سنڌ شناسي

سنڌ گھمندڙ سيلاني

عرب دنيا، چين ۽ يورپ جي مختلف سيلانين، قبل مسيح جي ھيرو ڊوٽس کان ابن بطوطه ۽ البيروني تائين، انگريز دور جي ڊاڪٽر جيمس برنس کان وليئم فرمليئن تائين سنڌ کي جيئن ڏٺو، ان جو تفصيل محترم دادا سنڌيءَ سھيڙي 36 مضمونن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. اميد ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪرن سان دلچسپي رکندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪندو.
  • 4.5/5.0
  • 1295
  • 393
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌ گھمندڙ سيلاني

ڪيپٽن ايسٽوڪ

ڪيپٽن ايسٽوڪ
(سن 1814ع – 1883ع )

ايڊورڊ، بيڪ هائوس ايسٽوڪ 1814ع ۾ ڄائو. چارٽر هائوس ڪاليج ۽ آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سن 1836ع ۾ گرانڊ انڊس آرمي سان، سنڌ ۾ آيو. ان کان سواءِ سن 1839ع ۾ ٻيهر ڪڇ جي انگريز ايجنٽ، هينري پاٽنجر، کيس سنڌ جي سفارت تي موڪليو. سن 1860ع ۾ تهران ۾ سفارتي عهدي تي فائز ٿيو. بعد ۾ هندستان ۾ سيڪريٽري داخلا جي عهدي تي به ڪم ڪيائين. هو سن 1883ع ۾ وفات ڪري ويو.
ايڊورڊ ايسٽوڪ سنڌ ۾ ٽي سال رهيو. هن هت جيڪي ڏٺو ايمانداري سان لکيو. جناب حنيف صديقي صاحب لکي ٿو : ” جن به ڌارين سنڌ ۽ سنڌين کي ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ انهن سان گڏ گهاريو اٿن ۽ پنهنجا ڪي خاص مقصد سڌا ڪرڻا نه آهن، تن سنڌين ۽ انهن جي ڪردار ۽ سادگي جي تعريف ڪئي آهي. ايسٽوڪ به انهن مان هڪ آهي. “ سنڌ جي سفرنامي ” ڊان ليوز فرام ينگ ايجنٽ “ ۾ جيڪو هن سن 1844ع ۾ لکيو هو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ” نئين مصر جا پراڻا ورق “ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. تنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جو احوال به ڏنو آهي.“ هو سنڌي لغت جو به وڏو ڄاڻو هو.
ايسٽوڪ، سنڌ ۾ ميرن جي دور جو امن امان جو حالتون بيان ڪندي لکي ٿو : ” ميرن جي عام رعيت امن پسند ۽ سکي هئي. جيڪڏهن اسين سندن حالت کي پنهنجي والاريل صوبن جي رعايا سان ڀيٽيندا سين ته اها انهن کان لک دفعا سٺي هئي. ميرن تائين هر وقت رسائي ٿي سگهندي هئي ۽ ڪهڙو به ماڻهو پوءِ اهو کڻي گهٽ ذات جو هندو به ڇو نه هجي. ڪيڏي مهل به انهن سان ملي ٿي سگهيو. واهن جي چڱي حالت، ڪمند، جوار ۽ ٻئي اناج جي ڀلي فصل ۽ ڪيترن ئي پن چڪين جي نارن مان ظاهر ٿيو ته جيڪا ڍل اتي اڳاڙي ويندي هئي سا ايتري ڪانه هئي جا آبادگارن کي ڏکي لڳي. انعامي زمينون ۽ پڻ اهي، جن جي نالي ماتر ڍل ورتي ويندي هئي جام پيئي ڏنيون.“ سنڌ جي انتظامي يونٽن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” ميرن جي وقت ۾ سنڌ جدا جدا پرڳڻين يا حصن ۾ ورهايل هئي، جي وي تپن يا ضلعن ۾ ورهايل هئا. هر هڪ پرڳڻي تي هڪ سزاوال يا مقرر ڪيل هو. جنهن کي هڪ خزانچي ۽ اٺن ڏهن گماشتن ۽ سپاهين جي مدد ڏني ويئي هئي. تپي تي وري ڪاردار رکيل هو. جنهن کي پڻ زيردستن جو هڪ ننڍو عملو ڏنل هو. پر اهو سزاوال جي هٿ هيٺ هو. انهن علمدارن کي چڱو پگهار ڏنو ويندو هو. خاص ڪري سزاوال کي جي گهڻو ڪري سٺي خاندان مان هئا ۽ چڱي لياقت رکندڙ هئا. کيس پنج سئو رپيا پگهار ڏني ويندي هئي. جنهن سان اهي سنڌ جهڙي غريب ملڪ ۾ فراغت ساڻ گذاريندا هئا. سال ۾ ٻه دفعا، لاباري جي وقت، هر هڪ مير جي مخفي ماڻهو، عيوضي جي حيثيت ۾، سندس ملڪ ۾ وڃي پهچندو هو ۽ اتي وڃي سزاوال کان حساب ڪتاب وٺندو هو. ماڻهن جي درخواستن تي به غور ڪيو ويندو هو. هن جو هي به فرض هو ته ڏسي ته ماڻهن جي ظلم ۽ زيادتي ته نه ٿي ٿئي. انهن علمدارن، سزاوال ۽ ڪاردار ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا. انهن جي عادتن ۽ اُٿ ويهه کان واقف هئا ان ڪري رعيتي ماڻهو ساڻن ٺڳي يا دولاب نه ڪري سگهندا هئا. اسين پاڻ کي ڪيڏو به کڻي پڏايون پر اهو قبول ڪرڻو پوندو ته ميرن جي انهن روينيو آفيسرن جي هٿ هيٺ ماڻهو خوشحال گذاريندا هئا. سڀني فصلن تي ڍل جنسن ۾ ورتي ويندي هئي. ڍل جو حصو به موسم جي اُپت جي آڌار تي ورتو ويندو هو ۽ نه زمين جي ايراضي مطابق ڏٺو وڃي ته ” سرڪاري ڍل، اُپت جو ٻه ڀاڱي پنج يا هڪ ڀاڱي ٻه وڃي بيهندو، جو هاڻي اتر اولهه واري علائقي ۾ زمين جي مقرر ڪيل ڍل جي برابر آهي.“
سستائي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ ۾ چئن پئسن ۾ هڪ ڪڪڙ ملي ٿي، ڪڻڪ رپئي ۾ اٺ پاٽيون وڪامي ٿي جا چاليهه پئسن جي تور ۾، سورنهن سير آهي.“ دريائي جانورن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ ۾ مون ڪيترائي دريائي گهڙيال ڏٺا. جن کي هتي جي ماڻهو ٻلهڻ ڪري ڪوٺين. اهي متارا ۽ لسا جانور آهن. جن جي ڊيگهه چار فوٽ کن ٿيندي ۽ کين تمام ڊگهيون جاڙيون آهن جن ۾ اڇا ۽ تکا ڏند ٿيند ٿا. اهي واڳن جو کاڄ آهن پر پنهنجي ڀيري هي به ڀلي هڙپ ڪيو وڃن. جو سنڌوءَ جو سالمن آهي. هتي پلو جام ٿئي پر ٻي سوادي مڇي البت گهٽ آهي. درياءَ ۾ لڌڙا ۽ ڪُميون به جام آهن. “ سنڌ ۾ جوئر پوک بابت هو لکي ٿو : ” شڪارپور جي ڀرسان ڪيترن ئي ميلن ۾ جوئر جو فصل بيٺو هو. دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو فصل ايڏي قد جو نه ٿيندو آهي. آءُ اُٺ تي چڙهيل هوس پر ان هوندي به اها پوک ڪيترا فوٽ مٿي بيٺي هئي. منهنجو خيال آهي ته اها زمين کان ويهن فوٽن کان ڪنهن به حالت ۾گهٽ ڪانه هئي.“ سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” ڏڪر وڌائڻ ۾، ملڪ جي واپارين جو وڏو هٿ آهي، جي سُڪار وقت اَن خريد ڪري، زمين جي هيٺيان تهخانن ۾ وڃيو گڏ ڪن. پوءِ اهي صبر ۽ تحمل سان پنهنجو گڏ ڪيل اَن رکيو پيا واجهائن ۽ پڻ دعا ڪن ته ڪو خراب سال اچي ۽ جيئن ئي اهو اچيو نازل ٿئي. تيئن اهي بدڪار ان جو اگهه چوٽ چاڙهيو ڇڏين. جنهن ڪري غريب ماڻهو، نااميد ٿيو پون ۽ هٻڇي واڻيو، پنهنجي ديس ڀائين جي تباهي تي وڃي مچندو. انهن واڻين مان هڪڙي مزدور، ڪنهن غريب خاندان کي ٿورو اَن وڏي اگهه تي پهچايو هو جي آهستي آهستي سندس وڏا قرضي ٿي پيا. هن پوءِ انهي گهراڻي جي هڪ عورت جي عزت جي قيمت تي پنهنجي قرض تان هٿ کڻڻ جي آڇ ڪئي پر وريس ڪي به ڪين.“
ڪئپٽن اسٽوڪ سنڌي گرامر ۽ لغت تي به بنيادي ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌي زبان جي لغت به مرتب ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ هن سنڌي لغت جي ترتيب جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ سنڌي زبان جي لاءِ ديوناگري رسم الخط جي حق ۾ هو. اتي گهڻو زور ڏنائين پر ڪامياب نه ٿيو.
اهڙي طرح ايسٽوڪ جو هي سفرنامو دلچسپ به آهي ته اسان جي تاريخ جو اهم دستاويز به آهي. جنهن ۾ ان دور جي سياسي حالتن جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي.