سفرناما

آمريڪا ۽ ڪيناڊا

محمد جمن ڄامڙي دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ اتان جي حَسين شھرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻھن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن. هن سفر ۾ محمد جمن ڄامڙي سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان پڻ ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انھن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن ۽ ڪتاب ۾ شامل آھن. 

Title Cover of book آمريڪا ۽ ڪيناڊا

ايئرپورٽ جا نظارا

ايئرپورٽ جا نظارا

واشنگٽن ڊي سي ۽ هيگرس ٽائون جو ذڪر اڳتي ڪتاب ۾ ايندو، انهن ٻنهي شهرن جي تاريخ متعلق جيتري ڄاڻ ملي سگهي، اها ڪتاب پڙهندڙن سان ونڊ ڪئي ويندي. بهرحال جيئن ته منهنجو پروگرام ڪيناڊا (Canada) وڃڻ جو آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪري جيتري به معلومات ڪيناڊا لاءِ ملي اها دوستن آڏو پيش ڪندس.
چار وڳي شام جو ايئر ڪيناڊا (Air Canada) جي فلائيٽ تي منهنجي سيٽ بوڪ ٿيل هئي، تنهن ڪري فلائيٽ اڏرڻ کان ٽي ڪلاڪ اڳ پهچڻو هوندو آهي، انهيءَ حساب سان اسان واشنگٽن ڊليس ايئرپورٽ (Washington Dulles International Airport) تي هڪ وڳي منجهند جو پهچي وياسين. ڪيناڊا جي فلائيٽس ۾ ماني وغيره ڪونه ڏيندا آهن، چاهي فلائيٽ پنجن ڇهن ڪلاڪن جي ڇونه هجي. تنهنڪري منجهند جي ماني سائين ممتاز حسين ڀٽو صاحب جي نياڻي ورجينيا (Virginia) ۾ پنهنجي گهر ۾ تيار ڪئي هئي، تنهنڪري گهر جي ماني کائي ساڍي ٻارهين وڳي گهر کان نڪتاسين . ايئرپورٽ تي پهچائي سائين ڀٽو صاحب پنهنجي گهرواري سان واپس وريو ۽ اسان وڃي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺاسين. پندرنهن ويهه منٽن کان بعد بورڊنگ ڪارڊ وصول ڪري اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿياسين. جيڪو به سيڪيورٽي کان گذري پيو ته مون ڏٺو ته زالين مردين ماڻهن جا هٿ پنهنجن جوتن ۾ هيا. وري ڏٺو ته جوتن کي ادب سان بيلٽ تي رکيل کاري ۾ پيا رکن. جوتن لاهڻ کان بعد وري سڀني جا هٿ پنهنجي پنهنجي ڪوٽن ۾ پئجي ويا. ڪوٽ به باادب طريقي سان بيلٽ تي رکيل ٽوڪري ۾ رکيا. فوراً بعد پينٽ ۾ پيل بيلٽ ۾ هٿ پئجي ويا هڪٻئي جي ريس تي سڀني پنهنجا پنهنجا بيلٽ لاهي پيش ڪيا. ٿوري دير ۾ وري ماڻهن پنهنجي کيسي ۽ ٻانهن جي جهڙتي ڏيندي موبائل فون، واچون ۽ ٻيو اليڪٽرانڪ جو سامان ڪڍي پيش ڪيو. عورتن تي نظر پئي سونا زيور هٿ ۽ ڳچي ۾ پاتل لاهي بيلٽ تي رکيل ٽوڪري ۾ رکيا، انهي کان بعد اڳتي وڌندا ويا ۽ اڳيان بيٺل وردي ۾ ملبوس اهلڪار جي حڪم تي هٿ مٿي ڪري گذرندا پيا وڃن. اڳتي هلي هر هڪ پنهنجو سامان کڻي ٻئي مرحلي جي تياري ۾ لڳي پيو وڃي. مون ڏٺو ته عموماً عورتن جي بيگ کي تقريباً کولرائي پوءِ اڳتي وڃڻ لاءِ پيا چون. عورتن جي خاص ڪري جادو واري سامان جي تلاشي وٺن پيا، جڏهن انهن جو ڪمپيوٽر چغلي هڻي پيو ته هن بيگ ۾ جادو جو سامان گهڻو آهي.
اسان به جڏهن ڏٺو ته هتي هر هڪ سان اهو حال آهي، اسان به دير ڪانه ڪئي جوتي ۾ هٿ وڌا. پوءِ ان سڄي مرحلي مان نڪري پار ٿياسين. وڃي لائونج ۾ پهتاسين، اتي اڳ ئي ماڻهو پنهنجي فلائيٽ جي انتظار ۾ ويٺا هيا. جڏهن اسان هوائي جهاز جي اڏي تي پهتاسين ته سج پنهنجي جوڀن ۾ هيو. جڏهن لائونج ۾ پهتاسين ته هڪدم انڌيرو ڇائنجي ويو. آندي ۽ طوفان سان گڏ وسڪارو شروع ٿي ويو جو ڏينهن پنهنجو وجود ختم ڪري رات کي چارج ڏئي پاڻ هليو ويو ۽ اهو منظر تقريباً اڌ منو ڪلاڪ هليو. ٿوري دير کان بعد طوفاني بارش ختم ٿي. انهيءَ کان پهريون ٻڌايو ويو ته جهاز ڪلاڪ دير سان اڏام ڪندو، وري ٿوري دير کان بعد چيو ويو ته ڪلاڪ ليٽ ٿيندي، آخرڪار ساڍا ٽي ڪلاڪ فلائيٽ اتان دير سان اڏام ڪئي، واشنگٽن کان ٽورنٽو (Toronto) واسطي. تقريباً هڪ ڪلاڪ ۽ ڪجهه منٽ جي اڏام کان بعد اٺ لڳي چاليهه منٽن تي ڪيناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ جهاز وڃي پير لڳايا. رن وي تان ٿيندي لائونج تائين پهچندي رات جا سوا نو ٿي ويا.منهنجي ڪنيڪٽنگ فلائيٽ ٽورنٽو کان ڪئلگري
(From Toronto to CALGARY) فلائيٽ جي اڏام جو وقت اٺ لڳي پنجونجاهه منٽ هيو، جيڪا پنهنجي مقرر ٽائيم تي اڏام ڪري چڪي هئي. اسان سان ٻيا ڪافي همراهه هيا، جن سان اها ويڌن ٿي هئي، تنهنڪري حڪم مليو ته قطار ۾ بيهو ته جيئن اسين توهانجي لاءِ ڪجهه ڪري سگهون. قطار الاهي وڏي هئي بهرحال جمن به جڳ سان وڃي پنهنجي محبوبه سميت قطار ۾ بيٺو.
ڍڳو پير پيران، مون کان اڳ ۾ سٺ ستر ماڻهو قطار ۾ بيٺا هيا. اسان جي قطار جي رفتار کان ته ڪِوِل به تيز هلندي آهي. قطار رٻڙ وانگر ڇڪجندي پئي وڃي ٿوري دير کان بعد مون پوئتي نظر ڦيرائي ڏٺو ته سٺ ستر کان وڌيڪ ته اسان جي پٺيان به آهن، آخر ڪار وڃي رات جي 12 لڳي 50 منٽن تي اسان وڃي ڪسٽمر سروس ڪائونٽر (Customers Service Counter) تي پهتاسين. قصه مختصر رات جي 01:30 تي اسان کي هوٽل ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ ووچر ڏنائون ۽ چيائون ته هاڻي وڃي آرام ڪيو، صبح 11-12 بجه رابطو ڪري سيٽ جو پڇجو. هوٽل اتان بلڪل ويجهو هيو. هوٽل جو نالو ويسٽ ان (Westin) هيو. ايئرپورٽ مان نڪرڻ سان ئي ٿڌڪار خوب آڌرڀاءُ ڪيو. ڪن ۽ هٿ ته هڪدم ڳاڙها ڳٽول ٿي ويا، بهرحال ويهه ڊالر ڀري ٽيڪسي وٺي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل وارن کي ووچر ڏنو، انهن فوراً ڪمري جي چاٻي عنايت ڪئي، اسان وڃي ڪمري ۾ بستري تي ايئن ڪرياسين، جيئن ڪنهن ڪمزور مخالف جي مٿان چڙهائي ڪبي آهي، بستري تي ڪرڻ کان بعد ننڊ اسان کي پنهنجي آغوش ۾ آڻي سڀ ٿڪاوٽون پري ڪري ڇڏيون. سمهڻ گهڙي تائين ممتاز ڀٽو رابطي ۾ رهيو ۽ صبح جو به ڀٽو صاحب جي فون تي ئي جاڳ ٿي.
ڪمري جي پردي کي پري ڪري ڏٺو ته سج مٿي چڙهي آيو هيو، سڀ کان اڳ الله جي ذات جو شڪر ادا ڪندي صبح جو آغاز ڪيوسين. هوٽل جي ريسٽورنٽ ۾ وڃي ڀرپور ناشتو ڪرڻ لاءِ کاڌي جي رکيل شين جو سرسري جائزو ورتو. سڀ کان پهريان فريش جوس جي ٻن گلاسن کي ڏاگهي وڌو، پوءِ فروٽ جي پليٽ ڀري کاڌي سون، انهي کان بعد جن ۾ بلڪل تسلي هئي ته هي اسين کائي سگهون ٿا اهو کائي ڏاڙهي ۽ مڇ تي هٿ ڦيري اچي ڪمري تي پهتاسين.
ڪمري تي پهچڻ کان فوراً بعد ايئر ڪيناڊا سان رابطو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ تقريباً اڌ منو ڪلاڪ لڳو. ايئر ڪيناڊا (Air Canada) وارن چيو ته اڄ مشڪل آهي جو سڀ سيٽون بڪ ٿيل آهن. مون کين چيو ته منهنجي اڄ ڪيلگري ۾ ميٽنگ رکيل آهي، تنهنڪري توهان اڄ ڪوئي بندوبست ڪري ڏيو. ٿوري دير ۾ چيائون ته 2 وڳي آهي، ان تي توکي موڪليون ٿا، پنهنجي اي ميل (email) ڏي، مون اتي فون تي نوٽ ڪرائي بس ڪئي ته چيائين پنهنجي اي ميل چيڪ ڪر. اي ميل چيڪ ڪئي ته فلائيٽ جو شيڊول ڏنل هيو، مون کيس چيو ته what about my girlfriend? هوڏانهن فون تي ڇوڪري هئي، چيائين حوصلو رک، تنهنجي گرل فرينڊ توسان گڏ هوندي ۽ هاڻي ميل چيڪ ڪر. ٻيهر ڏٺو ته منهنجي محبوبه جي به ٽڪيٽ ريشيڊول ٿيل هئي.
ٽورنٽو کان ايڊمنٽن. (Toronto to Edmonton)
ايڊمنٽن کان ڪيلگري . (Edmonton to CALGARY)
ٽورنٽو کان چار ڪلاڪ فلائيٽ ٽائيم هيو ۽ ايدمنٽن کان ڪيلگري تقريباً ڪلاڪ جي فلائيٽ هئي.
جڏهن اسان ايڊمنٽن پهتاسين، هلڪي برف سان زمين جي مٿان سفيد چادر چڙهيل هئي، درجي حرارت ٽي سينٽي گريڊ هيو. تقريباً ٽن ڪلاڪن جي وقفي کان بعد ڪيلگري لاءِ فلائيٽ جي اڏام جو ٽائيم مقرر هيو پر ويهه منٽن جي دير سان جهاز اڏام ڪئي، ڪپتان ٻڌايو ته ڪيلگري جي موسم صحيح ناهي، برف جو طوفان پيو هلي. هاڻي توهان کي ڪيلگري جو طواف ڪرائي واپس ايڊمنٽن انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي واپس پهچائينداسين. جهاز مان لهڻ جي تياري ڪئي پي ته ميل اچي ٺڪاءُ ڪيو ته توهانجي فلائيٽ سڀاڻي لاءِ ريشيڊول ڪئي آهي.
جهاز تان هيٺ لهڻ مهل هڪ ڇوڪري اسان کي هڪ ڪاغذ پڪڙايو ۽ چيو ته سوري توهان کي تڪليف پهتي، اسان کي خوشي ٿي.
واپس اچي ڪسٽمر سروس تي آياسين ۽ پڇيو ته ڀائي اسان جي لاءِ ڪوئي هنڌ کٽ کپي، چوڻ لڳا ته هي فلائيٽ موسم جي خراب هجڻ ڪري ڪينسل ٿي آهي ۽ توهان وڃو صبح جو اچي جهاز تي چڙهو. موسم جي خرابي ڪري اسان توهان کي ٻي ڪابه سهولت مهيا نٿا ڪري سگهون. مون ٿورو مڇ کي وٽ ڏنو ۽ چيو ته بين الاقوامي قانون مطابق جيڪڏهن اٺ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم آهي ته توهان کي اها سڀ سهولت ڏيڻي آهي، نه ته مان توهان تي وڪيل ڪري ڪورٽ سڳوري جو در کڙڪائيندس جو توهان اسان کي رستي ۾ رلايو آهي. ڇوڪري ٿوري پريشان ٿي ۽ چيائين ته هڪ منٽ مان مٿان پڇي اچان، ٻن ٽن منٽن کان بعد آئي ۽ هڪ ڪاغذ هٿ ۾ هيس ۽ مونکي اچي ڏنائين ۽ چيائين ته هي توهان جو هوٽل ۽ صبح جو ناشتو ۽ گيٽ نمبر 9 تان توهان کي شٽل سروس کڻي ويندي.
مون چيو ته هينئر رات جا 9 ٿيا آهن، ڊنر جو ووچر ڏيو، چوڻ لڳا ته سوري هي به اسان توهان جي خاطر ڪيو آهي، باقي اسان اها سهولت ٻين کي موسم جي خرابي سبب ڪونه ڏيندا آهيون. مون چيو ته انهي جو مطلب ته وڪيل جي معرفت توهان جي ايئرلائين کي ڪورٽ ۾ سڀاڻي گهرائڻو پوندو. انٽرڪام تي ڇوڪري ڪنهن سان ڳالهايو ته ٿوري دير ۾ هڪ ٻي ڇوڪري اچي پهتي ۽ چوڻ لڳي ته توهان ڊنر يا ٻيو جيڪو ٽيڪسي جو خرچ وغيره ڪيو، انهيءَ جي اسان کي ڏجو ته اسان توهان کي پئسه ڏينداسين.
عبدالستار هاليپوٽه صاحب فيس بوڪ تي منهنجو اسٽيٽس ڏٺو، تنهن ايڊمنٽن پهچڻ مهل فون ڪري چيو ته جيڪڏهن ٽائيم آهي ته مان اچي توهان کي شهر جو ديدار ڪرائي واپس ايئرپورٽ تي ڇڏيان. مون چيو ته ڀائو مهرباني ڪيلگري فلائيٽ لاءِ وقت گهڻو ڪونهي، باقي توهان ڏانهن چڪر هڻبو. جڏهن اسان واپس ڪيلگري جو طواف ڪري ايڊمنٽن پهتاسين ته سائين عبدالستار هاليپوٽه صاحب جو فون آيو ۽ چيائين ته واپس موٽي اچڻ تي خوش آمديد. اسان توهان کي ٽريڪ ڪيو پي ۽ خبر پئي ته توهان جي فلائيٽ واپس ايڊمنٽن پهتي آهي ۽ توهان اتي ئي بيهو جتي آهيو، مان پندرهن ويهن منٽن ۾ پهچي ويندس، مون کيس ٻڌايو ته گيٽ نمبر اٺاويهه (28) تي بيٺو آهيان. مون کيس ٻڌايو ته ايئرلائين وارن هوٽل ڏنو آهي، باقي توهان سان ڪچهري ضرور ڪبي. بهرحال هاليپوٽه صاحب چيو ته هلو ماني گهر تيار ٿي پئي آهي، ماني کائو، پوءِ انهي کان بعد ڏسنداسين. ماني کائڻ کان بعد نادري حڪم ٿيو ته مٿي توهان جو ڪمرو تيار پيو آهي، پنهنجا سنج لاهي آرامي ٿيو صبح جو ناشتو ڪري توهان کي هوائي اڏي تي پهچائي اينداسين. رات جي ماني کائڻ کان بعد شهر جو ٽرڙو چڪر ڏئي واپس اچي آرام ڪيوسين.
مونکي انوقت بي انتها خوشي ٿي، جڏهن سائين عبدالستار جي ڪار تي سنڌي ۾ نالو لکيل ڏٺم.
اسان آرام جي پرسڪون ننڊ ڪئي ۽ صبح جو چار وڳي ننڊ مان سجاڳ ٿي الله جو شڪر ڪندي صبح جو آغاز ڪيوسين.
ايڊمنٽن ڪيلگري کان اتر طرف تقريباً ٽي سئو ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. البرٽا صوبي جي گادي جو هنڌ ايڊمنٽن آهي، جنهن جي آبادي 13 لک جي لڳ ڀڳ آهي. البرٽا صوبي جو وڏي ۾ وڏو شهر ڪيلگري آهي، جنهن جي آبادي ايڊمنٽن کان لک کن وڌيڪ آهي.
هتي جيڪا خبر پئي ته البرٽا ۾ آفريڪي ماڻهن جي آبادي گهٽ آهي ۽ جيڪي آيا آهن، اهي سڀ هجرت ڪري آيا آهن، تنهنڪري گورن ۾ ڪارن جو رويو آمريڪا جي مقابلي ۾ سٺو آهي، ڇوته هتي ڏوهه گهٽ آهن ۽ قانون جي حڪمراني آهي. آفريڪن جن کي عرف عام ڪارا ڪري چوندا آهن، انهن جو آمريڪا ۾ ايم ڪيو ايم وارو ڪردار رهيو آهي، تنهن ڪري آمريڪا ۾ بليڪ ميل ڪندا رهندا آهن. بهرحال اهو سڀ هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي، حقيقت الله بهتر ٿو ڄاڻي.
اسان صبح جو ڀرپور ناشتو ڪري ايئرپورٽ ڏانهن پهچي سيڪيورٽي جي ساڳي صورتحال مان گذري اچي لائونج ۾ پهتاسين ۽ ٿوري دير ۾ ڪيلگري لاءِ بورڊنگ ٿي وئي.

ll