سر هينري پاٽنجر
( 1779 ع کان 1856ع )
ڪئپٽن هينري پاٽنجر سنه 1779ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ سنه 1857ع ۾ وفات ڪئي. هو انگريزي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ترقي ڪندي ڪئپٽن جي درجي تي پهتو. هن کي فوج کان سواءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ به وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ان ڪري ئي ڪمپني طرفان ٽالپورن سان ڳالهائڻ لاءِ 2 جنوري 1819ع ۾ جيڪو وفد بمبئيءَ کان موڪليو ويو، ان ۾ سر هينري پاٽنجر کي به موڪليو ويو هو.
سر هينري پاٽنجر سنڌ جي سفر تي نجي طرح به نڪتو. اهو جنوري سن 1810ع جو زمانو هو. بمبئي کان آيو. هن ڏيهي ماڻهن وارو ويس پاتو ۽ بلوچستان کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو. هن سنڌين کي ويجهو ويهي ڏٺو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ” سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر “ ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي، زبان ۽ ادب بابت ڪافي مواد ڏٺو آهي. سندس انهيءَ انگريزي ڪتاب جو ترجمو ” سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر “ جي عنوان سان جناب حنيف صديقي ڪيو آهي. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. جيئن ته هينري پاٽنجر هڪ برطانوي سول ۽ فوجي آفيسر هو ان ڪري سندس تحرير ۾ سياسي رنگ موجود آهي.
سنڌ جي بيهڪ جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ صوبي جي اتر طرف ڪڇ گنداوا جو صوبو، شڪارپور جو ضلعو ۽ بهاول خان جا علائقا آهن. جنهن کي عام طور دائودپوٽو چيو وڃي ٿو. ڏکڻ طرف هندي سمند ۽ ڪڇ پُڇ جو ڪجهه حصو آهي. اوڀر طرف هڪ وسيع ريگستان آهي جيڪو ان کي اجمير، مارواڙ، اڌيپور، بيڪانير وغيره کان جدا ڪري ٿو ۽ الهندي طرف لس ۽ جهالاوان جا صوبا واقع آهن. هي ملڪ مصر سان جيڪو مشاهبت رکي ٿو سا ايتريقدر ته گهڻي آهي جو اها ڏسندڙ کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. هڪ سڌو سنئون ميدان، جنهن جي وچان هڪ شاندار درياءَ وهي ٿو ۽ ڪجهه مفاصلي تائين، ٻنهي ڪنارن واري علائقي کي سائو ۽ آباد ڪري ٿو. جنهن کان پوءِ ان جي هڪ ڪناري تي زمين جو مٿاڇرو وارياسو ريگستان ٿيو پوي ۽ ٻيو ڪنارو غير آباد ۽ خشڪ ٽڪرين سان ڀرجيو وڃي. جيڪي سندن زمين توڙي آب وهوا ٻنهي جي لحاظ کان نهايت غير مهمان نواز آهن.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” هن صوبي جي قدرتي بيهڪ جيڪا هندستان ۾ انگريزي حڪومت جي مقبوضه علائقن جي الهندي طرف تي آهي ۽ اها عظيم رڪاوٽ، جيڪا ان جي درياءَ انهيءَ طرف کان ايندڙ ڪنهن به حملي آور جي آڏو پيش ڪندو، جيڪا ڳالهه انهن سهولتن سان گڏجي جيڪي انهي رڪاوٽ طرفان اسان کي، سمنڊ جي مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾، هندستان ڏانهن پيشقدمي ڪندڙ، ڪنهن به دشمن جي ڪارواين کي منهن ڏيڻ لاءِ مهيا ڪندي، سي سڀ گڏجي، هميشه سنڌ کي وسيع سياسي اهميت جو علائقو بنائين ٿيون. “
سر هينري پاٽنجر سنڌ جي شهرن مان ڪراچي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” هي شهر سنڌ جي انتهائي ڏکڻ اولهندي ڪنڊ تي ويڪرائي ڦاڪ 52، 24 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 17.67 ڊگرين وٽ بيٺل آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ جي مکيه سامونڊي بندرگاهه جو درجو حاصل ڪيو آهي. سن 1809ع ۾ ڪراچي مان وصول ٿيل ۽ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل ڪل آمدني نوانوي هزار رپيا ساليانه هئي. هاڻي اها آمدني وڌي هڪ لک 23 هزار ٿي آهي. انهيءَ ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ شهر مستقل طور سڌري رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب، هن بندر جي جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ، اهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ، ايران، خراسان، بلخ، بخارا وغيره جي عين وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. “ ٺٽي لاءِ هو لکي ٿو : ” ٺٽو جڏهن کان گادي جو هنڌ بنيو، تڏهن اهو شهر جلد ئي
ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو۽ انهي سڄي وڻج واپار جو مرڪز ٿي پيو. جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو. جيڪو ان جي اترئين ۽ الهندي طرفن ۾ هلندو هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير ۽ دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي شاندار بنائڻ ۾، پئسي ۽ محنت جي خرچ ڪرڻ ۾ ڪوبه بخل ڪونه ڪيو. ساڳئي وقت تي، هنن سنڌو نديءَ مان جيڪا انهي شهر جي اڀرندي ۾، چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي. واهن کوٽائڻ جي ذريعي، جن جي رستي، ٻيڙين ذريعي دور دراز علائقن کان مال اندر ۽ واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو ويندو هو. تجارتي طبقي کي سهوليت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾، اوترائي آماده هوندا هئا. ” پاٽنجر، حيدرآباد جي قلعي بابت لکي ٿو : ” هي قلعو مير فتح علي خان ٺهرايوهو. سنڌين طرفان انهي قلعي کي، ايڏو مضبوط سمجهيو وڃي ٿو، جو هنن جو اعتقاد آهي ته ان کي فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون وينديون. تن کي هو ناڪام بنائي ڇڏيندا. پر اهو هڪ يورپي دشمن جي باقاعده حملن جي خلاف ڪو خاص بچاءُ ڪري نه سگهندو. فصيلن جي شڪل و صورت بلڪل بي قاعدي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي اهڙي نموني ٺاهيون ويون آهن ته جيئن اُهي پهاڙي جي ڪنڊن ۽ وروڪڙن سان مشاهبت رکن. ديوارون زياده تر سرن جون ٺهيل آهن ۽ انهن جي اوچائي پندرهن کان ٽيهن فوٽن تائين آهي. انهن جا بنياد ڇڱا خاصا ٿلها ۽ مضبوط آهن پر اهي چوٽي ڏانهن ويندي سنها ٿي ويندا آهن ۽ ديوارن ۾ رکيل نالين ۽ ٻاهر ڏسڻ لاءِ ڪيل سوراخن سبب ايتريقدر ته ڪمزور ٿيل آهن جو انهن تي جيڪڏهن مهارت سان ڪي ٿورائي گولا هنيا وڃن ته انهن جو ڪوبه حصو ڊهي پوندو ۽ فصيلن جي پناهه ۾ بيٺل ماڻهو ٻاهران موڪليل بندوقن جي گولين جو آساني سان نشانو بنجي پوندا. مڙني فصيلن جي پاسن کان جيڪي گول برج تعمير ٿيل آهن، سي ڏاڍن مناسب هنڌن تي بيهاريل آهن ۽ انهن جو هڪٻئي کان مفاصلو ٽن يا چئن سون قدمن جيترو آهي ۽ اهي سڀ تعميرات، پهاڙي جي اوچائي سان گڏجي سمورو قلعو مجموعي طور رعبدار نظارو پيش ڪري ٿو. ان کان علاوه ٽڪري جو پٿر تمام نرم ۽ ڀرڻو آهي ۽ ان جي سلامي اهڙي آهي جو ديوار ۾ وڌل زخني مان ڪرندڙ ڪچرو، ان تي بيهي رهندو ۽ حملي آور فوجن کي مضبوطي سان پيرن ڄمائڻ لاءِ جاءِ فراهم ڪري انهن جي پختي مدد ڪندو.“
سنڌ جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ پوشاڪ بابت هو لکي ٿو : ” سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا آهن. پر مجموعي طور انهن کي بيحد خوبصورت چئي سگهجي ٿو. قد ڪاٺ ۾ اهي ٻين ايشيائي قومن جي وچولي قد کان، مٿڀرا آهن ۽ شڪل شبيهه توڙي بدن جي عضون جي بناوٽ سٺي اٿن. سندن زالن جي سونهن پهاڪي چڙهيل آهي ۽ اهي واقعي آهن به، انهيءَ تعريف لائق، مردن جي پوشاڪ ڍلو پهراڻ، مُرن وٽ جهل هڻندڙ شلوار ۽ چورسين اڳڙين کي ڳنڍي ٺاهيل ڪپڙي جي لسي ٽوپي تي مشتمل آهي. جنهن جي شڪل انگريزي ٽوپلي جي مٿئين حصي وانگر آهي ۽ انهن کي هيٺين ڪناري وٽ، خوبصورت ريشمي يا زري جي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريو وڃي ٿو. مردن جي پوشاڪ ۾ خاص ڳالهه پٽڪو آهي. سنڌ جي وڏن ماڻهن طرفان جنهن غير معمولي ماپ جا پٽڪا ٻڌا وڃن ٿا. تن جو تصور هن حقيقت مان قائم ڪري سگهجي ٿو ته انهن مان ڪي جنهن ڄاري جهڙي ڪپڙي جا پٽڪا ٻڌندا آهن. سي ڊيگهه ۾ اسي فوٽن کان به مٿي هوندا آهن. عام طرح سان ان جي ويڪرائي اٺن کان وٺي ٻارهن انچن تائين هوندي آهي. زالن جو لباس، مرداڻي ويس ٽوپي ۽ پٽڪي کان سواءِ ذري گهٽ ساڳيو آهي. ان کان سواءِ هو ٻاهرئين لباس جي هيٺان ريشمي چولي پائن ٿيون. جيڪا سندن بدن تي پوري طرح سان لڳي بيهي ٿي ۽ پٺئين طرف کان ٻڌي مضبوط ڪجي ٿي ۽ جڏهن ٻاهر نڪرن ٿيون، تڏهن ساڙهي يا وڏي چادر بدن کي ويڙهين ٿيون ۽ جڏهن به اهي ڪنهن نامحرم جي منهن چڙهن ٿيون ته انهيءَ چادر جي هڪ ڪناري کي پٺيان کان مٿي تان ورائي منهن تي پردي وجهڻ جو ڪم وٺن ٿيون. “
اهڙي طرح ڪئپٽن سر هينري پاٽنجر جو هيءُ سفرنامو سنڌ تاريخ ۽ سياست جو اعلى دستاويز آهي.