چارلس مئسن
چارلس مئسن هڪ انگريز سياح هو، جنهن جو اصلي نالو ” جيمس لوئس “ هو. هو لنڊن جي هڪ وڏي واپاري جو پٽ هو. هو يوناني، لاطيني ۽ فرينچ ٻولين جو ماهر هو. چارلس مئسن سياحت جي خيال کان، هندستان آيو ۽ پهرئين سن 1822ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ نوڪر ٿي بنگال پهتو. پر پوءِ اها نوڪري ڇڏي، قلندري فقيرن جي لباس ۾ سن 1827ع ۾ سنڌ، هند ۽ افغانستان جي سير تي نڪتو. پهرئين سفر هو قنڌار کان بولان لنڪ لنگهي ڪوئيٽا آيو ۽ اتان شڪارپور کان سکر آيو. درياءَ ٽپي روهڙي کان ٿيندو خيرپور آيو، جتي مهينو رهيو. ان کان پوءِ لاهور هليو ويو. ٻئي ڀيري لاهور کان ڪراچي ۽ سکر آيو. پوءِ لاڙڪاڻي کان ٿيندو حيدرآباد آيو. حيدرآباد کان ٺٽي ويو. ٺٽي کان ڪراچي پهتو. ڪراچي کان بصره ويو ۽ ايران جا ڪيترائي شهر جهڙوڪ : شيراز، اصفهان، تهران ۽ تبريز گهميو. آخر بغداد مان ٿي بندر عباس مان ٻيڙيءَ تي چڙهي ڪراچي آيو. اتان سون مياڻي، قلات ۽ ڪوئيٽا ويو. هن ڪي اهم دستاويز ۽ سڪا ” ايسٽ انڊيا ڪمپني“ کي پيش ڪيا. ڪمپني، سندس خدمتن جو قدر ڪندي، هن لاءِ ساليانو پنج سئو پائونڊ وظيفو مقرر ڪيو. چارلس مئسن سن 1853ع ۾ وفات ڪئي. مئسن جي سفرنامي جا ٻه ڀاڱا آهن، پهريون ڀاڱو 1816ع کان 1838ع تائين ۽ ٻيو ڀاڱو 1842ع کا 1843ع تائين آهي. هن ڪتاب مان پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان جي ان زماني جا حالات معلوم ٿي سگهن ٿا.
مئسن جي زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڌاڙيلن باهه ٻاري ڏني هئي. مئسن پنهنجي سفرنامي ۾ انهن حالتن جي تصوير پيش ڪئي آهي. هو لکي ٿو : ” اسان جو قافلو، جڏهن وڌي رهيو هو ته اسان آباد زمين مان پئي وياسون. پر ڳوٺ گهڻي ڀاڱي، ڀڙڀانگ ۽ تباهه ٿيل هئا يا وري سڄِي آبادي ڳوٺ ڇڏي چڪي هئي. ٻاجهري جا پڪل فصل ڏسي حيرت پئي ٿي ته فصل لاباري لاءِ تيار آهن پر ڪو لڻڻ وارو ڪونهي يا مالڪي جي دعوى ڪري. آبادگار ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي ڊپ کان جيلن ڏانهن ڀڄي رهيا هئا. جيئن اسان جو قافلو هوريان هوريان گذريو پئي ته موڳائپ وارو احساس پئي اڀريو. اها ڪا گهٽ ڏکوئيندڙ ڳالهه نه هئي ته مسڪين ماڻهن کي پنهنجي گهر، تڙ ۽ ملڪيتون ترڪ ڪرايون وڃن. نه ئي اهي احسان لائق حڪومت خلاف، جذبن جي اڀار کي روڪي پئي سگهيا. جيڪا پنهنجي رعيت کي سلامت رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي هئي. ڇاڪاڻ ته جابلو ڌاڙيلن خلاف، ان پنهنجي بيوسي جو اقرار ڪري ڇڏيو هو.
چارلس مئسن جڏهن شڪارپور پهتو تڏهن هن ان علائقي کي سرسبز ۽ خوشحال ڏٺو. هو لکي ٿو : ” شڪارپور خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي ان ۾ وڏو واپار هلي ٿو ۽ اتي جي واپارين جا ساري دنيا سان تجارتي ناتا آهن. هي شهر دولت جي فراواني سان، اعلى شهرت جو مالڪ بڻجي ويو آهي. جتي هندو شاهوڪار ۽ بئنڪن جا مالڪ وڏي شان شوڪت سان اميراڻي زندگي گذارين ٿا. هندو وياج تي ماڻهن کي قرض ڏيندا هئا. هنن ۾ اعلى درجي جي ايمانداري هوندي هئي. هنن جون هنڊيون، هندستان جي هر جاءِ تي بلڪ وچ ۽ اولهه ايشيا تائين هلنديون هيون. هندو واپارين جا نو سئو دوڪان هئا، جن ۾ اناج، ڪپڙو، ڪپهه، دوائون، ڌاتو، سلڪ، ميناڪاري، عطر، لوهي سامان، ميوات، سبزيون ۽ کير جا دڪان هئا.“ چارلس مئسن جڏهن ٻئي دفعي شڪارپور آيو. تڏهن شڪارپور اجڙي چڪو هو. هتان جي پسگردائيءَ وارو شهر ماڻهن جي ڇڏي وڃڻ سبب خالي هئا ۽ ڳوٺن جا ماڻهو ڌاڙن ڦرن تي گذران ڪندا هئا. هو لکي ٿو : ” مون معاملن کي ان حالت ۾ ڏٺو جو ماڻهو بنا ڀتين وارن گهرن ۾ پئي رهيا ۽ گهڻو ڪري ليٽيا رهندا هئا. افغان حڪومتن جي وقت ۾ شڪارپور منجهان محصول ۽ ٻيءَ آمدني اٺ لک هئي پر هاڻي اها اڍائي لک رپيا ٿئي ٿي. لکي جو شهر به ڀڙڀانگ ٿي ويو. سکر جيڪو به اڳ ۾ وڏو شهر هو، سوبه اجڙيل هو.
چارلس مئسن سنڌ جي ڳوٺاڻن کان ڏاڍو متاثر ٿيل آهي. هو لکي ٿو : ” سنڌ جي ڳوٺاڻن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هو جتي ڪٿي خوش نظر آيا ۽ پرسڪون زندگي گذاري رهيا هئا. هنن ۾ نه بيچيني ۽ پريشاني هئي ۽ نه کين روزگار جي تنگي هئي. قدرت کين اهڙا وسيلا مهيا ڪري ڏنا جو ڪابه ڪمي محسوس نه ٿي ڪيائون. زمين زرخيز آهي. جنهن ڪري ٿوري محنت سان هو پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪن ٿا. هنن جون ضرورتون ٿوريون آهن ۽ عزت ۽ مان سان رهن ٿا. ڏاڍا مهمان نواز آهن ۽ آئي وئي کي ڍو ڪرائي ڇڏين ٿا. “ هو سندس مهمان نوازي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” هڪ دفعي هڪڙي ڳوٺ جي ماڻهن، مون کي هڪ سهڻي نموني ڏريل ڪڻڪ جي مٺي طاهري کائڻ لاءِ زور ڀريو. ان وقت سورهن سترهن کن مٽي جا باسڻ ڀري آني اڳيان رکيائون ۽ ٻه ڪٽورا ڏڌ جا به هئا. اها سنڌي هارين جو خاص خوراڪ هئي مان کليس پئي ۽ ڳوٺاڻن جي مهمان نوازي جي تعريف ڪري روانو ٿيس.“ هو ڳوٺاڻن بابت وڌيڪ لکي ٿو : هنن جا گهر مٽي جا ٺهيل ۽ ڪکاوان آهن ۽ سنڌ جي آبهوا لاءِ مناسب آهن. انهن ڳوٺن ۾، مسجد جي عمارت وڌيڪ بهتر نموني ٺهيل آهي. هو سادي زندگي گذارين ٿا. سچا ۽ پڪا مسلمان آهن.“
اهڙي طرح چارلس مئسن جو سفرنامو سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ جو مجموعو آهي ۽ ان ڏس ۾ سٺي معلومات فراهم ڪري ٿو.