ڊاڪٽر جيمس برنس
ڊاڪٽر جيمس برنس، اسڪاٽلينڊ جو رهاڪو هو. هندستان ۾ هو فوج ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿي آيو ۽ سندس هيڊڪواٽر بمبئي ۾ هو. هو پنهنجي فن ۾ مهارت رکندڙ هو. طب کان سواءِ ادب ۽ انشاءَ بردازيءَ ۾ چڱو مقام هوس. سن 1827ع ۾، سنڌ جو حاڪم مير مراد علي خان بيمار ٿي پيو ۽ حاڪمن سندس علاج لاءِ، ڊاڪٽر جيمس برنس کي گهرايو. ساڻس پوني جي فوج جا ڪي سپاهي، ڪي بحري فوجي علمدار ۽ هڪڙو دستو، ڪڇ جي راءِ جي فوج جوبه ساڻس گڏ آيو. هو سنڌ ۾ ٽي مهينا رهيو ۽ سندس علاج سان مير مراد علي چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو.
جيمس برنس جيڪو عرصو سنڌ ۾ رهيو. اهو هن سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن جي غور سان جائزي وٺڻ ۾ گذاريو. ان وقت انگريزن جون سنڌ ۾ لالچي نگاهون هيون ۽ ان کي هڙپ ڪرڻ کان اڳ، سنڌ بابت هر قسم جي معلومات گهربل هئي. ان ڪري جيمس برنس، سنڌ بابت هڪ خاص ڪتاب لکيو. جنهن ۾ ميرن جي اندروني حالتن، سنڌ جي طبعي حالتن سان گڏ ڪڇ جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو. سنڌو ندي جي مختلف وهڪرن تي به هن تبصرو ڪيو. هي ڪتاب پهريون دفعو سن 1831ع ۾ ” اي نئريٽو آف اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ “، ” اي اسڪيچ آف دي هسٽري آف ڪڇ “ جي نالي سان انگلينڊ مان ڇپيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سن 1964 ع ۾ جناب حنيف صديقي ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو.
جيمس برنس، سنڌ جي ڳوٺن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” سنڌو ندي جي هن ڀروارا سنڌ جا ڳوٺ ڪڇ جي ڳوٺن کان سادا ٺهيل آهن. انهن ۾ ڪڇ جهڙا پڪا پٿر جا، سهڻا ۽ آسائشي گهر ڪونه آهن. ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري مٽي ۽ ڪکن جون جهوپڙيون آهن. مسجدون گهڻيون ئي آهن. پر اهي به ساڳئي نموني جون ڪچيون، فقط ٿوريون، مٿي هونديون آهن ۽ ڪجهه گلڪاري به ٿيل هوندي اٿن، جنهن مان سڃاڻي سگهبيون آهن. صوبي جا گهڻا ماڻهو، پنهنجن ٻنين تي، ڪکائين پکن ۾ رهندا آهن. جتي هو پوکي راهي ڪندا آهن. اڪثر ڳوٺن کي نالو ڪونه ٿئي. اهي پنهنجن مالڪن جي نالن پٺيان سڏبا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته، ضرورت جي وقت جڏهن ان ۽ مال جي گاهه جي تنگي هوندي آهي ته سڄي ڳوٺن جا ماڻهو، گهر پٽي وڃي ٻئي هنڌ لڏي رهندا آهن.
سنڌ جي درٻار جو منظر پيش ڪندي ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو : ” مان قلعي ۾ ڪيترن سوڙهين ڳلين مان، جن ۾ فقط درٻار جا خاص خدمتگار هئا. لنگهي اوچتو هڪ وڏي کليل اڱڻ ۾ پهتس. جتي ڪيترا سهڻي پوشاڪ وارا سنڌي بيٺا هئا. اڱڻ جي ٻنهي پاسن کان ڀتين تي نقاشي ٿيل هئي ۽ پٽ تي گونا گون غاليچا وڇايل هئا. مون کي انهن مان هڪڙي در ڏانهن، وزير ۽ علمدار وٺي هليا. مان جيستائين پاڻ سنڀاليان تنهن کان اڳ، منهنجي جُتي لاٿي ويئي ۽ مان ميرن جي حضور ۾ بيٺو هوس. مون کي هڪئي وقت ۾ ساري شاهي خاندان کي ڏسڻ جو موقعو مليو. مون اهڙو شاندار منظر اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. اهو منظر ننڍي هوندي، جيڪي اسان مشرقي تجمل جا خياليءَ پلاءُ پچائيندا هئاسين. انهن سان هوبهو ٺهڪي ٿي آيو. ميرن کي خوشنما پوشاڪون پهريل هيون ۽ هر هڪ اونچي ڪمري جي ڇيڙي ۾، اڌ گول جي شڪل ۾ ويٺا هئا. ڪمرو ايراني غاليچن سان سينگاريل هو. ٻه وڏا مير وچ ۾ مسند تي ويٺل هئا. مسند اڇي رنگ جي ولائتي ريشمي ڪپڙي جي پوش سان هڪ ٿلهي گدي هئي، جنهن تي پٽ ۽ زري جو، سهڻو ڀرت ڀريل هو. ان جون ڪنڊيون، چئن ٿلهن، گول، سونن جهاٻن سان ٻڌيل هيون. ان جي پٺيان، هڪ ڀرت ڀريل بخمل جو طول وهاڻو رکيو هو. مطلب ته مسند نهايت شاندار پئي لڳي. مير صاحب جي ٻنهي پاسن کان سندس خاندان جا ڀاتي يعني ڀائيٽا مير صوبدار خان، مير محمد خان، مير مراد علي خان جا پٽ مير نورمحمد ۽ نصير خان ويٺا هئا. انهن کان پر ڀرو سندن چاچو مير محمود خان ۽ هن جا پٽ احمد خان ۽ جهان خان هئا. سفيد پوش خدمتگار، شهزادن جي پٺيان تلوارن ۽ ڍالن سان بيٺا هئا. هڪڙو يورپي ماڻهو، جنهن اڳي اهڙي اعلى ڏينهن تهذيب جو مظاهرو ڪونه ڏٺو هو. تنهن لاءِ هنن ماڻهن جي پوشاڪ جي نفاست ۽ صفائي نهايت دلڪش هئي. هتي رنگين نپين ۽ قدمچي رنگ جي نمائش ڪانه هئي ۽ نه وري تجمل ۽ غلاظت جي آميش هئي، جا اڪثر هندو راجائن جي درٻارين ۾ نظر ايندي آهي. مگر هتي اهڙي سادگي ۽ لطافت هئي، جو اهڙي مون ڪٿي ڪانه ڏٺي هئي. ميرن ۽ سندس خدتمگارن کي تقريباً هڪجهڙا ڪپڙا پهريل هئا. يعني اڇي رنگ جي سنهي ململ جا صفائي سان ٺهيل ۽ چٽيل انگرکا، ريشم ۽ زري جا ڪمر بند، سوڙهن پاچن سان ريشمي ترڪي شلوارون ۽ ڪيمخاب يا ڀريل بخمل جون سنڌي ٽوپيون، انهن کان سواءِ هر هڪ شهزادي جي ٻانهن تي اڪثر سفيد رنگ جي نهايت خوبصورت ڪشميري شالن جو جوڙو، ڪمربند، هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل ايراني خنجر هئا. جن سندن پوشاڪ ۽ آرائش مڪمل ٿي ڪئي.“
سنڌ جي خوشحالي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” قدرت ان کي سنڌو ندي جهڙي پائدار ۽ مستقل نعمت عطا ڪئي آهي جا واپار ۽ زراعت جو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن کي ظلم به بند نه ٿو ڪري سگهي. ان جي ڪري ڪڙمي نه فقط پنهنجون ٻنيون ٿوري خرچ ۽ تڪليف سان آباد ڪري سگهي ٿو پر هو پوري وقت تي چڱي فصل جي اميد به رکي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن سندس خواهش هجي ته پنهنجي محنت جو سٺو سڦلو ڦل آساني سان نفعي تي ٻين ملڪن ۾ موڪلي سگهي ٿو. حاڪمن جي مخالفت هوندي به زمين جي زرخيزي ڪري سنڌ ۾ مزدوري ۽ کاڌي پيتي جون شيون ڪڇ کان سستيون آهن. ڪڇ جا ماڻهو هميشه جنگن جي وقت ۾ پيٽ قوت ۽ گذران لاءِ سنڌ ڏاننهن ويندا آهن. تنهنڪري هن ملڪ ۾ ماڻهو سکيا ۽ ستابا نظر ايندا آهن. جا ڳالهه ڏسي انهن ماڻهن کي تعجب لڳندو آهي جي سمورين حقيقتن تي ويچار نه ڪندا آهن. مطلب ته ڊاڪٽر برنس جو هي سفرنامو سنڌ جي درٻار ميرن جي اٿڻي ويهڻي ۽ سياسي هلت چلت سان گڏ سنڌ جي تاريخ جا نمايان پهلو به بيان ڪري ٿو.
سندس هڪ ڪتاب ” ميموريز آف سر اليگزنڊر برنس “ سال 1851 ع ۾ لنڊن مان ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته سندس ٻيو ڪتاب ” اي نيريٽو آف وزٽ آف ڪورٽ آف سنڌ : اي اسڪيچ آف هسٽري آف ڪڇ “ جو حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو” سنڌ جي درٻار “ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.