سليمان تاجر
سليمان تاجر ٽئين صدي هجريءَ جو عرب سياح ٿي گذريو آهي. جنهن جو مڪمل سفرنامو ڪتاب جي صورت ۾ ڇپيو آهي. هو هڪ عرب واپاري هو. جيڪو عراق جي بندرگاهه بصرءَ کان چين تائين رهندو هو ۽ اهڙي طرح هند ۽ سنڌ جي سڄي سامونڊي ڪناري جو، چڪر ڏيندو هو. هن پنهنجو ڪتاب 237 هه بمطابق 851ع ۾ لکيو ۽ اهو ” سلسله التواريخ “ جي نالي سان سن 1261 هه / 1845ع ۾ پهريون ڀيرو فرينچ ترجمي سان پيرس مان ڇپيو. جنهن جو تنقيدي مقدمو فرانسيسي عالم رينو لکيو هو. پنهنجي سفرنامي ۾ هن سڄاڻ، سياح ۽ سوداگر، سنڌ ۽ هند جي تهذيب ۽ تمدن، سياست ۽ معاشرت، راجائن ۽ حڪمرانن بابت ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهيون لکيون آهن. ان سان گڏ سنڌ ۽ هند جي سماجي ۽ اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ڀيٽ ڪري، سنڌ ۽ هند کي مٿاهون مقام ڏنو اٿس. جيئن ته سندس معلومات ذاتي مشاهدي، محققانه پرک ۽ پروڙ جو نتيجو آهي. تنهنڪري سندس احوال کي وڏي تاريخي اهميت حاصل آهي.
سليمان هڪ عجيب ڳالهه لکي آهي : ” اهل هند ۽ اهل چين جو گڏيل بيان آهي ته دنيا ۾ صرف چار بادشاهه آهن. سڀ کان اول عرب جو بادشاهه هي شهنشاهه ۽ ٻين بادشاهن جو بادشاهه، سڀني کان زياده شاهوڪار ۽ وڏي مذهب جو بادشاهه آهي. ان کان پوءِ چين جي بادشاهه جو نمبر آهي، تنهن کان پوءِ روم جي بادشاهه جو ۽ پوءِ هندوستان جي راجا بلرام جو مرتبو آهي. “ ان کان پوءِ هن سنڌ ۽ هند جي ڪناري چئن بادشاهن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ پهريون راجا بلرام آهي جو سڀني راجائن جو راجا آهي. هن جي فوجن جو نمونو عربي فوجن وانگر آهي. ٻيو گجرات جو راجا گوجر آهي. هن جو ملڪ سمنڊ جي ساڄي پاسي آهي. هن وٽ چوپايو مال تمام گهڻو آهي. هتان جا گهوڙا مشهور آهن. ٽيون طافن جو راجا آهي. جيڪو صلح جو شوقين آهي. چوٿون رهمي جو راجا آهي. جنهن وٽ تمام گهڻي فوج آهي ۽ پنجاهه هزار هاٿي آهن.“
سليمان جيئن ته هڪ تاجر هو. ان ڪري هن هتان جي تجارت ۽ سامونڊي رستن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” پهريائين بصره ۽ عمان مان سامان کڻي سيراف اچجي ٿو، جتي اهو جهازن ۾ چاڙهجي ٿو. اتان جهاز مسقط پهچن ٿا. جتان مٺو پاڻي کڻي جهاز هندستان روانا ٿين ٿا ۽ هڪ مهيني ۾ ڪولم پهچن ٿا. هتان چين وارا جهاز چين وڃن ٿا. ڪولم ۾ جهازن جي مرمت جو ڪارخانو به آهي. “ هو لکي ٿو ته ” يورپي جهازن جا تختا لوهي ڪلين سان جوڙيا ويندا هئا، جڏهن ته هندي سمنڊ وارن جهازن جا تختا ڏورين سان ڳنڍيا ويندا هئا.“ سامونڊي سفر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” اهو سمنڊ جيڪو هندستان، چين ۽ سرانديپ جي وچ ۾ آهي، ان ۾ وڏيون وڏيون مڇيون هونديون آهن، جن کان جهاز به ڊڄن ٿا. رات جو سمنڊ ۾ جڏهن جهاز هلن ٿا. تڏهن گهنڊ وڄائيندا آهن ته جيئن مڇيون جهاز جي رستي کان پري هٽي وڃن. ان ۾ اسان ويهن هڏن جي هڪ مڇي ماري، جنهن کي وهيل مڇي چيو وڃي ٿو. “ هتان جي تجارتي شين ۽ ٻيءَ مصنوعات جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ” هت عنبر ۽ ناريل عام آهي. هت اهڙو ته سوٽي ڪپڙو ٺهي ٿو، جهڙو ٻي جاءِ تي ڪڏهن به نه ملندو. هتان جي ڪن ٻيٽن ۾ سون، ياقوت، سمنڊ مان موتي ۽ سنک ( جنهن کي ڦوڪ ڏيئي وڄائبو آهي) ملن ٿا. ڪٿ ڪٿ سقم، بيد ۽ هاٿي ٿين ٿا. انڊمان جي ٻيٽن ۾ سياهه فام آدم خور ماڻهو رهن ٿا. “سنڌ جي ڪڙتن ۽ پهراڻن بابت هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي ڪاريگري جو هيءُ ڪمال آهي جو هو اهڙو ڪڙتو تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻيئي آستين، ڪليون ۽ کيسا اڻيل هوندا آهن. انهن ۾ سلائي جي ڪابه ضرورت نه آهي. “ هتان جي تاريخي ڪپڙي ململ، جنهن کي سنڌڻ چيو وڃي ٿو، جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته ”سنڌ جا عرب سوداگر گينڊن جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا هئا. جن تي چينائي تصويرون ڪڍندا هئا، ڪي فنڪار انهن سڱن مان تصويرون جوڙيندا هئا. في صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هئي. سنڌ ۾ ٺهيل ڪاٺ ۽ چمڙي جو پيٽيون ٻاهر وينديون هيون. انهن مٿان روغن جو ڪم تمام سٺو ٿيل هوندو هو. ان ڪري اهي دنيا ۾ مشهور هيون.“
هتان جي سماجي رسمن جو ذڪر ڪندي سليمان لکي ٿو ته ” سنڌ ۽ هند وارا جڏهن شادي ڪندا آهن. تڏهن پهريائين سلام دعا شروع ڪندا آهن. پوءِ سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا آهن ۽ پوءِ طبل جهانجهه وڄائي شاديءَ جو اعلان ڪندا آهن. جيتريقدر به ٿي سگهندو اٿن، مال ۽ دولت ڏيندا آهن. جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت کي کڻي اچي ۽ بدڪاري ڪري ته بدڪاري ڪرڻ واري عورت ۽ مرد ٻنهي کي قتل ڪرڻ سڄِي ملڪ ۾ ضروري سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مرد زبردستي عورت سان زنا ڪئي ته اڪيلو مرد قتل ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن عورت جي رضامندي سان بدڪاري ڪيائين ته مرد ۽ عورت ٻنهي کي قتل ڪيا ويندا آهن. “ هتان جي ڏوهه ۽ سزا جي رسمن بابت هو لکي ٿو ته ” جڏهن ڪو ڪنهن ٻئي تي ڏوهه مڙهي ٿو ته ملزم جي سامهون، لوهه گرم ڪري رکيو وڃي ٿو ۽ هن جي هٿ تي پان جا پتا رکي لوهه رکيو وڃي ٿو ۽ هو ان کي کڻي اڳيتي پوئتي هلي ٿو. وري هو لوهه کي ڪيرائي ڇڏي ٿو ۽ هن جي هٿ کي کل جي ٿيلهي ۾ ويڙهي ان تي بادشاهي مهر هنئي وڃي ٿي. ٽن ڏينهن کان پوءِ، ان کي ساريون ڏنيون وڃن ٿيون، جن مان هو چانور ڪڍي ٿو. پوءِ جيڪڏهن هن جي هٿ تي تپيل لوهه جو اثر نٿو ٿئي ته هن کي سچو سمجهيو وڃي ٿو ۽ فريادي تي ڏنڊ وجهي، حڪومت جي خزاني ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن لوهه جي بدران لوهي يا ٽامي جي ٿانءُ ۾ پاڻي گرم ڪيو ويندو آهي ۽ ان ۾ لوهه جي منڊي رکي وڃي ٿي ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته هٿ وجهي ڪڍ. مون پاڻ اهڙن ماڻهن کي ڌٺو آهي، جن انهي گرم پاڻي ۾ منڊي ڪڍڻ لاءِ پنهنجو هٿ وڌو ۽ صحيح سالم نڪري آيو. پوءِ فريادي تي مڻ سون ڏنڊ رکيو ويو. هند، سنڌ ۽ چين ۾ گهٽ يا وڌ هر قسم جي چوري جي سزا قتل آهي. ان جو طريقو هي آهي ته جڏهن چور هڪ پيسو يا ان کان وڌيڪ چوري ڪندو آهي ته هڪ ڊگهي ڪاٺي جي چهنب نوڪدار ڪئي ويندي آهي ۽ ان تي چور کي ويهاريو ويندو آهي. اها ڪاٺي هيٺيان داخل ٿي، نڙي کان نڪري ويندي آهي. جڏهن ڪنهن کي قيد ڪندا آهن يا ڏنڊ وجهندا آهن ته ستن ڏينهن تائين ان کي کاڌو پيتو نه ڏيندا آهن ۽ اهي ست ئي ڏينهن ماڻهو ڏوهاريءَ سان گڏ رهندا آهن.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” مان هتان جي ماڻهن کي ٽي ٽي هٿ ڊگهيون ڏاڙهيون ڏٺيون. جڏهن ڪو مري وڃِي ٿو ته سندس ويجها مائٽ ڏاڙهي مڇون ڪوڙائن. هتان جا ماڻهو منجهند جي ماني کائڻ کان اڳ نڙ ڪندا آهن ۽ ڏندڻ ڏيندا آهن. ڏندن ڏيڻ کان سواءِ ماني نه کائيندا آهن. چانور هتان جي ماڻهن جي خاص خوراڪ آهي. مرد ۽ عورتون سڀيئي سون ۽ جواهر جا زيور پائيندا آهن. هتي مردار اڇلايا وڃن ٿا. صندل، ڪافور ۽ زعفران لاش تي وجهن ٿا ۽ خاڪ کي هوا ۾ اڏائي ڇڏين ٿا. هتي هڪ رسم هي به آهي ته جڏهن راجا مري ٿو ته ان سان گڏ ان جو راڻيون به ماريون وڃن ٿيون.
سليمان تاجر جو آخر ۾ جوڳين ۽ تارڪ الدنيا ماڻهن بابت رايو آهي ته ” هت اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي جبلن ۽ جهنگلن ۾ گهمندا رهن ٿا. بک لڳندي اٿن ته گاهه، پن يا جهنگ جا ميوا کائين ٿا. مون هڪ اهڙي ماڻهو کي ڏٺو جيڪو اس ۾ ويٺو هو. 14 سالن کان پوءِ، جڏهن مان اتان لنگهيس ته مون کيس ساڳي حالت ۾ ڏٺو، مون کي اچرج ٿيو ته اس جي تپش کان ان جي اک ڇو ڪين نڪتي.