اليگزينڊر برنس
سر اليگزينڊر برنس 14 مئي 1805ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. 16 سالن جي عمر ۾ ” ايسٽ انڊيا ڪمپني “ جي ملازمت ۾ داخل ٿيو ۽ اهڙي طرح سن 1823ع ۾ کيس سورت بندر موڪليو ويو ۽ سن 1825ع ۾ سنڌ جي علائقي ڪڇ ۾ آيو. 1830ع ۾ راجا رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ پنجاب ويو. 1832ع ۾کيس حڪومت هند جي سفارش تي، سنڌ جي ايراضي جي مطالعي ۽ تحقيقات تي مامور ڪيو ويو. برٽش شمالي هندوستان، افغانستان، بخارا ۽ ايران جي سياحت تفصيل سان ڪيائين. سنڌ کي ته پنهنجو گهر ڪري ڇڏيائين. هتان هُتان گهمي سنڌ ۾ موٽي ايندو هو. سنڌ جي اميرن سان، مهراڻ جي تفصيلي سروي لاءِ حيدرآباد ۾ مذاڪرات ڪيائين. سن 1836ع ۾ تجارتي وفد جو سربراهه ٿي روس جي اندروني حالاتن کي پرکڻ لاءِ پڻ ويو. 1841ع تائين ڪابل ۾ انگريزن جي سياسي نمائندي جي حيثيت ۾ رهيو. سندس ٽي ڪتاب مشهور آهن. جيڪي آهن ” بخارا جو سفر “ سنڌ 1828ع، ٻيو ڪتاب ” اي ووآئج ٽو انڊس “ ( سنڌ جو سفر ) سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي لکيل آهي.
سر اليگزينڊر بنيادي طور بيروڪريٽ ۽ سياستدان هو. سنڌ ۾ سندس سير و سفر جو مقصد صرف سياست هئي. ان ڪري سندس سرڪردگي ۾ جيڪو وفد سنڌ ۾ آيو سو ظاهري طرح ته سنڌ جي سرزمين ۽ دريائي واپار جي تحقيقات لاءِ آيو پر اصل ۾ سندن مقصد اهو هو ته ڪابل ۽ خراسان جي رستن جو فوجي نقطئه نگاهه کان جائزو ورتو وڃي. ان کان سواءِ اليگزينڊر برنس سنڌو درياءَ رستي پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهه ڏانهن گهوڙا وٺي ويو، پر اصل ۾ سنڌو رستي فوجين جي نقل و حمل جو جائزو ورتو، ان ڪري ئي سنڌ جي هڪ سياڻي چيو هو ” افسوس، اڄ فرنگين سنڌو درياءَ ڏٺو. هاڻي سنڌ، سنڌين جي هٿن مان وئي. “
اليگزينڊر برنس لکي ٿو : ” اسان سکر کان درياءَ اڪري سکي کان ٿيندا شڪارپور پهتاسون. شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر آهي. جنهن کي ” نولکي سنڌ “ سڏيو وڃي ٿو. شڪارپور جو بنياد سن 1026هه بمطابق 1617 ع پيو آهي. سنڌو ندي جي ساڄي پاسي شڪارپور ضلع ۾، مسلمانن دائودپوٽن جو هڪ قبيلو آهي. جنهن کي اورنگزيب جي شروعاتي دور ۾، حڪمراني مليل آهي. هتي جي آدمشماري ٽيهه هزار آهي. هندن ۾ واڻيا، ڀاٽيا ۽ لوهانا قبيلي جا آهن پر بابا نانڪ پنٿي سِک اڌ کان به وڌيڪ آهي. هڪ ڀاڱي ڏهه آدم مسلمان آهن، جن کي زمين پٽي تي مليل آهي. اهي شڪارپور جي آس پاس تي رهن ٿا. اهي زمينون کين دراني حڪومت جي وقت ۾ مليل آهن. اهو شڪارپور جي ترقي بابت لکي ٿو : ” شڪارپور جي آسودگي سن 1715ع کان شروع ٿي. اها هن ريت ته قنڌار جي حاڪم تيمور شاهه، هندن کي حفاظت جو يقين ڏياريو ۽ انجام ڪيائين ته جيڪڏهن هو پنهنجي واپار ۾ رڌل رهندا ته هنن تي ڪنهن به قسم جو ظلم نه ٿيندو. ان ڪري شڪارپور ۾ ڪامياب ترين بئنڪر يا صراف پئدا ٿيا ۽ هن شهر ۾، ان وقت وڏيون بئنڪون يا ڏيتي ليتي جا ادارا هئا جن جا گماتشا سڀني مشهور شهرن جهڙوڪ اولهه ۾ اشرخان يعني ڪئسپئن سمنڊ جو ڪنارو، اوڀر ۾ ڪلڪتو ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن هوندا هئا. وڏي واپار لاءِ اهي جوڙيون پئدا ڪندا هئا ۽ سندس هنڊيون هر هنڌ هلنديون هيون. “ هو وڌيڪ لکي ٿو : ” شڪارپور ۾ تمام سهانگائي آهي. سنڌ جي ٻين شهرن کان هتي شيون سٺيون، گهڻيون ۽ سستيون آهن. هتان جي بازار ۾ 884 دڪان، جدا جدا شين جا آهن. شڪارپور جو واپار مسقط، بندر عباس، مشهد، بخارا، سمرقند، قندوز، استرخان، قندار، سبزاوار، غزني، ڪابل، همدان، يزد، ديره غازي خان، بکر، اُچ، بهاولپور، ملتان، جئپور، جوڌپور، جيسلمير، بمبئي، ڪلڪتو، امرتسر، مانڊوي، حيدرآباد سنڌ سان ڳنڍيل هو.“
هو لکي ٿو: ” اسان شڪارپور ۾ ڏاڍي آرام سان ڏهه ڏيهن رهياسون. هن ان وقت حيدرآباد ۽ ميرپور جي ميرن جي گڏيل حڪومت هئي. هندو واپارين کان اسان کي ايران، هرات ۽ قنڌار جي ڪاهن جون خفيه خبرون مليون. بهاولپور ۽ پنجاب جي سکن جون اکيون شڪارپور تي آهن.“ سنڌ جي تجارتي مال جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ جي مال جو دهلي جي شهنشاهن جي دور ۾، گهڻو مان هوندو هو. جڏهن سنڌ ۾ نادرشاهه داخل ٿيو. ان وقت سنڌ جو واپار عروج تي هو.“ اليگزينڊر برنس جي آمد وقت، سنڌ ۾ ننڍي پئماني تي صنعتي تنظيم هئي. ڪاريگر يا ته پنهنجي ليکي ڪم ڪندو هو يا ته اڳواٽ مليل آرڊر تي مال تيار ڪري ڏيندو هو. برنس سنڌ جي انهيءَ صنعتي تنظيم بابت لکي ٿو ته : ” هتي ڪم وڏين فيڪٽرين يا ڪارخانن ۾ ڪونه ٿو ٿئي. پر خانگي جڳهين تي ٿئي ٿو. جتي تمام ٿوري ايراضي ۾، جتي هڪ ڪمري ۾ ٽي ٽي اڏاڻا لڳل آهن. ڪم ڪرڻ جو طريقو به انگلينڊ جي طريقي کان مختلف نه آيه ۽ نڙو به ساڳيو ئي ڪتب اچي ٿو. “ برنس سنڌ جي تجارت ۽ آمدني ۽ روانگي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” سن 1838 ع ۾ ڪراچي ۾ ڪيل درآمدي واپار 16 لکن رپين جو هو. جن مان سُٽ جي درآمد کي ڇڏيندي رڳو انگريزي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو اٽڪل 6 لکن رپين جو هو۽ حيدرآباد جي 4 لک ويهه هزار رپين جي، ڪل درآمدي واپار مان اهي شيون اٽڪل هڪ لک اسي هزار روپين جو گهرايون ويون هيون. شڪارپور ۾ البت ٻاهران ايندڙ ڪپڙي جو کاپو گهٽ هو، هتان جو ڪل درآمدي واپار ٻه لک ايڪويهه هزار رپين جو هو. جن ۾ انگلينڊ کان گهرايل سموري مال جو ٽيهه هزار روپيا مس هو ۽ ان ۾ ڪيترن ئي وڙن مان ڪپڙو به هڪ وڙ هو. ٺٽي ۾ سوٽي ڪپڙي کان انگريزي ٺهيل ڪپڙو سستو هجڻ ڪري گوءِ کڻي ويو.“ اليگزينڊر برنس سنڌ جي آدمشماري بابت لکي ٿو : ” ان وقت سنڌ جي شهري آبادي ٻن لکن جي لڳ ڀڳ هئي.“
اليگزينڊر برنس، جيتوڻيڪ سنڌ ۾، سياست جي خيال سان آيو. پر سندس ڪتابن ۾ سنڌ بابت تمام سٺي معلومات گڏ ڪيل آهي، جيڪا ان دور جي معيشت، تاريخ ۽ سياست بابت اسان کي بنيادي مواد فراهم ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح ان کي سامهون رکي، اسان سنڌ جي تاريخ کي نئين سر ترتيب ۽ انداز سان لکي سگهون ٿا.“