سيدي علي رئيس
سيدي علي رئيس بن سيدي حسين رئيس ترڪي جو رهاڪو هو. سندس پيءُ ڏاڏو، دريائيءَ جهاز راني جا ڪمانڊر ۽ انهيءَ فن جا استاد ۽ ماهر هئا. سيدي علي رئيس، پڻ پنهنجو اباڻو پيشو اختيار ڪري، ڪيترين دريائي جنگين ۾ پهرو ورتو ۽ مهمن کي منهن ڏيئي نالو ڪڍيو. رمضان 960 هه ۾ هو سلطان سليمان پئي جي ملازمت ۾ حلب جي منزل تي داخل ٿيو.
رئيس علي رئيس 961هه ۾ حلب مان بصري، هڪ ٻيڙيءَ تي روانو ٿيو، جتان گهمندو ڦرندو هندستان جي سورت بندر تي پهتو. جتان گجرات آيو ۽ اتان ٿي ربيع الاول 962 هه ۾ پارڪر پهتو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ آيو. هو سنڌ ۽ هند ۾ ڪجهه وقت گذاري افغانستان، خراسان، فارس ۽ آذربائيجان کان ٿيندو 964هه ۾ بغداد پهتو ۽ بغداد کان قسطنطنيه آيو. اتي هو باقي ڏينهن سرڪاري نوڪري ۾ گذاري سن 980 هه بمطابق 1572ع ۾ گذاري ويو.
محقق سيد سليمان ندوي ۽ شمس الدين قريشي لکيو آهي ته :
سيدي علي رئيس : عثمانيه خلافت طرفان پرتگالي ٻيڙي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ مصري ٻيڙي جي ڪمانڊر جي حيثيت سان بصري مان پهرين شوال 961هه / 9 سيپٽمبر 1554ع تي نڪتو. رستي ۾ سامونڊي مشڪلاتن ۽ حادثن مان منهن ڏيندو، سورت پهتو. اتان احمد آباد آيو ۽ پوءِ ڏهين ربيع الاول 562 هه / 12 فيبروري 1555ع تي پارڪر پهتو. هي ارغونن ۽ ترخانن جو دور هو. سيد علي رئيس جي اچڻ وقت، انهن فاتحن ۽ قابضن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي گهرو گهوٽالو شروع هو. مرزا شاهه حسن پاڻ بيمار ۽ فالج ڪرڻ سببان معذور هو. ارغونن ۽ ترخانن سندس خلاف انهيءَ ڪري بغاوت ڪئي هئي جو هن مقامي ماڻهن کي اهم عهدن تي رکيو هو. شاهه حسن جو موت ۽ سلطان محمود بکري ۽ عيسى ترخان جي وچ ۾ سنڌ جو ورهاڱو، سيدي علي رئيس جي موجودگيءَ ۾ ٿيو. هن ان وقت جي سياسي خواهه ادبي ماحول جو ذڪر ڪيو آهي.
هي سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب پوراني، شيخ حماد جمالي، شيخ مير محمد ( المتوفي 962هه) جي مقبرن تي زيارت لاءِ ويو.
سنڌو نديءَ ۾ سفر ڪندي، کيس مانگر مڇ منهن پيا ۽ ڪناري سان ڪيترا ئي ڀيرا ببر شينهن ڏٺا. عام طور گهوڙن، اٺن ذريعي سفر ڪندو هو سميجا، ماڇي ۽ جت قبيلن سان سندس مقابلو ٿيو. ان وقت سنڌ ۾ گهاٽا ٻيلا هئا. جيڪي خطري کان خالي ڪونه هئا. ان ڪري سيدي علي رئيس ريگستاني ۽ ويراني وارن رستن تان سفر ڪندو هو. هڪ لڱا، گرمي ۽ اڄ سببان سندس ڪيترائي ساٿي ساڻا ٿي پيا. جنهن ڪري کيس اعلى درجي جو آفيم کارايو ويو. انهيءَ ويراني ۾ هن جهرڪن جيڏي ماڪڙ ڏٺي.
سيدي علي رئيس سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪجهه وقت گذاري افغانستان خراسان، فارس ۽ آذربائجان کان ٿيندو 964 هه / 1537ع ۾ بغداد پهتو ۽ قسطنطنيه آيو. جتي سن 980 هه / 1572 ع ۾ وفات ڪيائين.
سيدي علي رئيس، پنهنجو سفرنامو ” مراته الممالڪ “ جي نالي سان لکيو. جنهن ۾ سن 961 هه کان 964 تائين جي چئن سالن جي سفر جو احوال آهي. هن ڪتاب جي ٻين بابن ۾ سنڌ جو احوال آهي. جنهن ۾ ڏهين صدي هجريءَ واري سنڌ جي خبر پوي ٿي. سندس سفرنامو اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ هن ڪيترائي اکين ڏٺا واقعا، جيڪي سياسي طرح وڏي اهميت رکين ٿا، لکيا آهن. سندس دور سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي وقت سان تعلق رکي ٿو. هو لکي ٿو : ” اسين پارڪر جي رڻ ۾ ڏهه ڏينهن رلڻ کان پوءِ، وڳهه ڪوٽ پهتاسين. جيڪو سنڌ جو سرحدي شهر آهي. ان وقت سنڌ جي تخت تي ميرزا شاهه حسن ارغون ويٺل هو. هن چاليهه سال راڄ ڪيو ۽ گذريل 5 سالن کان فالج جي مرض ۾ مبتلا هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ، ٺٽي تي عيسى ترخان، شاهه حسن جي ڪجهه لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪري ويٺو هو. هن نقد رقم پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي، پاڻ کي همايون بادشاهه جو لقب ڏيئي جمع جي خطبي ۾، پنهنجو نالو شامل ڪري نقارو وڄرايو. “ جڏهن سلطان محمود کي اها خبر پئي تڏهن هو ڪوڪلتاش کي وڏو لشڪر ڏيئي مير عيسى جي سرڪوبي لاءِ موڪليو. مان ٺٽي ۾ ساڻ ملڻ کان پوءِ سنڌ جي مشائخن عبدالوهاب سان ملي کانئس دعائون حاصل ڪيون. جمالي ۽ شيخ ميرڪ جي مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي. پوءِ مان مير عيسى ترخان سان مليم. جنهن مون کي ملاحن سميت ست جهاز ۽ هڪ خط همايون بادشاهه لاءِ ڏنائين. جنهن ۾ پنهنجي اڻ ٽٽندڙ وفاداري جو يقين ڏياريائين. اسان ان کان پوءِ پنهنجو سفر شروع ڪيو. اسان کي درياءَ ۾ مانگر مڇ منهن پيو ۽ ڪناري سان ڪيئي ڪيهر شينهن به ڏٺاسين. واٽ تي سميجن ۽ ماڇين سان مقابلو ڪرڻو پيو. جن جي حدن مان لنگهي رهيا هئاسين. اهڙي طرح اسين سيوهڻ پهتا سين. پوءِ پاٽ ۽ درٻيلي وارو رستو ڏيئي بکر آياسين. اتي سلطان محمود ڪوڪلتاش سان ملي کيس تحفا ڏنم. سلطان همايون بادشاهه جي تابعداري مڃي، خطبو پڙهائڻ قبول ڪيو ۽ مرزا عيسى ترخان سان ٺهڻ به قبول ڪيو. اتان ٿي، اسان اُچ لاءِ روانا ٿياسين. سلطان محمود مون کي هڪ اعلى درجي جو گهوڙو ڏهه اُٺ، هڪ خيمو شامياني ۽ سائبان سميت ڏنو. سفر خرخ لاءِ رقم به ڏنائين ۽ همايون بادشاهه جي نالي تي اطاعت جي عرضداشت ڏيئي، اڍائي سئو سنڌي سپاهي ڏنا. جنهن صورت ۾ راجپوتن ۽ جاٽن ڌاڙيلن جو خطرو هو. ان ڪري اسان ٻيلي وارو رستو ڇڏي، ريگستاني ويراني راهه سان وڃڻ مناسب ڄاتو. انهي ويراني ۽ ريگستان ۾ اسان جهرڪن جيڏي ماڪڙ ڏٺي. اهڙي ريت ڏهن ڏينهن کان پوءِ اُچ پهتاسين. اتي شيخ ابراهيم سان ملاقات ڪري دعائون حاصل ڪيم. اتان پوءِ ملتان آياسين. ملتان ۾ مون شيخ محمد راجو سان ملاقات ڪئي. پوءِ ميران مير ۽ ميرزا حسن سلطان کان موڪلائي اتي پهتاسين. هتان جي صوبيدار مرزا شاهه، دهلي اجازت لاءِ لکيو. اتان اجازت ملڻ کان پوءِ دهلي ڏانهن روانا ٿياسين. جڏهن اسان جي پهچڻ جو اطلاع همايون بادشاهه کي مليو. تڏهن هن خان خانان ۽ ٻين ڪيترن ئي اميرن کي چئن هاٿين ۽ وڏي سپاهه سميت استقبال لاءِ موڪليو، مون بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ٿي سلطان محمود بکري جو عرض پيش ڪيو ۽ عهدنامي ڪرڻ لاءِ کيس عرض ڪيو، پاڻ منهنجي گذارش قبول ڪري عهدنامو لکرايو ۽ ان تي پنهنجي شاهي مُسهر هڻي سلطان محمود ڏانهن موڪليو.“
اهڙي طرح سيدي علي رئيس، همايون جي مرڻ تائين دهلي ۾ رهيو ۽ ان کان پوءِ، جڏهن اڪبر اعظم، هند جو بادشاهه ٿيو تڏهن هو لاهور آيو ۽ اتان ڪابل ويو، جتان هو ترڪي ويو.
سيدي علي جو هي سفرنامو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي واقعن تي مشتمل هجڻ سان گڏ ان دور جي افراتفري ۽ ڦرلٽ جي به تصوير پيش ڪري ٿو. مثلاً هڪ جاءِ تي لکي ٿو : ” جيئن اسين پارڪر پهتاسين، تيئن ڌاڙيلن اسان کي گهيري ۾ آندو. مون اوٺن کي حڪم ڏنو ته پنهنجي مهرين کي ويهاري ڇڏين. جيئن حلقو ٿئي ۽ توب هلائڻ ۾ آساني ٿئي پوءِ اسان چوڌاري باهه وسائڻ شروع ڪئي. اها حالت ڏسي ڌاڙيلن مقابلو نه ڪيو پر اسان کان محصول جي گهر ڪئي. “ اهڙي طرح سيدي علي جو هي سفرنامو، سنڌ جي عظيم محقق ۽ تاريخدان مرحوم سيد حسام الدين راشدي اشاعت جي زيور سان آراسته ڪيو. “