سفرناما

آمريڪا ۽ ڪيناڊا

محمد جمن ڄامڙي دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ اتان جي حَسين شھرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻھن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن. هن سفر ۾ محمد جمن ڄامڙي سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان پڻ ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انھن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن ۽ ڪتاب ۾ شامل آھن. 

Title Cover of book آمريڪا ۽ ڪيناڊا

سائين علي نواز ميمڻ سان ڪچهري

سائين علي نواز ميمڻ سان ڪچهري

پوٽامڪ درياءَ (Potomac River) کان واپسيءَ تي هڪ شاپنگ مال ۾ وياسين. حجم جي سيلون نظر آئي، مان رڳو موازنو ڪرڻ خاطر اندر گهڙي ويس ته حجم سڀ پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيا ۽ پڇڻ تي ٻڌاين ته تقريباً هڪ ڪلاڪ کان بعد اسين توهان کي ٽائيم ڏئي سگهنداسين. مون چيو ته خير آهي مان في الحال ڪنهن ڪم سان وڃان ٿو، جيڪڏهن جلدي فارغ ٿيم پوءِ شايد مان ايندس. بهرحال فون نمبر ڏنائون ته اچڻ کان اڳ فون ضرور ڪري پوءِ اچڻ جي تڪليف ڪجو. مون اتي اگهن جي لسٽ تي نظر ڦيرائي ڏٺو ته آمريڪا ۾ رهندڙن لاءِ ته شايد معمولي هيا، مان جڏهن انهن کي ڏيڍ سئو روپيه سان ضرب ڪري حساب ڪيو ته تقريباً ڏاڙهي ۽ مٿي جي وارن جي سيرب لاءِ ڇهه ست هزار روپين جي لڳ ڀڳ ٿي پيو وڃي، وري انهيءَ جي مٿان گهٽ ۾ گهٽ پنج سيڪڙو ٽپ به ڏيڻ لازمي هوندو آهي.
حجامڪي سيلون تي ڪم ڪرڻ وارا مون کي ڪورين، چيني، فلپائيني ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو جام نظر آيا. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ٻئي پاسي پاڪستاني ۽ هندستاني به هجن. حجامڪي ڪم ڪرڻ وارن ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي گهڻائي هئي.
منهنجو وري اتفاق سان ڌوٻي جي ڪارخاني تي وڃڻ ٿيو. ڪارخانو انهيءَ ڪري ٿو چوان ته اتي لانڊري ۾ ڪم ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ مونکي ٽيهارو کن مزدور نظر آيا، جيڪي مختلف ڪمن ۾ رڌل هيا. جيڪو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌورائڻ لاءِ وڃي پيو ته اڳ ۾ ڪائونٽر تي وڃي لائين ۾ بيهي پنهنجي وقت جو انتظار ڪرڻ کانپوءِ پنهنجا ڪپڙا اتي ڪائونٽر تي کولي رکندو. ارجنٽ ۽ نارمل وارا ڪائونٽر الڳ الڳ ٺهيل آهن، توهان جي سامهون توهان جا ڪپڙا نمبر لڳڻ کانپوءِ سفيد ۽ رنگدار ڪپڙا الڳ الڳ ٽوڪرين ۾ اڇلائيندا ويندا آهن، ڊرائي ڪلينز لاءِ الڳ ڪندا، پوءِ توهان کي تاريخ ۽ رسيد ڏئي روانو ڪندا. اهڙيءَ طرح ڪپڙا واپس وٺڻ لاءِ به ڪائونٽر تي رسيد ڏيکاري ٻن منٽن ۾ پنهنجا ڪپڙا کڻي واپس ٿي وڃو. جڏهن علي نواز ميمڻ صاحب ۽ مان سائين جا ڪپڙا کڻڻ وياسين ته لڳي پيو ته ڪنهن وڏي شاپنگ مال ۾ داخل ٿيا آهيون. وڏو هال جنهن جي ويڪر تقريباً سئو فوٽ ۽ ڊيگهه تقريباً ڏيڍ سئو فوٽ ۽ اوچائي تقريباً 30 کان 35 فوٽ هئي. ڌوتل ڪپڙا هينگرس ۾ هڪٻئي جي مٿان چار پنج منزلا ٽنگيل رکيل هيا. جنهن وقت اسان ڪائونٽر تي رسيد ڏني ته همراهه هڪ بٽڻ تي آڱر رکي انجي مٿان رسيد رکي، مون ڏٺو ته پاڻ هرتو رسيد ۾ درج ٿيل ڪپڙن ۾ هلچل شروع ٿي وئي. رسيد ۾ درج ٿيل ڪپڙا هڪ جاءِ تي پيل ڪونه هيا پر آٽوميٽڪ ڪائونٽر جي مٿان اچي حاضر ٿيا. ماڻهو جي طبيعت مطابق فولڊ کپن يا هينگر ۾ ٽنگيل گهرجن، انهيءَ حساب سان ڪپڙا حوالي ڪري ماڻهوءَ کي فارغ ڪيو ڇڏن. جنهن لانڊري ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو ته اتي مالڪ ۽ ليبر سڀ ڪوريا جا هيا. مون ميمڻ صاحب کان پڇيو ته اهو ڪهڙو سبب آهي جو ڪوريا کان ماڻهو اچي انهيءَ بزنس ۾ دلچسپي ورتي اٿن؟ جڏهن ته انهيءَ بزنس ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو ايترا انهيءَ ڌنڌي ۾ ناهن. ميمڻ صاحب جي چوڻ مطابق ته هڪ ته پاڪستان جي مقابلي ۾ ڪوريا جا ماڻهو هڪٻئي سان مخلص ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن ٿا. پنهنجي ملڪ جو نانءُ روشن ڪرڻ لاءِ هڪٻئي جي ڏاڍي مدد ڪندا آهن. هن پوري علائقي ۾ لانڊري جون وڏيون وڏيون فيڪٽري نما مال ٺهيل آهن، اهي سڀئي ڪوريا جي ماڻهن جون آهن، تنهنڪري ٻيا ايتري وڏي انويسٽمينٽ ڪونه ٿا ڪن، جيڪڏهن ڪير ايتري وڏي انويسٽمينٽ ڪندو ته انهيءَ کي ايترو منافعو حاصل ڪونه ٿيندو، ڇوته ايتري ٽرينڊ ۽ سستي ليبر مهيا ڪانه ٿيندي، تنهنڪري ايئن کڻي چئجي ته انهيءَ بزنس تي ڪورين جي هڪ هٽي ٿي وئي آهي.
پنهنجي دل ۾ ويهي ويچار ڪرڻ لڳس ته جيڪڏهن اسان جا سرندي وارا سنڌ جي وڏن شهرن ۾ لانڊري جا جديد پلانٽ هڻن ۽ سنڌ جي ڳوٺن ۽ واهڻن جي ماڻهن کي ٽريننگ ڏياري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پنهنجي ڪاروبار سان گڏ پنهنجي ماروئڙن جي لاءِ روزگار ۽ کين اتي آباد ڪرڻ لاءِ وڏا مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. اسان جي سرندي وارن دوستن کي گهرجي ته انهيءَ پهلو تي ضرور سوچ ويچار ڪن. اهڙي طرح مون ڪراچي شهر ۾ ڏٺو آهي حجامڪي ڌنڌي ۾ اڪثريت پنجاب جي ماڻهن جي آهي، جيڪڏهن انهيءَ ڌنڌي ۾ پنهنجا ماڻهو سيڙپ ڪن ۽ ايئن ڪرڻ سان ڌنڌي سان گڏوگڏ سنڌي ماروئڙن جي لاءِ روزگار جون راهون به کلنديون ۽ وڏن شهرن تي اسان پنهنجو قبضو واپس وٺي وينداسين.
شام جي وقت واپس ميمڻ صاحب جي گهر تي آياسين، ٿورو گهڻو ٿڪ به ٿيو هيو، تنهنڪري وڃي آرامي ٿياسين ۽ افطاري تي سڀني گڏ ٿي ماني ٽڪر کاڌو. سائين احسان الله ميمڻ صاحب جو فلوريڊا رياست مان فون آيو ته سائين اسان توهان جي انتظار ۾ آهيون. مهرباني ڪري پنهنجو شيڊول ڏيو ته جيئن مون کي به هفتي جي اندر پنهنجي نياڻي سان ملڻ لاءِ نيو يارڪ وڃڻو آهي. مون سندن شڪريو ادا ڪندي چيو ته ڀاءُ سڀاڻي مان جهاز جون ٽڪيٽون وٺي، پوءِ توهان کي سڄو پروگرام ڏيندس. احسان صاحب چيو ته رهڻ لاءِ پاڻ وٽ ٺڪاڻو آهي، تنهنڪري ٻئي هنڌ رهڻ لاءِ ڪنهن سان واعدو نه ڪجو.
انهيءَ کان اڳ مون کي مبين جماڻي صاحب چيو هيو ته اورلينڊو (Orlando) ۾ پنهنجو هوٽل آهي، توهان صرف ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ پنهنجو پروگرام ٻڌائجو. سائين مبين جماڻي صاحب ماشاءَ الله، الله جي رحمت ۽ پنهنجي لڳاتار محنت ڪندي پنهنجو عزت ڀريو مقام ٺاهيو آهي. سائين مبين جماڻي صاحب کي جيترو الله سائين نوازيو آهي انهيءَ کان وڌيڪ نياز ۽ نوڙت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. مبين جماڻي کي الله سائين تمام نيڪ ۽ سلڇڻي اولاد سان به نوازيو آهي، جماڻي صاحب پنهنجي اولاد جي پرورش به خوب ڪئي آهي انهن ۾ به نهايت فرمانبردار ۽ سلڇڻي اولاد جي جهلڪ تمام نروار انداز ۾ نظر ايندي آهي. الله سائين جماڻي صاحب جي اهل و اولاد کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. آمين
سائين احسان صاحب جي ڪري مون جماڻي صاحب کي پنهنجو پروگرام ڪونه ڏنو ۽ احسان صاحب سان گڏ رهڻ کي ترجيح ڏني.
ٻئي ڏينهن صبح جو حسب معمول نماز فجر کان بعد ٻاهر وڃي تازي هوا جا مزا ماڻياسين. تازي آڪسيجن سان ڀرپور ٿي ڪلاڪ ڏيڍ کان بعد واپس گهر آياسين ته سائين ممتاز ڀٽو صاحب جو فون آيو ته مان هيگرس ٽائون مان نڪرڻ وارو آهيان ۽ توهان تيار رهجو. وهنجي سهنجي تيار ٿي هيٺ آياسين ته سائين علي نواز صاحب اڳ ئي پنهنجي گهر واري آفيس ۾ ليپ ٽاپ کوليون پنهنجي ميل پيو چيڪ ڪري ۽ ٻڌايائين ته ممتاز ڀاءُ جو فون آيو هيو ۽ چيائين ته مان اڄ ڪلاڪ ٻن ۾ پهچان ٿو ۽ اسپيشل گهر ۾ برياني ٺهرائي آهي، سا به توهان لاءِ ساڻ کڻي ٿو اچان. ميمڻ صاحب چيو ته توهان اها زيادتي ٿا ڪيو جو چار ڏينهن مس هتي رهيا ۽ اهي چار ڏينهن به اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي ويا، هاڻي ويهه ته جهٽ پل ڪا ڪچهري ڪيون. ميمڻ صاحب چيو ته يار مون تنهنجيون پنهنجي باري ۾ لکيل ڪجهه قسطون پڙهيون ۽ ڪجهه نه پڙهيون آهن. هاڻي ٿورو مونکي پنهنجي ذاتي تجربن متعلق پنهنجي زباني ٻڌاءِ ته ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ پڙهائي ڪيئن ٿي؟ زندگي ۾ مختلف مرحلن مان گذري اڄ هن مقام تائين پهتا آهيو، انهيءَ سڄي سفر ۾ ڇا ڇا ٿي گذريو وغيره وغيره؟
ميمڻ صاحب کي عرض ڪيو ته هن قليل عرصي ۾ اهي سڀ ڳالهيون ته ڪري ڪونه ٿيون سگهجن پر ڪجهه چيده چيده ڳالهيون جيڪي ياد آهن، اُهي توهان سان برجستو احوال ڪيان ٿو. سائين سامهون واري ڪرسي تي ليپ ٽاپ کوليون ويٺو هيو، جنهن کي بند ڪري پاسي تي رکي ۽ هڪ ڪنو ٿي ٻڌڻ لڳو ۽ مان ماضي ۾ ٽُٻي هڻي جيڪو ياد ايندو ويو، سو بيان ڪندو ويس. منهنجو سڄو ڌيان ماضي ۾ هيو ۽ اتان ڪجهه ڳالهيون ۽ واقعا ڳوليندو ميمڻ صاحب جي آڏو پيش ڪندو ويم. ميمڻ صاحب هڪ ڪرو ٿي منهنجي ڳالهين کي ٻڌندو ويو. انهيءَ ٽائيم مونکي اهو محسوس ڪونه ٿيو ته ڪوئي ميمڻ صاحب جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن، تقريباً ويهه پنجويهه منٽن کان بعد مون ڏٺو ته ميمڻ صاحب ٽشو پيپر کڻي پنهنجي اکين مان ڳوڙها اُگهڻ شروع ڪيا ۽ چيائين ته يار بس ۽ پاڻ اٿي ڊرائنگ روم ڏانهن ويو ۽ پنهنجي پارٽنر کي چيائين ته يار! ڄامڙو صاحب جي ڪهاڻي ٻڌي مان پنهنجي ڳوڙهن تي ڪنٽرول ڪونه ڪري سگهيس، تنهنڪري ڳالهه کي اڌ ۾ ڇڏي آيس. ڳالهه ٻڌڻ سان ادي هڪدم ٿورو پريشان ٿي وئي ته خير ته آهي نه، ڇا ٿيو آهي؟ وري ٻئي اچي ويٺا ۽ ادي چوڻ لڳي ته مان ته هڪدم پريشان ٿي ويس جو منهنجو سائين پنهنجي اکين مان نير وهائڻ شروع ڪيا؟ ميمڻ صاحب چيس ته سائين اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، مون کي ته سنڌ جو مجموعي ڏک واري حالت ڏسندي ۽ ڄامڙو صاحب جي ڪهاڻي کي جيئرو جاڳندو ڪريڪٽر طور سمجهندي، اکين مان لڙڪ اچي ويا ته سنڌ جي عوام کي ڪڏهن اُهي سهولتون ملنديون جو اڳتي ايندا ۽ ڪيترا اسان جا همت وارا نوجوان هوندا، جيڪي انهن ڏُکيائن کي منهن ڏئي پاڻ ملهائيندا. سنڌ جي سياسي قيادت کي الله ڪڏهن اهڙو ايمان ڏيندو جو اُها پنهنجي عوام لاءِ سوچيندي.
ميمڻ صاحب سنڌ جي ترقيءَ لاءِ هميشه سوچ ويچار ڪندو رهندو آهي، تنهنڪري سنڌ ۾ ٿيندڙ زيادتي تي دل کولي لکندو به آهي ته نيٽ تي لائيو پنهنجن خيالن ۽ جذبن جو اظهار به ڪندو رهندو آهي. ميمڻ صاحب سنڌ جي معاملي ۾ ڏاڍو حساس طبيعت جو مالڪ آهي. الله سائين ميمڻ صاحب کي صحت سان گڏ وڏي ڄمار عطا ڪري. آمين


ll