هيگرس ۾ عيد مبارڪون
گهر واپس پهچڻ تائين ڪافي دير ٿي وئي هئي، تنهنڪري واپس اچي سمهڻ جي تياري ڪئي سين. اسر مهل سحري تي گڏ ٿي سحري ڪئي ۽ انهي کان بعد ٿوري دير تائين ڪچهري ڪئي ۽ بعد ۾ فجر جو فرض ادا ڪرڻ کان بعد ٻاهر سير سفر خاطر نڪري ويم. تقريباً سڄي ڪالوني جو پورو چڪر هڻي ڏيڍ ڪلاڪ کن ۾ واپس اچي حفيظ صاحب سان ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ڪجهه اتان جا ته ڪجهه پاڪستان ۽ باقي دوستن متعلق حال احوال ڪياسين، پراڻين ڳالهين کي ياد ڪندي ماضي ۾ گم ٿي وياسين ۽ يونيورسٽي جي گذريل وقت کي ياد ڪندي خبرئي ڪانه پئي ته صبح جا ڏهه ٿي ويا.
جيئن ته اسانجو اهو اتي آخري ڏينهن هيو، تنهنڪري ڪنهن به پاسي وڃڻ جو پروگرام ڪونه رکيو هيو. حفيظ صاحب کي اڄ وري ڊاڪٽر صاحب وٽ ملاقات جو وقت سيٽ ٿيل هيو، تنهڪري حفيظ صاحب پنهنجي پياري نياڻي کي چيو ته تون وڃ ۽ جمن صاحب کي ايئرپورٽ تي ڇڏي اچ. اسان تقريباً سوا ڏهين وڳي حفيظ صاحب ۽ گهر جي ڀاتين کان موڪلائي ايئرپورٽ ڏانهن روانه ٿياسين. ماشاءَ الله حفيظ صاحب جي نياڻي تازو يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي، تمام سليقي ۽ حياءُ واري نياڻي آهي، اسانکي ايئرپورٽ پوڻين ٻارهين وڳي جي قريب پهچايو. الله سائين جي در دعا آهي سائين حفيظ صاحب جي نياڻيءَ جا نصيب ڀلا ڪري. آمين.
لاس اينجلس انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي چيڪ ان واسطي قطار ۾ بيهي بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪيو. گرمي به تمام اوج تي هئي پر جڏهن ايئرپورٽ اندر داخل ٿياسين ته اتي دنيا ئي ٻي هئي. بورڊنگ ڪارڊ کان بعد سيڪيورٽي واري مرحلي ۾ داخل ٿياسين. سڀ کان پهريان مان وڃي پنهنجي بوٽ ۾ هٿ وڌو پوءِ بيلٽ لاهي موبائل فون سميت هڪ ٽوڪري ۾ وجهي اڳتي ڪيا ۽ پاڻ به وڃي سيڪيورٽي چيڪ لاءِ اڳتي قدم وڌايو جتي هر هڪ ماڻهو کي انهي مرحلي مان گذرڻو پيو پئي. انهي مرحلي مان گذري هاڻي ڄاڻايل لائونج ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ شروع ڪئي تان جو تقريباً اڌ منو ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ کان بعد وڃي گهربل لائونج تي لڏو لاهي ويٺاسين. اڃان پندرهن منٽ کن مس ويٺاسين ته جهاز ۾ داخل ٿيڻ لاءِ حڪم نامو صادر ٿيو. جهاز جي اڏام جو ٽائيم منجهند جا 2 هيو ۽ جهاز پوري وقت تي هوا ۾ اڏام ڪئي. لاس اينجلس (Los Angeles) کان نارٿ ڪيرولينا (North Carolina) تائين جهاز جي هوا ۾ اڏام جو ٽائيم تقريباً پنج ڪلاڪ هيو. لاس اينجلس کان اتر ڪيرولينا جي وچ ۾ اڍائي هزار ميل يا چار هزار ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي. ڪيليفورنيه ۽ اتر ڪيرولينا جي وچ ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. ڪيرولينا جي ٽائيم مطابق اسان اتي تقريباً رات جو ڏهين وڳي پهتاسين. هڪ ڪلاڪ جي وقفي کان بعد ٻي اڏام جي ذريعي اسان کي بالٽيمور جي انٽرنيشنل هوائي اڏي (Baltimore International Airport) ڏانهن وڃڻو هيو، جو اتان پياري دلبردوست سائين ممتاز ڀٽو صاحب ڏانهن هيگرس ٽائون وڃڻو هيو. لاس اينجلس کان جهاز ۾ سوار ٿيڻ کان بعد جهاز ۾ چانهه يا ڪافي جو پڇڻ آيا، مون ايئرهوسٽس کي ٻڌايو ته مونکي روزو آهي ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته سج لٿي اسان کي قرب ڪري اها چانهه ۽ بسڪوٽ ڏجانءِ، جنهن تي ايئرهوسٽس مُرڪي چيو ته اميد ته انهيءَ ٽائيم تي چانهه کڻي ايندس. روزو افطار لاءِ حفيظ صاحب اسان کي لپ کارڪن جي ڏني هئي ته جيئن توهان روزو کجور سان افطار ڪجو. جيئن ته جهاز جي کڙڪي واري سيٽ هئي، تنهنڪري سج تي اسان جي گهري نظر هئي. تقريباً رات جا ساڍا اٺ پوڻا نو ٿيا پئي ته سج به زمين ۾ ٽٻي ڏني ۽ اسان به کارڪون ڪڍي کائڻ شروع ڪيون، ٿوري دير ۾ ايئرهوسٽس پاڻي، چانهه ۽ بسڪيٽ ٽري ۾ کڻي اچي حاضر ٿي، شيون وٺي سندس جو شڪريو ادا ڪيو.
نارٿ ڪيرولينا کان بالٽيمور تائين هوائي جهاز جي اڏام جو وقت تقريباً هڪ ڪلاڪ جو هيو ۽ ٻنهي هوائي اڏن جي وچ ۾ ساڍا ٽي سئو ميل يا ساڍا پنج سئو ڪلوميٽر مفاصلو آهي. بالٽيمور کان هيگرس ٽائون (Hagers Town) تقريباً پنجهتر اسي ميل يا سوا سئو ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي. نارٿ ڪيرولينا پهچي ممتاز صاحب کي فون ڪيو ته اسان جو بالٽيمور پهچڻ پوري ٽائيم تي آهي. ممتاز ٻڌايو ته مان گهران نڪري چڪو آهيان ۽ توهان جي پهچڻ کان اڳ مان اتي پهچي ويندس. ٿوري دير کان بعد اسان کي حڪم مليو ته بالٽيمور ڏانهن وڃڻ وارو جهاز تيار بيٺو آهي ۽ توهان گيٽ نمبر فلاڻو کان جهاز تي سوار ٿيو. اسان جهاز تي سوار ٿي ويٺاسين ۽ جهاز رن وي تي هلڻ شروع ڪيو، رات جو وڳڙو هيو ۽ رنگ برنگي بلبن جي جهرمر وارو نظارو به ڏاڍو دلڪش ۽ اکين تي جادو ڪرڻ وارو هيو. آمريڪا جا شهر ڀلي آبادي ٿوري هجي پر پکڙيل گهڻا هوندا آهن. منهنجي سيٽ کڙڪي واري هئي، تنهنڪري بلبن جي روشني وارو نظارو به خوب هيو، مونکي خبر تڏهن پئي، جڏهن جهاز جي ڪپتان چيو ته سيٽ بيلٽ ٻڌو ۽ بالٽيمور جي هوائي اڏي تي لهڻ وارا آهيو. مونکي سڄو سفر ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ اسان اڃان شهر جي مٿان پيا گهمون انهيءَ پوري رستي ۾ رنگ برنگي بلبن جي جهرمر بغير ڪنهن وقفي جي هلندي ۽ ڳنڍيل رهي.
اسان اڃان مس بالٽيمور جي زمين تي پير رکيو ئي ته من موهيندڙ دلبر ممتاز سائين جو فون آيو ته مان اگزٽ واري گيٽ تي بيٺو آهيان. ٿوري دير ۾ انگڙ ونگڙ رستن کي عبور ڪندا وڃي ٻاهرين گيٽ تي پهتاسين، ٿوري دير ۾ سائين ممتاز تي نظر پئي ۽ رات جا 12 ٿي ويا هيا ۽ تاريخ ۽ ڏينهن تبديل ٿي ويو هيو. اسان لاس اينجلس کان سومر جي ڏينهن روانه ٿيا هياسين ۽ اڱاري جي ڏينهن وڃي پهتاسين. ممتاز صاحب ڏسڻ سان رڙ ڪري چيائين ته سائين ڀلي ڪري آيا، خوش آمديد ۽ اچي ٻکين پئجي ويو. سامان کڻي وڃي پارڪنگ ڏانهن روانا ٿياسين ۽ ٻڌايائين ته اڄ صبح جو عيد آهي ۽ اوهان کي اڳواٽ ۾ عيد مبارڪ هجي. خير اسان بالٽيمور کان تقريباً ساڍين ٻارهين وڳي هيگرس ٽائون لاءِ روانا ٿياسين. رات جو وڳڙو هيو، تنهنڪري روڊ تي ايتري ٽريفڪ ڪانه هئي، ڪلاڪ سوا ۾ هيگرس ٽائون پهچي وياسين. گاڏي مان لهي سامان کڻي گهر ۾ داخل ٿياسين ۽ صبح جو سوير عيد نماز پڙهڻ لاءِ ٽائيم سيٽ ڪري سمهي پياسين، صبح جو فرض ادا ڪرڻ کان بعد عيد نماز واسطي وڃڻ جون تياريون شروع ڪيون.
تقريباً ستين وڳي امتياز ڪلوڙ صاحب، ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، مدثر ڀٽو، مزمل ڀٽو، امر ڀٽو، سلطان ڀٽو، ممتاز ڀٽو ۽ مان عيد نماز پڙهڻ خاطر روانه ٿياسين. پندرهن منٽ کان بعد انهيءَ ڏسيل پتي تي وڃي پهتاسين. ماشاءَ الله اتي وڏي رونق لڳي پئي هئي، هر ڪو هڪ ٻئي سان وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڀاڪر پائي پاڻ ۾ ڀائپي جو اظهار ڪري رهيو هو. اتي نه رنگ ۽ نسل جو فرق هيو، نڪو وري زبان جو ڪو ويڇو هيو. اندر داخل ٿيڻ سان وڏو هال هيو، جيڪو ٽن حصن ۾ تقسيم ٿيل هيو. هڪ حصي ۾ عورتون هيون ته ٻئي حصي ۾ مردن جو قبضو هيو، ٽئين حصي ۾ کاڌي پيتي جو سامان رکيل هيو. نماز کان بعد سڀني آيل نمازين ۾ کاڌو تقسيم ڪيو ويو، جيڪو سڀني کائي خوب سير ٿيا. کائڻ پيئڻ کان بعد هر هڪ هڪٻئي کان موڪلائيندو پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن راهي ٿيندو ويو.
ll