ٽائيم اسڪوائر جو نظارو
ميوزم هال کان ٿيندا اچي فيري جي رستي هڊسن رور
(Hudson River) جي ڪناري هلڪي ڦوهار وسائيندا اچي لٿاسين. اسان جميل مغل صاحب کي چئي ڇڏيو هيو ته توهان هلو ۽ پنهنجو ڪم ڪار ڪيو، اسين انشاءَ الله گهر جي ايڊريس تي پهچي وينداسين. اسان هڊسن ڍنڍ جي ڪناري کان ٿيندا خوبصورت پارڪ جو نظارو ڪندي اچي زير زمين ريل گاڏي جي اسٽيشن وٽ پهتاسين. اندر وڃڻ سان ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄو نيو يارڪ هيٺ پليٽفارم تي ڪنهن جي انتظار ۾ ويٺو آهي، الائي ڪيترا ته فليٽفارم هيا، تنهن ڪري اسان کي سمجهه ۾ ئي ڪونه پئي آيو ته ڪهڙي پليٽفارم تي وڃي ڪهڙي رنگ ۽ نمبر واري ٽرين تي چڙهڻو آهي. مغل صاحب اهو اسان کي ٻڌائي ويو هيو ته ايف يا اي نمبر واري ريل گاڏي جيڪا ڪيوئنس بورو ڏانهن اچي انجي آخري اسٽاپ تي لهجو. زيرزمين اها خبر نه پئي پوي ته اوڀر ڪاڏي آهي ۽ اولهه ڪيڏانهن آهي، تنهن ڪري اسان کي انهي لاءِ اتي موجود ماڻهن کان مدد وٺڻي پئي. اسان وڃي هڪ درمياني عمر جي ماڻهو کي سلام ڪيو ۽ هن به خوشدليءَ سان اسان کيڪار ڪئي، اسان کان پڇيائين ته مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟ اسان ان دوست کي ٻڌايو ته يار اسان کي هن فلاڻي اسٽيشن تي وڃڻو آهي پر خبر نٿي پوي ته ڪهڙي پليٽفارم تان اها ٽرين ملندي. همراهه پنهنجي چپ تي آنڱر رکندي ٿورو سوچڻ بعد اسان کي چيو ته اچو مان توهان کي هلي نقشي تي ٿو سمجهايان. اسان هن سان گڏ هلندي وڃي هڪ لڳل نقشي وٽ بيٺاسين، اسان کي سمجهائڻ لڳو ته هن وقت هن نقشي مطابق توهان هن پوائنٽ تي آهيو. هاڻي توهان کي ٻه پليٽفارم ڪراس ڪري توهان فلاڻي ٽرين وٺي اتان ٻي ٽرين ۾ چڙهو جيڪا توهان کي سڌو وڃي انهي ڏسيل ريلوي اسٽيشن تي پهچائيندي.
نقشي تان نظر هٽائيندي اسان ڏانهن ڏسندي چيائين ته ڇا توهان رستو سمجهي ورتو آهي يا ٻيهر توهان کي وڌيڪ تفصيل سان ٻڌايان؟ همراهه کي بار بار فون پئي آيا، انهن کي چيائين ته مان ڪنهن جي هيلپ پيو ڪيان، فارغ ٿي توسان ڳالهايان ٿو. تيستائين اسان کي رستي متعلق ڏسيندو رهيو، جيستائين اسان سڄو رستو سمجهي نه ورتو، پوءِ به اسان سان چند قدم اتي هلي رستو ڏيکاري واپس وريو.
اسان وڃي ڏسيل پليٽفارم تي پهتاسين ۽ ٻن ٽن ٽرينن جي گذرڻ کان بعد اسان جي مطلب واري ٽرين اچي بيٺي دروازا کليا، اسان وڃي چڙهي ويٺاسين، ڏهه ٻارهن منٽن کان بعد ٽائيم اسڪوائر جي اسٽيشن آئي، اسان ٽپ ڏئي لهي پياسين ته ٽائيم اسڪوائر کي رات جي وڳڙي ۾ ته ڏٺوسين، اچو ته هلي ڏينهن جو به ديدار ڪري ڇڏيون. جيئن زيرزمين اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته بلڪل انهيءَ جاءِ کان اچي ٻاهر ڪن ڪڍيا، جتي رات جو ڀرسان بيٺا هياسين. اسان کي روزو هيو، تنهن ڪري کائڻ پيئڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي، صرف رات ۽ ڏينهن جي نظاري کي ڀيٽ ڪرڻو هيو ته رونق ڪهڙي وقت دلڪش ۽ دلفريب آهي. ظاهر آهي ته ڏينهن شينهن هوندو آهي ۽ تنهن ڪري گهڻيون شيون جيڪي روشنين جي ڪري اوجهل هيون، اهي سڀ وڌيڪ چٽيون نظر آيون. رات جو صرف لائيٽس جو ڪمال هيو ته ڏينهن جو وري سج جو جمال هيو. سو اسان کي صرف ڪمال ۽ جمال جو فرق محسوس ٿيو، باقي ڳالهه ۾ تر جيترو به فرق ڪونه هيو.
ٿوري دير اتان جو سير سپاٽو ڪندي گذري ويو، هاڻي اسان به وري واپس زير زمين ٽرين ڏانهن هلڻ جو ارادو ڪيو. زير زمين کان ٻاهر نڪرڻ ۽ اندر وڃڻ جا ڪافي رستا آهن، تنهن ڪري اتان وري به پڇا ڪري انهيءَ رستي سان هيٺ لهي وياسين، جيڪا اسان جي مطلب واري اسٽيشن جي پليٽفارم ڏانهن وڃي پئي. ماڻهو شروع ۾ ته حيران ٿي وڃي ٿو ته هيٺان زير زمين الائي ڪيترا وڏا ريل گاڏين جي لاءِ پليٽفارم ٺهيل آهن ته بلڪل انهن جي مٿان ستر ستر اسي اسي ماڙ عمارتون ٺهيل آهن. ڪاريگرن جي ڪاريگري کي سلام آهي، جن وڏي مهارت سان انهيءَ سڄي آکاڙي کي ٺاهي بيهاريو آهي.
اسان زير زمين هيٺ لهي وڃي ڏسيل نمبر واري ٽرين جو انتظار ڪيو، تقريباً هر ٻن منٽن کان بعد ٽرين اچي پئي، ماڻهو لهن ۽ چڙهن پيا، هر ڪو قطار ۾ بيهي چڙهي ۽ لهي پيو، تنهن ڪري اهو ڪنهن کي احساس ڪونه پئي ٿيو ته مان ليٽ آهيان ۽ اڳتي نڪري وڃان. عمر ۽ رنگ ۽ نسل جو ڪو به خيال ڪونه هيو يا عورت آهي يا مرد ننڍو آهي يا ٻار، محمود ۽ اياز هڪ قطار ۾ برابر.
انهي سڄي ماحول ۾ صرف هڪ ڳالهه ظاهر هئي ته جيڪڏهن ڪو معذور آهي ته انهن لاءِ هر پبلڪ پليس تي گاڏي بيهارڻ لاءِ جايون ويجهي کان ويجهي پنڌ تي مقرر ٿيل آهن. ڀلي ٻي ڪابه جاءِ گاڏي بيهارڻ لاءِ نه هجي ۽ معذور لاءِ مقرر جايون خالي پيون آهن، تڏهن به ڪوئي اتي گاڏيون نه بيهاريندو، جيڪڏهن غلطيءَ سان گاڏي بيهاريائين به ته هڪدم انهيءَ کي ٽڪيٽ ملي ويندو ۽ ڀاري جرمانو ادا ڪرڻو پوندس.
خير سان اسان ڪوئينس بورو جي ڏسيل اسٽيشن تي اچي پهتاسين ۽ نڪرڻ سان بارش اڳ ئي آجيان ڪري رهي هئي، تنهن ڪري سردي به پنهنجا ڪن اُڀا ڪري ڇڏيا هيا ۽ شڪاري وانگر اسان جي مٿان اچي لامارو ڏنائين. سردي جي اوچتي لاماري سبب شروع ۾ اسان جا حوصلا پست ٿي ويا ۽ مغل صاحب کي فون ڪري ٻڌايو ته اسين اسٽيشن جي ٻاهران سردي جي گهيري ۾ اچي ويا آهيون، سو ڪا واهر ڪر نه ته هي سردي اسان کي بيحال ڪري ڇڏيندي. جمشيد مغل صاحب چيو ته فڪر نه ڪيو، صرف پنج منٽ، تيستائين جوان مرد ٿي سردي کي منهن ڏيو، مان انهي جو بندوبست ڪري پهچان ٿو. اسان به سردي آڏو هٿيار ڦٽا ڪونه ڪيا ۽ ڀرسان هڪ ميڊيڪل اسٽور هيو انجو سهارو وٺندي مقابلي لاءِ اندر ٿي مورچو وڃي سنڀاليو. اسان جيئن مورچي اندر داخل ٿياسين ته سردي پنهنجو حملو روڪيندي انهيءَ تاڙ ۾ ٻاهر بيهي رهي ته مورچي کان ٻاهر ته ضرور نڪرندا، تقريباً پنج ڇهه منٽن بعد مغل صاحب سردي جي مقابلي لاءِ بڪتربند گاڏي ۽ جديد اسلحه کڻي اچي پهتو. اسان به دير ڪانه ڪئي مورچي مان نڪرندي سڌو وڃي بڪتربند گاڏي اندر اسلحه سنڀالي ويٺاسين ۽ وقت ئي ڪونه گذريو ته سردي پويان پير ڪندي الائي ڪيڏاهن ڀڄي وئي.
شام ٿي وئي هئي، تنهن ڪري ٿوري دير کان بعد افطاري جو ٽائيم شروع ٿيڻ وارو هيو، گهر ۾ اچي آکيري تي وڃي ويٺاسين. تازا توانا ٿي افطاري ڪئي، پوءِ ڪجهه ڪوڙ بدوڙ ڪندي ڳچ رات گذري وئي.
رات جو سائين علي حسن ڀٽو صاحب جو نيو جرسي
(New Jersey) کان فون آيو ته سائين قرب ڪري منهنجي اڱڻ تي قرب ڀريا قدم گهمايو ۽ مهمان نوازي جو موقعو ڏيو. جيئن ته منهنجو اهو رستو ڏٺل ڪونه هيو، تنهن ڪري ڪوئي اندازو ڪونه پئي ٿيو ته ڪيترو وقت لڳندو. علي حسن صاحب گهر جي ايڊريس موڪلي، مون مغل صاحب کان پڇيو ته ڀاءُ هي جاءِ ڪيترو پري آهي. مغل صاحب تنهن وقت پنهنجي موبائل سيٽ تي هٿ ڦيرائيندي انڌي واري لٺ ڏانهن نياپو موڪليو ۽ اتي جو اتي انڌي واري لٺ (مائي گوگل) نمودار ٿي ۽ چوڻ لڳي ته ان گهر لاءِ هي ٽي چار رستا ويندا ۽ هر هڪ رستي جو پنڌ ۽ ٽائيم ٻڌايو ته فلاڻي رستي سان هيترو وقت لڳندو ۽ فلاڻي رستي سان هيترو، هاڻي آقا جيڪو حڪم! اسان چيو ته مهرباني! سڀاڻي شايد توکي تڪليف ڏيون.
هيگرس ٽائون (Hagers Town) مان ممتاز ڀٽو صاحب جو اصرار ته يار الاهي وقت گذري ويو، اڃان تون واپس ڪونه پهتو آهين. مون کيس ٻڌايو ته ڀائو هاڻي ٻه ڏينهن ٻيا به اسان کي اجازت ڏي ته ڪجهه ٻين دوستن سان به ملندا اچون. مون کيس ٻڌايو ته سائين علي حسن ڀٽو صاحب جو حڪم آهي ته مون وٽان ٿيندا پوءِ اڳتي وڃو، نه ته مان آمريڪا جي بجلي بند ڪري ڇڏيندس. ممتاز چيو ته سائين علي حسن ڏانهن ضرور وڃجانءِ، هو اسانجو پيارو اٿئي ۽ منهنجي هوم منسٽر جو مائٽ به ٿئي. ممتاز چيو ته ڊاڪٽر لياقت ڀٽو فون ڪري چيو ته امتياز ميمڻ عرف لالو ميمڻ صاحب لاءِ فون پيو ڪري ته نمبر ڏيو ته مان جمن ڄامڙو سان ڳالهايان، مون چيو ته بلڪل نمبر ڏيوس ۽ مونکي به نمبر ڏيو ته جيئن اسين هڪٻئي سان رابطو ڪيون.
امتياز عرف لالو مرحوم ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ جو فرزند آهي ۽ مرحوم ڊاڪٽر قادر بخش ۽ منهنجو سهرو پاڻ ۾ ڏاڍا گهاٽا ڀائرن وانگر دوست ۽ هڪٻئي جو حد کان وڌيڪ خيال رکندا هيا ۽ هڪٻئي جا اجهي مندي جا اوتيل پوتيل دوست هيا. الله سائين ٻنهي مرحومين کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري، انهن جي اولاد کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي.
فون رکيو مس ته امتياز جو فون آيو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ چيائين مون ساڻس واعدو ڪيو ته انشاءَ الله مان توهان سان ملندو پوءِ اڳتي ويندس. رات جو جمشيد مغل صاحب کي عرض ڪيو ته ڀائو هاڻي سڀاڻي اسان کي اجازت ڏيو ته رستي ۾ ٻين دوستن سان به ملاقات ڪندا وڃون، مغل صاحب ۽ سندس گهر واري مشڪل سان مڃيو ته ٺيڪ آهي پر شرط انهيءَ سان ته واپسي تي هڪ رات اچي هتي رهندا. انهي وقت علي حسن صاحب سان پروگرام طئي ڪيوسين، سڀاڻي شام جو چار وڳي ڌاران اسان وڃي ڏسيل ايڊريس تي پهچنداسين. مغل صاحب ۽ ڀٽو صاحب جي گهرن وچ ۾ تقريباً 40 ميلن جو مفاصلو هيو پر وقت جهجو پئي ورتو ڇوته آفيس ۽ اسڪولن جي موڪل وقت روڊن تي ٽريفڪ جام ٿيندي آهي ۽ ڍڳو پير پيران، اڌ ڪلاڪ جو پنڌ ٻه ڪلاڪ به وٺيو وڃي. ٻئي ڏينهن مغل صاحب سان گڏ ساڍي ٻارهين وڳي منجهند جو علي حسن ڀٽو صاحب ڏانهن روانه ٿياسين، نيو يارڪ شهر مان نڪرندي نڪرندي تقريباً ڏيڍ ٻه ڪلاڪ لڳي ويا. نيو يارڪ شهر اڃان هليو پئي ته مغل صاحب ٻڌايو ته هن پل کان هيڏي
نيو يارڪ رياست ۽ هيڏي نيو جرسي رياست شروع ٿي وئي. ڏهه پندرنهن منٽ اڳتي هلياسين ته هڪ وڏو هوائي جهازن جو اڏو نظر آيو، جيڪو ڏاڍو مصروف لڳو پئي. مغل صاحب ٻڌايو ته گهڻا نيو يارڪ جا ماڻهو هن ايئرپورٽ کي ترجيح ڏيندا آهن، خاص ڪري جيڪي دوست نيو يارڪ جي واشنگٽن برج ۽ انجي آس پاس ۾ رهن ٿا. ايئرپورٽ جو نالو هيو نيوآرڪ انٽرنيشنل ايئرپورٽ (NewArk International Airport). هي ايئرپورٽ خاص ڪري نيو جرسي ۽ انجي ڀرپاسي وارن علائقن لاءِ آسانيون پيدا ڪري ٿو. اڃان رستي ۾ هياسين ته امتياز ميمڻ سائين جو فون آيو ته روزو اسان سان اچي افطار ڪجو، مون کيس ٻڌايو ته ڀائو مان اڳ ئي علي حسن صاحب کي چئي ويٺو آهيان، باقي توهان ٻئي پاڻ ۾ جيڪو فيصلو ڪيو مونکي قبول آهي. ٿوري دير کان بعد امتياز جو فون آيو ته مان ڀٽو صاحب کي مڃايو آهي ۽ ڪجهه ٻيا دوست به هوندا گڏجي افطار ڪنداسين. ايتري ۾ علي حسن صاحب جو فون آيو ته ميمڻ صاحب گهڻو زور ڀريو سو مون به قبول ڪيو آهي، هاڻي توهان منهنجي گهر پهچو پوءِ اتان گڏجي هلنداسين.
چار وڳي شام کان ڪجهه منٽ اڳ وڃي اسانکي انڌي واري لٺ (گوگل) علي حسن ڀٽو صاحب جي گهر جي سامهون بيهاريو. رابطو ٿيو ڀٽو صاحب آفيس کان نڪري گهر ڏانهن اچي رهيو هيو، اسان کي اوطاق ۾ ويهڻ لاءِ چيائين، اسان گاڏي مان سنج لاهي وڃي اوطاق تي قبضو ڪيو، نماز پڙهي تازا توانا ٿي وياسين.
سائين ڀٽو صاحب آيو ڏاڍي پاٻوهه ۽ قرب سان بغلگير ٿيو ۽ مغل صاحب واپسي جي لاءِ ڀٽو صاحب کان اجازت وٺندي چيو ته سائين اسانجي امانت توهان جي حوالي ۽ اميد ته خيال رکندا. ڀٽو صاحب وراڻيندي چيو ته سائين اهي ته اسان جا ڀاڳ ڀلا جو اڄ محبوب اسان جي در ڪهي آيا. اسان ته سائين ڄامڙو صاحب لاءِ اڱڻ ٻهاريان ۽ واٽون نهاريان واري ڪيفيت ۾ هياسين.
ll