رئيس ۽ ريسٽ روم
دلربا، دلدار ۽ درياء دل يار جي ملڻ کان بعد سفر جو ٿڪ ته هڪدم خبرئي ڪانه پئي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويو. ممتاز صاحب اڳئي ٽرالي جهلي بيٺو هيو تنهن ڪري اسان کي ٽرالي جي تلاش ڪانه ڪرڻي پئي. سامان بيلٽ تي سامان جي اچڻ جو انتظار ڪيو تقريباً پنجويهه کان ستاويهه منٽن اندر سامان ملي ويو. سامان جي ملڻ کان بعد اسان محسوس ڪيو ته باٿ روم کي منهنڙو ڏيکاريون. جهاز ۾ جڏهن لهڻ جو وقت ويجهو ٿيو ته تقريباً اڌ ڪلاڪ اڳ خاص ڪري هندستاني ۽ پاڪستاني عورتن جهاز ۾ ليٽرين جي جاءِ تي ڪمانڊو ايڪشن ڪندي قبضو ڪري ورتو.
پهريون مون سمجهيو ته شايد باٿ روم جي وڃڻ جي حاجت ٿي هوندن، تنهنڪري ماکيءَ جي مک وانگر ڀون ڀون ڪري اچي گڏ ٿيون آهن، پر ٿوري ئي دير کان پوءِ محسوس ٿيو ته اندر جادوءَ جي ڪا ڇڙي پيل آهي، جنهن ڪري عورتون اچي گڏ ٿي بيٺيون آهن. ڇو ته جيڪا به عورت اندر وڃي پئي ته چار پنج منٽن کان بعد جڏهن ٻاهر نڪري پئي ته ساڳي ڪانه پئي لڳي. جيڪڏهن ڪا جُهور پوڙهي اندر وڃي پئي ته ڏهه ٻارهن سال عمر گهٽائي واپس اچي نمودار پئي ٿئي. جيڪڏهن اڌڙوٽ عمر جي اندر پئي وڃي ته ڇوڪري ٿي پئي نڪري. يعني ان جاءِ تي اچانڪ ڪا جادو جي ڇڙي عورتن کي هٿ اچي وئي ۽ اتفاق سان هڪڙي وقت سڀني ليٽرين وٽ صورتحال هڪجهڙي هئي، تنهنڪري اسان ايئرپورٽ تي باٿ روم جي تلاش ڪئي. باٿ روم يا ٽواليٽ جو لفظ لکيل ڪٿي نظر ڪونه آيو. مون ڀٽي صاحب کي چيو ته يار باٿ روم ڪاٿي هوندو؟ چيائين ته شايد تون عينڪ کڻي اچڻ ڀلجي ويو آهين. اهو سامهون جو لکيو پيو آهي...! مون وري به نظر کي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙايو پر مونکي نظر نه آيو. چيائين ته اهو سامهون ڏسين ٿو ڇا لکيل آهي؟ مون چيو ته ريسٽ روم. چيائين ته ان جي اندر وڃ توکي باٿ روم ملي ويندو. چوڻ لڳو ته يارتون ته ڪو صفا ڄٽ آهين. هتي آمريڪا ۾ باٿ روم ڪوئي ڪونه چوندو آهي، بلڪه ريسٽ روم چئبو آهي. مون چيو ته يار ڳالهه ته واقعي صحيح آهي، پوري جان کي آرام به واقعي بعد ۾ محسوس ٿيندو آهي، جڏهن رئيس پنهنجو دڳ وٺي نڪري هليو ويندو آهي تيستائين هڪ بيقراري وارو عالم هوندو آهي. پوءِ چاهي انجي عمر ۽ عهدو ڪهڙو به هجي پاڻهي اچي پيش پوندا.
ڪنهن سان به رعايت ڪانه، هي واحد ڪلام ٻيو اگهه ٿئي ئي ڪونه. ڪنهن جي مجال ناهي جو ڪير ٿوري دير لاءِ رئيس جي رستي روڪ ڪري.
ريسٽ روم ۾ جڏهن وياسين ته نظر ڦيرائي مسلم شاور ڏسڻ ۾ نه آيو، ٻاهر اچي ويسٽ پيپرن جو ٿهو ٺاهي پاڻي سان اچي ٽٻٽار ڪري اندر ويس ته جيئن ننڍڙي رئيس جي رستي روڪ نه ٿئي. ريسٽ روم مان ٽن چئن منٽن کان بعد واپس اچي ٻاهر ڀٽي صاحب کي هلڻ لاءِ چيو، جنهن چيو ته يار بيهه ته مان به انهيءَ بلا سان منهن ڏئي اچان. ممتاز صاحب ويو ٻن منٽن جي اندر واپس اچي ويو ۽ هلڻ جو اشارو ڪيائين. موسم اتفاق سان صفا اسلام آباد واري لڳي پئي هئي، ممتاز چوڻ لڳو ته يار اڄ ڏاڍي گرمي ٿي آهي، 30 سينٽي گريڊ درجي تي گرمي پهتي آهي.
ٻاهر نڪري پارڪنگ ۾ گاڏي وٽ پهچي سامان گاڏي جي ڊگي ۾ وجهي ڪار ۾ سوار ٿياسين. ڪار ۾ ويهڻ سان گونجندڙ آواز ۾ ممتاز چيو ته سيٽ بيلٽ ٻڌو ته هلون. ممتاز حسين ڀٽو واشنگٽن کان تقريباً ستر ميل پري هڪ پرسڪون ننڍڙي شهر هيگرس ٽائون ۾ رهندو آهي. بقول ممتاز ته هيگرس ٽائون (Hagers Town) جي آبادي تقريباً 35 کان 40 هزار هوندي. چوڻ لڳو ته آمريڪا ۾ هيءُ هڪ قسم جو ڳوٺ آهي، هيگرس ٽائون ۾ مختلف ٻولين ڳالهائڻ وارا، مختلف ملڪن کان آيل پنهنجي پنهنجي مذهب تي رهندي هڪٻئي سان ڀائيچاري واري فضا ۾ هڪ ڇت هيٺان ساهه کڻون ٿا ۽ هڪٻئي سان انتهائي ادب ۽ خيال سان پيش اچون ٿا. هرڪو پنهنجي ڪم سان ڪم رکي، ڪوئي ڪنهن جي ذاتي زندگي متعلق سوال ڪونه ڪري، نه وري ڪنهن کي ڪنهن به قسم جي جهل پل آهي.
اسلام جي حڪم مطابق صفائي نصف ايمان آهي، جيڪا اسان مسلمانن جي ملڪن ۾ نظر ڪانه ايندي آهي سواءِ ڪجهه شهرن جي.
پر هتان جي صفائي ايئن آهي جيئن ڀٽائي صاحب چئي ويو ته:
اڇي پڳ م پس، اندر مڙيوئي اڳڙيون
ٻاهران ته صفائي لاجواب پر جڏهن اندر جي صفائي جو معاملو اچي اتي ريسٽ روم ۾ صفائي لاءِ پاڻي جو جوڳو انتظام ڪونه آهي.
آمريڪا ۾ اچڻ سان خبر پئي ته ڇاجي ڪري پاڪستان ۾ مهاورتي طور چوندا آهن ته يار فلاڻي ماڻهو وٽ ماڻهو جي قدر ٽشو پيپر وارو آهي يا ٽشو ڪري استعمال ڪيو ۽ اڇلي ڇڏي ۽ پوءِ انکي ڏسي به نه.
هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته آمريڪا به دنيا کي ٽشو پيپر سمجهي استعمال ڪندو آهي، جهڙي طرح ريسٽ روم ۾ ٽشو پيپر استعمال ٿئي پيو. ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واقعي اهڙي نموني سان آمريڪا دنيا کي استعمال ڪري پيو. شام جو وقت هيو، رستي تي گاڏين جي ڀيڙ هئي هڪ ڪلاڪ جو پنڌ تقريباً ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ڪري اچي يارڙي جي ڏيڍي تي پهتاسين. گهر اندر داخل ٿي سنج مس لاٿاسين ته چيائين اٿو هلو سڀ ماني جي لاءِ انتظار ۾ ويٺا آهن. ممتاز صاحب جي وڏي نياڻي جي گهر تي ماني جو انتظام ٿيل هيو، جتي ڊاڪٽر لياقت ڀٽو صاحب سگهرو پاڪستان کان اڳ ۾ پهتو هيو ۽ ممتاز صاحب جا ٻيا پٽ ۽ پوٽا ڏوهٽا اتي اسانجو شدت سان انتظار پيا ڪن.
پندرهن منٽ ڪار جي پنڌ تي وڃي باقي دوستن سان ملاقات ٿي ۽ ٽيبل تي اڳ ئي ماني تيار پئي هئي، سو ملڻ کان فوراً بعد ماني کائڻ ۾ جنبي وياسين. گهر جو تمام لذيذ کاڌو تيار ٿيل هيو، سو بي انداز کاڌو کائي وياسين. ماني کائيندي ڳوٺ ۽ سنگت ساٿ متعلق حال احوال ٿيا.
آمريڪا ۾ انسان کي روبوٽ ٿي ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ وقت جو تمام گهڻو قدر هوندو آهي، تنهن ڪري صبح جوسوير زالين مڙسين ڪم ڪرڻو پوندو آهي، تنهن ڪري هرڪو پنهنجي مقرر وقت تي پنهنجي آفيس يا ڪنهن ٻئي هنڌ ڪم ڪرڻو هوندو آهي، اتي پهچڻو هوندو آهي، تنهن ڪري ماني کائي هرهڪ پنهنجي گهر جو رستو ورتو ته جيئن صبح سوير ٻارن کي تيار ڪري آفيس لاءِ پاڻ تيار ٿي وڃڻ جهڙا ٿين. آمريڪا ۾ جنهن کان پڇ ته ڀائو تنهنجي آفيس تنهنجي گهر کان گهڻو پري آهي ته اهو صحيح ڪونه ٻڌائي سگهندو ته گهر کان آفيس پهچڻ تائين گهڻو وقت لڳندو، اهو بلڪل صحيح ٻڌائيندو ته سائين صبح جي ٽائيم مان گهر کان فلاڻي وقت نڪرندس ته هيترو وقت لڳندو جيڪڏهن فلاڻي وقت تي نڪرندس ته هيترو ٽائيم لڳندو. ٽريفڪ بلڪل ڊسپلن اندر هلندي آهي لڳندو آهي ته هتي جي گاڏين ۾ هارن لڳل ڪانهي جو رستي ۾ ٽريفڪ جي ڪري ڪيتري به قطار ڊگهي لڳي وڃي، ڪيترو وقت به انتظار ڪرڻو پويس ته نه هو قطار ٽوڙيندو نه وري هارن ڏيندو.
ماني ڳڀو کائي اسان به ممتاز حسين ڀٽو سان گڏ گهر ڏانهن راهي ٿياسين. رات جا تقريباً 11 وڳي گهر پهچي وڃي سمهي پياسين. صبح جو حسب معمول اٿي چانهه پي گهر کان ٻاهر نڪري واڪنگ جي لاءِ هلياسين ته جيئن هڪ ته علائقي جي خبر پوي، ٻيو اتان جي رهڻي ڪهڻي جي خبر پوي.
ٻاهر نڪرڻ سان جيڏانهن به نيڻ کڻي نظر ڦيرايون ته نجو سرسبز هجي، ڪا به زمين بغير ساوڪ جي ڪانه هئي، يا ته روڊ هيو يا وري سائو ۽ سرسبز جيڪو بلڪل مشين سان ليول ۾ ڪٽيل هيو. جيئن ته هيگرس ٽائون هڪ پهاڙ جي ويلي ۾ آهي تنهنڪري ٿڌڪار به مڙئي چڱو ٿئي ٿو. ٻهراڙي جو علائقو هجڻ سبب ايگريڪلچر ۽ لائيو اسٽاڪ جا فارم ڪافي نظر اچن پيا. مان ۽ منهنجي محبوبه هڪ فارم کي ڏسڻ لاءِ رخ ورتو، تقريباً هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي کٻي سڄي ڪافي فارم ڏسڻ ۾ آيا ۽ پاڪستان جي ڳوٺ وارو ماحول نظر آيو پئي پر فرق اهو ته دنيا جهان جي هر سهولت جهڙي وڏي شهر کي آهي، تهڙي ٻهراڙي جي گهر کي آهي.
اسان به دل ٻڌي پنڌ ڪندا وياسين، هڪ ڳئن جو ڊيري فارم نظر آيو اوڏانهن وڌياسين. جڏهن ڳئن جي ويجهو پهتاسين ته ڳچ پنڌ تي ٻه ڪتا بيٺا هيا، جن اسان کي للڪاريو ته خبردار جي اڳتي وڌيا آهيو. اسان ڪتي جي للڪار تي اتي بيهي رهياسين جڏهن ڪارو ڪتو تقريباً پنجن ڇهن مهينن جي وڇ جيترو اسان جي ويجهو آيو ته مون کيس چيو ته يار اتي بيهه، ته ڪتي منهنجي ڳالهائڻ تي چيو يار اهو اڳ ٻڌائين ها ته تون پنهنجو آهين. ڪتي ۽ اسانجي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي ۽ اچي پيرين پيو ۽ مون سندس مٿي تي شفقت ڀريو هٿ رکيو، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ منهنجي محبوبه جي وڃي قدم بوسي ڪيائين، بيگم صاحبه پنهنجي ساهه کي مُٺ ۾ رکندي ڪتي تي مٿان شفقت ڀريو هٿ رکيو.
پوءِ اسان ٽئي مان، منهنجي محبوبه ۽ ڪتو ٻاهر گڏ هلياسين ۽ اسان کي ڪتو رستو ڏيکاريندو وٺي ٻاهر گيٽ تائين هليو. اسان ڪتي کي چيو ته يار تون واپس وڃ، اسان کي رستي جي خبر آهي تڏهن به ڳچ پنڌ اسان سان گڏ هليو. جڏهن ڪتو اسان سان گڏ هليو پئي ته پويان انجو مالڪ گاڏي ۾ چڙهي آيو ۽ ڪتي کي چيائين ته هل واپس، پر انجي پهريان ته ڳالهه ڪونه پيو مڃي، پوءِ اسان ۽ ان مالڪ پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ٻڌايو ته مونکي هتي هڪ سئو ايڪڙ زمين مال جي گاهه لاءِ آهي ۽ 120 ڳئون آهن، پنج ٻار اٿم، اهي به اتي فارم تي گڏ رهندا آهن سواءِ هڪ پٽ جي، جيڪو 23 سالن جو آهي ۽ نوڪري ڪندو آهي.
مون پڇيو ته گهڻو کير روزانو جو وڪڻندو آهين؟ چيائين ته
8 هزار ليٽر کير هڪ ڏينهن ۾ ٿيندو آهي.
ll