ابوزيد حسن سيرافي
ابوزيد حسن ايراني نار جي مشهور بندرگاهه سيراف جو رهاڪو هو. انهيءَ ڪري سيرافي سڏيو وڃي ٿو. هو ٽئين صدي هجريءَ جو عالم جو. هو ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ آيو. ان ڪري سندس لکتون اکين ڏٺي احوال تي مشتمل آهن. سندس مشهور تصنيف جو نالو ” ڪتاب الثاني “ آهي، اهو ڪتاب سن 210 هه / 825ع ۾ لکيو ويو ۽ سن 246 هه / 877ع ۾ ڇپيو.
ابوزيد سيرافي هند سنڌ جي ريتن رسمن جو مڪمل ذڪر ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ هتان جي تجارت ۽ راجائن جو احوال به لکيو آهي. هو لکي ٿو ته ” هندستان ۽ چين جا ماڻهو تناسخ جا قائل آهن. پر اهو سندن پختو يقين آهي. هت اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي باهه ۾ ساڙين ٿا. ولڀ راءِ ۽ ٻيا اهڙا راجا به آهن، جيڪي ڄاڻي واڻي پاڻ کي باهه ۾ وجهن ٿا. هت اونهاري ۾ ٽي مهينا لاڳيتي برسات پوندي آهي. ماڻهو ان کان اڳ پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان گڏ ڪندا آهن ۽ جڏهن مينهن شروع ٿيندو آهي ته اهي پنهنجن گهرن ۾ ويهي رهندا آهن. سندن گهر ڪاٺ جا ٺهيل هوندا آهن. ڇتين ۾ گاهه، پن ۽ ڀوسو وجهي ليپو ڏيندا آهن. ان موسم ۾، ماڻهو ڪنهن خاص ڪم کان سواءِ ٻاهر نه ويندا آهن. پورهيت ماڻهو گهرن ۾ ئي ڪم ڪندا آهن. ان مينهن تي هتان جي ماڻهن جو گذارو آهي، جي مينهن نه پوي ته اهي ماڻهو ختم ٿي وڃن. هتان جي عالمن ۽ عابدن کي برهمڻ چوندا آهن، جيڪي هتان جا درٻاري شاعر پڻ هوندا آهن. هت نجومي، جادوگر، شعبده باز تمام گهڻا آهن. فالون وجهڻ، جادو ڪرڻ ۽ اک ٻوٽ ڪرڻ ۾ کين ڪمال آهي. “ هو لکي ٿو ته ” سنڌ جي اميرن ۽ راجائن لاءِ روزانو ناريل جي کل جي ٿالهي جهڙو ٿانءُ ٺاهيو ويندو آهي. جڏهن کاڌو ايندو آهي ته انهيءَ ٿالهي ۾ وجهي کائيندا آهن. کاڌي کان واندا ٿي اهو دسترخوان کل واري ٿالهي ۽ بچيل کاڌو پاڻي ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن وري نئين ٿالهي جوڙي ويندي آهي. هت گڏجي کائڻ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. منجهائنس هر هڪ جدا جدا کائيندو آهي. انهن ماڻهن جو هر هڪ گروهه، جيڪو سئو ماڻهن تي مشتمل هو. جڏهن سيراف آيو ۽ هڪ وڏي تاجر سندن پنهنجي گهر تي دعوت ڪئي. تڏهن هر شخص لاءِ جدا جدا ٿالهي آندي ويئي. جيئن هو اڪيلا کائي سگهن. “ هو لکي ٿو ته ” هت اهڙا راجا به آهن، جيڪي جڏهن تخت تي ويهندا آهن ته ڀت رڌي، ڪيلي جي پن تي، انهن جي آڏو رکيا ويندا آهن ۽ ٽي چار سئو ماڻهو، خوشي سان راجا جي زور زبردستي کان سواءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. راجا پهرين پاڻ ٿورو ڀت کائي، پوءِ سڀني کي ورهائي ڏيندو آهي. هر هڪ ماڻهو راجا جي آڏو ويهي ڀت کائيندو آهي. جيڪي ماڻهو راجا آڏو ڀت کائيندا آهن انهن لاءِ لازمي آهي ٿي ويندو آهي ته راجا جي موت يا ان جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ ڏينهن سواءِ ڪنهن دير جي اهڙي طرح جلي وڃن، جو انهن جو نالو نشان نه بچي. “ هو لکي ٿو ته ” هتان جا راجا اڪثر ڪري پنهنجن ڪنن ۾ سونا والا پائيندا آهن. جن ۾ قيمتي جواهر ۽ موتي جڙيل هوندا آهن. ڳچي ۾ قيمتي هار پائيندا آهن. جن ۾ قيمتي جواهر ۽ ڳاڙهي سونهري رنگ جا جواهرات هوندا آهن. هي جواهرات ۽ موتي سندن ذاتي ملڪيت ۽ خزانو هوندا آهن. انهيءَ ساڳئي قسم جا زيورات فوجي سپهه سالار ۽ ٻيا آفيسر به پائيندا آهن. سنڌ جا راجا مصر جو زمرد، منڊين ۾ ڪم آڻين ٿا. مرجان به هت ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. سنڌ جي معدنيات ۽ ٻين قيمتي شين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” هتان جي پاڻي ۾ موتي ۽ عنبر آهن. جبلن ۾ جواهرات ۽ سون جون کاڻيون آهن. جانورن جي منهن ۾ عاج آهي. سنڌ جي زمين ۾ آبنوس، بيد، عود، ڪافور، لوئنگ، جائفل، صندل ۽ هر قسم جون پاڪيزه خوشبوئون آهن. انهيءَ سرزمين ۾ زباد، مشڪ وارا هرڻ ۽ اهڙي قسم جو ٻيون گهڻيون شيون آهن. جن جو شمار ڪري نه ٿو سگهجي. هتي پکين ۾ طوطي جهڙا خوش الحان ۽ مور جهڙا خوشنما پکي آهن. قديم زماني ۾ سنڌي دينار به بر آمد ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ دينار، ٽن يا ان کان وڌيڪ دينارن ۾ وڪيو ويندو هو. “ هو لکي ٿو ته ” هتان جا ڪجهه ماڻهو (جوڳي / سامي / سياسي ) بيابانن جهنگلن ۽ پهاڙن جو سير ڪندا وتندا آهن ۽ ماڻهن سان تمام گهٽ ملندا آهن. هي پيٽ قوت گاهه ۽ جهنگلي ميوو ڪڏهن ڪڏهن کائي وٺندا آهن. سندس وار ايڏا وڏا ٿين ٿا، جيڪي بدن ۽ اوگهڙ کي ڍڪين ٿا. سندن ننهن وڏا تيرن جيڏا اٿن، اهي پاڻ ننهن ۽ وار نه ڪٽرائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي پڄي ڀُري ڪري پوندا آهن. هي ماڻهو سير سياحت ڪندا آهن. سندن ڳچيءَ ۾ مڻڪن جي مالها هوندي اٿن. جنهن ۾ انساني کوپڙي (ڪشول ) لٽڪندڙ هوندي آهي. جڏهن کين بک لڳندي آهي ته ڪنهن جي در تي هليا ويندا آهن. اڳيون پنهنجي لاءِ برڪت سمجهي، کين اٻاريل چانور ( ڀت ) ڏيندو آهي. جنهن کي هو کوپڙي (ڪشول ) ۾ وجهي هليا ويندا آهن. “ هو ملتان لاءِ لکي ٿو ته ” هتان جي هڪ بُت جي زيارت لاءِ پري پري کان ماڻهو مهينن جا سفر ڪري ايندا آهن ۽ پاڻ سان عود آڻيندا آهن. جنهن کي بت سان ڌوتو ويندو آهي. هڪ خاص قسم جي عود جي قيمت هڪ هزار روپيا آهي. جيڪو ايترو نرم هوندو آهي، جو ان تي منڊي جي مهر لڳائي ويندي آهي. تاجر بت جي پروهتن کان عود خريد ڪندا آهن. “هن دعوى ڪئي آهي ته ” مان پهريون شخص آهيان، جنهن ڏٺو ته هندستان ۽ چين جو سمنڊ مٿان ڦري ميڊيٽريين سمنڊ سان ملي ويو آهي. “
مسعودي سياح سن 300 هجري ۾ ساڻس سيراف ۾ مليو. هي مسلمان تاجر جي سفرنامي کي پڙهي 25 – 30 سالن کان پوءِ ان تي مقدمو لکيو. اهڙيءَ طرح ابو زيد حسن سيرافيءَ جو هي سفرنامو سنڌ ۽ هند جي حاڪمن، تاجرن ۽ عوام جي رهڻي ڪهڻي جي تصوير پنهنجي ڪتاب ۾ محفوظ ڪري هتان جي تاريخ کي اسان آڏو پيش ڪيو.