سفرناما

آمريڪا ۽ ڪيناڊا

محمد جمن ڄامڙي دنيا جي ٻن عظيم شاهوڪار ملڪن آمريڪا ۽ ڪيناڊا جو سفر ڪيو ۽ اتان جي حَسين شھرن ۽ خوبصورت ماڳن ۽ ماڻھن جا نظارا ڪيا آهن، جيڪي هن سفرنامي ۾ نھايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان لکيا آهن. هن سفر ۾ محمد جمن ڄامڙي سنڌ جي هڏ ڏوکي دوستن سان پڻ ڀرپور ملاقاتون ڪيون ۽ انھن سان سنڌ متعلق حال احوال اوريا ۽ ويچار ونڊيا آهن. جيڪي ڏاڍا لاڀائتا آهن ۽ ڪتاب ۾ شامل آھن. 

Title Cover of book آمريڪا ۽ ڪيناڊا

ڪيناڊا مڪس ڪلچر وارن جو ملڪ

ڪيناڊا مڪس ڪلچر وارن جو ملڪ

ڪيناڊا تمام وڏو ملڪ آهي، تنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪافي وقت گهرجي. جيستائين ماڻهو ڪنهن علائقي کي چڱي طرح نٿو گهمي ۽ ماڻهن سان رلي ملي وڃي تيستائين ان علائقي جي متعلق ڪابه حتمي راءِ نٿو ڏئي سگهي. باقي هڪ اندازو هڻي سگهي ٿو، جيڪو ڪڏهن به سئو سيڪڙو صحيح ڪونه ٿي سگهندو آهي. ڪيناڊا جا اصلي رهاڪو ته توهان کي ورلي ملندا، تنهن ڪري ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته هي ڪيناڊا جو رسم رواج ۽ ڪلچر ڪهڙو آهي. ڪيناڊا جو ڪلچر ايئن آهي جيئن مڪس سبزي جو ٻوڙ هجي، جنهن ۾ مختلف سبزيون ملائي مصالحن جي زور تي ذائقيدار ڀاڄي ٺاهجي. جنهن ۾ گوبي، ٻٽالون، مٽر، بصر، ٿوم، ٽماٽا، گجرون وغيره وغيره سڀ ملائي هڪ ڀاڄي ٺاهبي آهي، اهڙي طرح ڪيناڊا ۾ به يورپ، ايشيا، مڊل ايسٽ، آفريڪا، آسٽريليا، نارٿ ۽ سائوٿ آمريڪا جي ملڪن جا ماڻهو مختلف رسم و رواج سان هتي آيا ۽ ڪجهه هتان جي هلندڙ رسم کي پڪڙيو ته ڪجهه وري پنهنجي رسم ۽ رواج کي به گڏ ساڻ رکيو هڪ مڪس ڪلچر ٺاهي پيا هلن.
سڀ کان اعليٰ خوبي هتي جيڪا مونکي ڏسڻ ۾ آئي ته هتي آيل چاهي ڪهڙي به ڪلچر کان آيو هجي پر هتي اچي هڪ ڪامن رسم تي هلڻ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جيڪو هو پنهنجي اباڻي علائقي ۾ عملن ڪونه ڪندا هيا، جيئن سچ ڳالهائڻ، بهتر اخلاق، ايمانداري، محنت، هڪٻئي جو خيال ڪرڻ، قانون تي عمل ڪرڻ وغيره وغيره. جنهن جي ڪري هڪ مختلف رنگن سان ڀرپور گلدستو ٺهي پيو آهي، جيڪو ڏسڻ سان اکين کي تازگي ۽ روح کي فرحت بخشي ٿو.
سائين سليم ڄام صاحب اسان سان گڏ مانٽريال تائين آيو ۽ هوٽل ۾ رهڻ کان اڳ اسان کي تقريباً پوري شهر جو سير ڪرايو ۽ هوٽل تي پهچائي پوءِ واپس آٽوا لاءِ روانو ٿي ويو.
مانٽريال ۾ اسان ريلوي اسٽيشن جي بلڪل ڀرسان رات رهڻ لاءِ بونا وينچر هوٽل (Bonaventure Hotel) ۾ ڪمرو ورتو، جيڪو ڪافي آرامده ۽ شهر جي وچ ۾ هيو. ڪمري ۾ وڃي ٽپڙ ۽ سنج لاهي ٻاهر گهمڻ لاءِ نڪتاسين. بلڊنگس، روڊ ۽ رستن تي نالا فرينچ ۾ لکيل هيا، تنهن ڪري اسان کي ڪجهه ڏکيائي ٿئي پئي. اسان کي هڪ مال تي وڃڻو هيو جو اسان کي ڪنهن دوست چيو ته اتي ضرور وڃجو ۽ ان مال جي اندر هڪ ڪيفي بابت ڄاڻ ڏنائين ته فش ضرور وڃي کائجو، ۽ بلڪل تسلي وارو حلال کاڌو هوندو آهي. اسان جڏهن رستي تان لنگهندڙن کان ان بابت معلومات وٺڻ لاءِ چيو ته اهي اسان کي رستو سمجهائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش پيا ڪن ته جيئن اسان کي اوستائين پهچڻ ۾ ڪابه دقت پيش نه اچي. انهن جو اخلاق ايترو ته ساراهه جوڳو آهي جو ماڻهو ڪڏهن به وساري ڪونه ٿو سگهي.
اسان اتي وڃي ان مال ۾ پهتاسين ۽ دوست جي ٻڌايل ڪيفي کي هٿ ڪري فش جو آرڊر ڏنو ۽ مزي سان ان فش کي افطار جي وقت کائي هٿ جون آڱريون چٽي پوءِ ڇڏيوسين. انهيءَ مال ۾ هڪ شاپ هيو، جنهن جو نالو هيو ونر (Winner) تمام وڏو وسيع ۽ ڪافي ڪجهه ڏسڻ لاءِ پيو هيو. اچانڪ اسان کي خيال آيو ته اسان جيڪو ڪپڙن جو وڳو ننڍڙي پوٽي لاءِ ورتو هيو، اهو ننڍو هيو، تنهن ڪري انکي بدلائڻ جو ارادو ڪيو ۽ اتفاق سان اهو وڳو اسان آٽوا جي ونر اسٽور تان ورتو هيو. اسان وڃي ڪيش ڪائونٽر تي چيو ته اسان هي وڳو ساڳئي اسٽور تان آٽوا مان ورتو آهي، ڇا توهان اسان کي بدلائي ڏيندا. پڇيائين ته توهان وٽ رسيد آهي اسان چيو ته ها. رسيد کيسي ۾ موجود هئي اسان انهن کي ڏيکاري، چيائون ته جيڪڏهن توهان واپس ڪرڻ چاهيو ته توهانجي مرضي يا ڪوئي ٻيو اوتري رقم وارو ڪهڙو به ائٽم وٺي سگهو ٿا. اسان اتان جيڪو دل چاهيو خريد ڪيو ۽ اهي پيسه ڪٽي باقي جيڪي مٿان ٻيا ڏيڻا پيا اهي ادا ڪري انهيءَ مال مان نڪري اچي هوٽل تي پهتاسين. افطاريءَ جو وقت رستي ۾ ٿي ويو هيو، تنهن ڪري ڪجهه ڪتلون اسان ساڻ کڻي نڪتا هياسين، هلندي رستي ۾ ڪيناڊا ۾ اسانجو آخري روزو پڄاڻيءَ تي پهتو.
مانٽريال ريلوي اسٽيشن:
ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي نيو يارڪ لاءِ ريل گاڏي ۾ سوار ٿي مانٽريال جي ريلوي اسٽيشن تي اچي پهتاسين. پهريان ته اهو يقين ڪونه پيو اچي ته ڇا اسان ريلوي اسٽيشن تي آيا آهيون يا ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل جي لابي ۾ بيٺا آهيون. چوڌاري کائڻ پيئڻ لاءِ مختلف ننڍا وڏا هوٽل ۽ ڪيفي ٺهيل هر شيءِ معياري صاف سٿري پيل. صفائي جو بلڪل بهترين انتظام، اسان پوري ريلوي اسٽيشن تي ڪچرو ته پري جي ڳالهه پر ڪاغذ جو ٽڪرو به ڪونه ڏٺو. اسان کي جنهن پليٽفارم تان ريل گاڏي ۾ سفر ڪرڻو هيو، اها 16هين نمبر پليٽ فارم تي هئي. ريل گاڏي جا پليٽفارم سڀ انڊر گرائونڊ هيا ۽ مٿان روڊ ۽ وڏيون وڏيون بلڊنگون ٺهيل هيون، جن جي هيٺان ريل گاڏي جون پٽڙيون وڇايل هيون.
گاڏيءَ جي هلڻ کان ويهه منٽ اڳ انائوس ڪيائون ته نيو يارڪ وڃڻ لاءِ ٽرين پليٽ فارم نمبر 16 تي بيٺل آهي، تنهن ڪري مسافرن کي گذارش آهي ته پليٽفارم نمبر 16 ڏانهن وڃن. اسان وڃي قطار ۾ بيٺاسين ۽ اسان کان اڳ ۾ تقريباً 25-30 مسافر هيا. سيڪيورٽي جو ماڻهو آيو، جيڪو هر هڪ مسافر جي سامان کي کڻي پيو ڏسي ته ويهه ڪلوگرام کان وزن وڌيڪ ته ناهي. هٿ ۾ کڻي اندازو هڻي انجي مٿان اسٽيڪر هڻي پيو ڇڏي ته وزن برابر آهي. پنج منٽ اندر اسان لفٽ جي ذريعي وڃي هيٺ پليٽفارم نمبر 16 تي پهتاسين. پليٽفارم تي پهچڻ شرط اتي بيٺل ريلوي جو ملازم اسان کي مرڪندي ٻڌائيندو ويو ته اتان وڃي ريل گاڏي جي دٻي ۾ چڙهو. هتي سيٽ نمبر الاٽ ٿيل ڪونه هيو پر اوترن مسافرن کي ٽڪيٽ ڏني هيائون جيتريون سيٽون موجود هيون. ريل جي دٻي ۾ جيئن اندر داخل ٿياسين ته ايئن محسوس ٿيو ته هوائي جهاز ۾ سوار ٿيا آهيون. ٻه ويهڻ لاءِ سيٽون ساڄي پاسي ته ٻه کاٻي پاسي وچ ۾ گهمڻ لاءِ ڪشادو رستو، جو ٻه ملان جهڙا پليل ماڻهو آسانيءَ سان گذري سگهن. سيٽ جي مٿان جهاز وانگر سامان رکڻ لاءِ ڪشادو ڪيبن جنهن ۾ آرام سان وڏي بيگ رکي سگهجي پئي. سيٽون خلاصيون ۽ هڪٻئي کان تقريباً چار فوٽن جي فاصلي تي هيون. ريل گاڏي جي اندر هر دٻي ۾ ٻه ڪشاده صاف سٿرا واش روم هيا.
اسين وڃي سيٽ تي ويٺاسين ته کاٻي ۽ ساڄي پاسي لونڌڙي هڻي ڏٺو ته خبر ناهي ته ڪيترائي پليٽفارم هيا. ڪاريگرن جي دماغ کي شابس آهي جو زمين هيٺ ايترو وڏو جهان اڏيل آهي، ايئن پيو محسوس ٿئي ته سڄو شهر زمين جي اندر آهي. روشني ايتري جو جيڪڏهن سُئي به ڪري پوي ته وڃائبي ڪانه. انهيءَ زير زمين ريل گاڏي جي پٽڙي مٿان وڏيون وڏيون عمارتون جڙيل آهن.
آخرڪار مقرر ٽائيم تي ريل گاڏي مانٽريال کان نيو يارڪ لاءِ رواني ٿي، ڪافي وقت انڊرگرائونڊ هلندي رهي، پوءِ اچي زمين جي مٿان ظاهر ٿي. شهر جو نظارو ريل گاڏي مان تمام خوبصورت ۽ دلڪش هيو، جيڏانهن به نگاهه کڄي پئي ته سڄو علائقو سرسبز ۽ دلفريب نظر پيو اچي. جتان به گذرون پيا ته کاٻي ۽ ساڄي پاسي جيڪي به روڊ هيا، اهي بلڪل تير وانگر سدا ڪوئي ور وڪڙ ڪٿي به نظر ڪونه پيو اچي.
جتي شهر ختم ٿيو، اتان کان بعد ۾ ريلوي اسٽيشن جي ٻنهي پاسي وڏا وڏا سرسبز جهنگل اسان سان گڏوگڏ هلندا رهيا، جيڪي نيو يارڪ تائين گڏ رهيا. وچ ۾ خوبصورت ڳوٺ ۽ ننڍا وڏا شهر وقفي وقفي کان بعد نظر ايندا رهيا.
مانٽريال کان هلڻ وقت ريل گاڏي ۾ انائوسمينٽ ڪيائون ته ريل گاڏي ۾ انٽرنيٽ آمريڪا جي بارڊر تي پهچڻ شرط ڪم ڪرڻ شروع ڪندي. مانٽريال کان تقريباً پوڻا ٻه ڪلاڪ بعد ريل گاڏي ڪيناڊا جو بارڊر ڪراس ڪري آمريڪا جي حدن ۾ داخل ٿيڻ شرط ريل گاڏي اچي بيٺي، جيڪا اتي تقريباً سوا ڪلاڪ بيٺل رهي. انهي دوران انٽرنيٽ به شروع ٿي وئي ۽ دنيا جهان سان رابطو شروع ٿي ويو.
ريل گاڏي جي بيهڻ دوران اسان سڀ مسافر پنهنجي پنهنجي سيٽ تي موجود رهياسين ۽ دٻي جي اندر گهمي ڦري سگهياسين پئي. ٿوري دير کان بعد آمريڪا جي ڪسٽم ۽ بارڊر ڪنٽرول جا ٽي آفيسر دٻي اندر داخل ٿيا. هر هڪ مسافر وٽ وڃي آرام سان پاسپورٽ ڏيارڻ لاءِ چيائون، پاسپورٽ ڏسي ان تي ويزه وغيره ڏسي صرف اهو پڇيائون ته توهان وٽ پيسه ڪيترا آهن ۽ آمريڪا ۾ ڪٿي رهندا ۽ گهڻا ڏينهن گذاريندا؟ ڇا توهان جي هتي ڪيناڊا ۾ فيملي آهي يا صرف سير سپاٽي تي نڪتل آهيو؟ هر پاسپورٽ کي اسڪين ڪرڻ لاءِ موبائل فون جهڙي مشين هٿ ۾ هين، جنهن جي معرفت اسان جي سڀ بايوڍيٽا انهن وٽ اچي پئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ 10 هزار ڊالر يا ان کان وڌيڪ هيا ته انهن کي چون پيا ته ڪسٽم جو فارم ڀري ان تي رقم ظاهر ڪري دستخط ڪيو. جيڪڏهن 10 هزار ڊالر کان گهٽ آهن ته صرف زباني ٻڌائڻ ڪافي آهي.
انهيءَ کان بعد آمريڪا جي رياست ۾ ريل گاڏي هلڻ شروع ڪيو. نيو يارڪ تائين گهٽ ۾ گهٽ 12-13 اسٽيشنن تي ٿوري دير لاءِ رڪي. ٻن اسٽيشنن تي پنج منٽ کن رڪي، باقي هڪ اسٽيشن الباني (Albany Station) تي تقريباً 20-25 منٽ رڪي. ريلوي اسٽيشن جنڪشن پئي لڳي، پوءِ خبر پئي ته نيو يارڪ صوبي جي گاديءَ جو شهر الباني آهي، رستي ۾ جن اسٽيشنن تي بيٺي انهن مان ڪجهه نالا ياد اچن ٿا، جيڪي هيٺ دوستن جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو:
White Hall, Fort Edward, Schenectady, Albany Renesselaer, Corton Harmon, Yonkers, River dale.
سڄو علائقو سرسبز، جهنگلات ۽ ڍنڍن ۽ ڍورن تي مشتمل هيو. منهنجي کاٻي پاسي کان تقريباً ساڄي واٽ پاڻي گڏ هلندو رهيو، ڪٿي ٿورو ته ڪٿي گهڻو ته وري ڪٿي ڳچ پنڌ تائين ٻنهي پاسي پاڻي هيو يا وڻڪار، جتي به ڪو ڳوٺ نظر آيو ته ان کي دنيا جون سڀ سهولتون مليل نظر آيون. حيران ڪن ڳالهه اها هئي ته مونکي ننڍن واهڻن ۾ به گلف جا ميدان نظر آيا، جيڪي پاڪستان ۾ گهڻو ڪري ڊفينس ڪلب يا ڪنهن وڏي جيم خانه ڪلب ۾ هوندا آهن، جتي عام ماڻهو داخل به ٿي ڪونه ٿو سگهي. ڪيناڊا جي شهر آٽوا کان جڏهن مان روڊ رستي مانٽريال پيو اچان ته به رستي تي گالف راند کيڏڻ لاءِ ميدان نظر آيا، اهڙي طرح آمريڪا جي ننڍن ڳوٺن ۾ نظر آيا. آمريڪا جون عام ريلوي اسٽيشنون صاف سٿريون ۽ تمام محدود ايراضي تي مشتمل هيون.
جيئن مون آمريڪا جي سرزمين تي پير رکيو ته سائين جمشيد مغل صاحب جو فون آيو ته اسين ان شاءَ الله توهان سان اچي نيو يارڪ پين اسٽيشن جي ٻاهر سيونٿ ايونيو تي ڪي ايف سي 7 وٽ ملنداسين. اسان جڏهن نيو يارڪ پين اسٽيشن تي لٿاسين ته اتان مٿي چڙهي وڃڻ لاءِ مختلف لفٽون لڳل هيون، اسان جڏهن زير زمين اسٽيشن کان مٿي زمين تي ٻاهر آياسين ته اهو اٺون ايونيو هيو ۽ موسم جهڙالي ۽ هلڪي هلڪي بوندا باندي پئي ٿئي. اسان اتان سيونٿ ايونيو تي پڇائي وڃي پهتاسين. فون تي رابطو ٿيو اسان پاڻ ۾ جاءِ سيٽ ڪئي ته سيونٿ ايونيو جي 32 نمبر اسٽريٽ جي ڪنڊ تي ملنداسين، ڇو ته ون وي ٽريفڪ جي ڪري اها جاءِ سهولت واري هئي. ٿوري دير ۾ سائين جمشيد مغل صاحب اهل عيال سميت اچي پهتو، ڀاڪر پائي ملياسين ۽ ڀاڄائي کي کيڪار ڪري، گاڏي ۾ سامان رکي روانه ٿياسين. ڳچ پنڌ ڪرڻ کان بعد هڪ پاڪستاني هوٽل تي اچي گاڏي روڪي حڪم ڪيائين ته توهان ٽئي لهو ته مان گاڏي کي بيهاري اچان. گاڏي کان ٻاهر نڪري نيڻ کڻي هوٽل ڏانهن نگاهه ڪئي ته لکيل هيو، ڊيره (Dera)، اندر داخل ٿيڻ سان محسوس ٿيو ته پاڪستان جي پهلوانن واري شهر گجرانوالا ۾ پهچي وياسين. ماني کائي مغل صاحب اسانجي رهڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ انتظام ڪري ڇڏيو هيو، تنهنڪري سڌو پنهنجي گهر وٺي هليو ۽ پهچڻ شرط سامان مٿي ڪمري ۾ رکي چيائين ته هاڻي صبح جو سحري تي گڏ ملنداسين ۽ آرام ڪيو جو رات جا تقريباً 12 ٿي چڪا هيا.

ll