اڻيون / نوڪون لوهه جو هيون. اهي پاڻ سان هلڪا رٿ ۽ هاٿي آندا هئا. سوارن وٽ گهوڙا ۽ رٿن ڇڪڻ لاءِ گورخر هئا. سيستاني سنڌي سپاهين کي ڊگهيون ٽوپيون پاتل هيون. بلوچستان وٽ پتل ۽ فولاد جا هٿيار هئا، سندن پوشاڪ چمڙي جي هئي. سنڌي قبيلن مان جاٽ ( جٽ ) محنتي، سادا، ايماندار، بدن جا مضبوط، قد جا ڊگها ۽ جنگجو هئا. جاٽن اٺين صديءَ تائين هندستان جي تاريخ ۾ نالو ڪڍيو. بهرحال سنڌي پهرئين قوم هئي، جنهن 500 ق.م ۾ سمنڊ پار يونانين سان بحري ۽ بري ويڙهه ۾ پنهنجي فوجي قابليتن جو ثبوت ڏنو. دارااعظم (ٽئين ) سڪندر مقدونيءَ سان جنگ ڪرڻ وقت اربيلا واري ميدان ۾،تورانين، بلوچن، باختري، ساڪا ۽ سنڌي فوجن کان به مدد ورتي هئي. سنڌين وٽ هاٿي به هئا. ” دارااعظم هر سال نوروز ۽ مهرجان جي موقعن تي شاهي مجلسون ڪري، پنهنجي لشڪر جي اڳواڻن جون دعوتون ۽ کين سوکڙيون ڏيندو هو. هيروڊوٽس جي چوڻ موجب اهڙيون خلعتون سنڌي فوجين کي به ملنديون هيون.
هيروڊوٽس جي زماني ۾ سنڌ سون جو گهر سڏبي هئي. هت گهڻي مقدار ۾ ۽ اعلى قسم جو سون ملندو هو. سنڌ ۾ سون جي گهڻائي جو ذڪر ڪندي هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌي جي اترئين حصي ۾ اهڙيون ماڪوڙيون آهن جي قد ۾ لومڙ جيڏيون آهن. اهي پنهنجن ٻرن ۾ سون ميڙي رکن ٿيون. سنڌي ماڻهو ڪتا ساڻ ڪري، ماڪوڙين کي ڀڄائي، ٻرن کي کوٽي سون ميڙيندا هئا.“ هنن ماڪوڙين جو ذڪر جلد ٻئي ۾ به ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح ايم ڪرنڊل قدم هند جي صفحي 44 تي اهڙين ماڪوڙين جو ذڪر ڪيو آهي. ان زماني ۾ ايراني حڪومت کي ايشيائي صوبن مان جيڪا اُ پت ٿيندي هئي. تنهن جي ٽئين حصي جي ڍل سنڌ جو ساليانو خراج هو. هي ساري ڍل سنڌ سون جي صورت ۾ ادا ڪندي هئي. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ سون جي ٻوري جا ٽي سئو سٺ ٽئلينٽ ڏن طور ڏيندا هئا. جيڪي ذري گهٽ ڏهن لکن پائونڊن يعنى تڏهوڪن ٻن ڪروڙن رپين جي برابر ٿين ٿا. ” ايلم ميڊيا وارا ۽ بابل وار سنڌ حڪومت کان سون خريد ڪندا هئا. سوسا، ايڪباتانا ۽ بابل وارن جا خزانا سنڌ جي سون سان ڀريل هئا. ميڊيا جي تختگاهه ايڪباتانا ( همدان ) تي قبضي ڪرڻ وقت دارااعظم کي سترهن لکن پائونڊن جو خالص سنڌي سون، شاهي خزاني مان هٿ لڳو. ايراني حڪمرانن جيڪي سڪا ٺهرايا، تن ۾ نج سنڌي سون هو. انهن سڪن جو وزن 130 گرام هو. جنهن جي هڪڙي پاسي کان تير ڪمان جي شڪل ۽ ٻئي پاسي تي شهنشاهه جي تصوير اڪريل هئي. اهو سڪو سودريڪ سڏبو هو. دارااعظم سنڌ لاءِ چوڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا چانديءَ جا سڪا جاري ڪرايا هئا، ته جيئن مغربي دنيا ۾ سندس واپار چالو رهي. هي سڪا بنارس کان وٺي اوفير تائين جاري هئا.
هيروڊوٽس سنڌي جي زرعي جنسن جو ذڪر به ڪيو آهي، پر تمام عجيب نموني ۾ لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ اهڙا وڻ ٿين ٿا. جن ۾ پشم ٿئي ٿي.“ هن جيئن ته اڳ وونڻن جا ٻوٽا ڪين ڏٺا هئا. ان ڪري ئي هو ڪپهه کي پشم لکي ٿو. سنڌ جي سرزمين جيئن ته زرخيز هئي ان ڪري ٻوٽا تمام وڏا، مضبوط ۽ گهاٽا نظر ايندا هئا، جنهن کي هيروڊوٽس وڻ لکي ٿو.
بهرحال هيروڊوٽس سنڌ جو اهو سياح آهي، جنهن لاءِ سنڌ جو نامور محقق ايم ايڇ پنهور صاحب لکي ٿو ته ” هيروڊوٽس جيڪڏهن سنڌ ۾ نه اچي ها ته اخمينين جي سنڌ جي فتح، سنڌ ۾ نظام حڪومت، واپار، سنڌ جي پيدائش مثلاً: ڪمند ۽ ٻين فصلن، اسڪائليڪس جو دريائي سفر، سنڌ تي لڳايل ڍل ۽ 480 ق.م ۾ سنڌي جي سپاهين جو ايراني بادشاهن طرفان يونانين سان جنگ جو احوال اسان کي معلوم نه ٿي سگهي ها.“ ”هيروڊوٽس “ داراعظم جي سنڌ جي چڙهائي “ نالي سفرنامو 431 - 484 ق – م ڌاري لکي پورو ڪيو.
مطلب ته هيروڊوٽس جو ” سفرنامو سنڌ “ جي تاريخ جو اَملهه خزانو آهي.