سائين علي نواز ميمڻ جون سنڌ لاءِ خدمتون
دوستن کان ان رس ڀري ڪچهري مان موڪلائي سائين علي نواز ميمڻ صاحب جي گاڏي ۾ چڙهي سندس رهائشگاهه ڏانهن راهي ٿياسين. رات جو وڳڙو هيو رستي تي بلبن جي ڪري سڄو رستو ڄڻ ته ڏينهن لڳو پيو هيو. تقريباً ڏهن منٽن کان بعد گيٿرس برگ (Gaithersburg) جي ايريا ۾ پهچي وياسين، جيڪا منٽگومري ڪائونٽي (Montgomery County) جتي سائين علي نواز صاحب جو شاندار محل ٺهيل آهي. ميمڻ صاحب گهر ۾ گهڙڻ سان چيو ته سائين هي غريبخانه حاضر آهي، توهان هڪ سڄي پورشن ۾ والار ڪري وڃو، هٿ منهن ڌوئو ته پوءِ ويهي ٿا حال احوال ڪيون. رات جي ماني جي ضرورت ڪانه هئي جو اسان سڀني گڏجي ڪريم ميمڻ صاحب جي وليمي نما افطار پارٽي مان پيٽ کي کنجي ڀري نڪتا هياسين. صرف ڪڙڪ پرل ڊسٽ نما چانهه جو ڍونگو پيٽ ۾ وڌوسين ۽ قرار ڪري لت ڏئي سمهي پياسين، سحري لاءِ اٿياسين ۽ الله جي ذات بابرڪات جو شڪر ادا ڪرڻ کان بعد گهر کان ٻاهر سير سپاٽي خاطر پير پاتوسين. الحمدلله صبح جو سوير اڃان سج ڪنيون ڪونه ڪڍيون هيون جو ساوڪ سان ڀريل ميدان مان ٿڌڙي هير جي ڪري اسانجي لڱ لڱ ۾ بهاري اچي وئي. انهيءَ جانب نظر منظر جو نظارو ڪندا، اسان ٻه ٽي ميل فجر جي وقت گلن ڦلن جي تازي مهڪ جو سڳنڌ سنگهندا وڌندا وياسين. اهڙو دلفريب ۽ اکين کي وڻندڙ نظارو ڏسي نيڻ ٺري پيا. سروس روڊ جي ٻنهي پاسي فوٽ پاٿ ٺهيل انهن جي ڪناري تي رنگ برنگي وڻ ۽ گلن جا ٻوٽا وري زمين تي قدرتي سائي چادر وڇايل، ماڻهو کي هروڀرو به ٻه قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ٿي. اسان کي رستي تي ڪيترائي دفعا رنگ برنگي هرڻن جي ڌڻ پئي ڪراس ڪيو. هرڻن جي هلڻ ۽ گهمڻ جي ڪري هڪ عجيب نظارو پيدا پيو ٿئي، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ناهن.
سائين علي نواز صاحب تاني پيٽئون سنڌي آهي، پاڻ سنڌ ڌرتي جي پئرس شهر يعني شڪارپور ۾ پاڪستان ٺهڻ کان تقريباً اڌ ڏهاڪو اڳ ۾ اک کولي. جيستائين سائين هڪ چولي واري عمر جا هيا، تيستائين شڪارپور شهر ۾ رهيا. ميمڻ صاحب جڏهن چولي سان گڏ سٿڻ پائڻ جيڏو ٿيو ته لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو ۾ وڏڙن جي لڏي اچڻ ڪري اچي رهيا. ميمڻ صاحب جو والد مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب وڪالت جي پيشي سان منسلڪ هيو، تنهن ڪري شايد ڪجهه پيسه گڏ ڪيا هوندن، جو لاڙڪاڻي جو رخ اختيار ڪين. اسان وٽ عام چوڻي آهي ته: ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو.“
ميمڻ صاحب جو والد محترم سعوديه ۾ پاڪستان جا سفير ٿي رهيا آهن. 1965ع واري هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ واري زماني ۾ سعوديه ۾ پاڪستان جا سفير هيا. ميمڻ صاحب پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪيائون، شاگردي واري دور ۾ سنڌي ۽ انگلش مئگزين جي اسڪول ۾ ايڊيٽر طور تي ڪم ڪيو. اسڪول جي زماني کان وٺي ڊبيٽس (Debates) ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترائي انعام حاصل ڪيا. ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊسمبر مهيني 1960ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا هليا ويا. پهريان اليڪٽريڪل انجنيئرنگ لاءِ يونيورسٽي آف الينوائس (University of Illinois) مان ڊگري حاصل ڪئي، انهيءَ کان بعد ايم بي اي (MBA) اوريگن يونيورسٽي (University of Oregon) مان ڪئي. ميمڻ صاحب 1967ع ۾ ورلڊ بينڪ جوائن ڪئي، جتي زندگي جا اهم ترين تقريباً 30 سال مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪيائون. سائين علي نواز دنيا ۾ فنانشل مئنيجمينٽ ۽ انسٽيٽيوشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ طور يوٽلٽيز مئنيجمينٽ (بجلي، پاڻي، سينيٽيشن ۽ مواصلات) ۾ مهارت رکي ٿو.
ميمڻ صاحب پاڪستان ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (NEPRA) جا به ڪجهه وقت چيئرمين رهيا آهن. علي نواز ميمڻ صاحب عوامي پاليسين بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ ”پاڪستان: اسلامڪ نيشن ان ڪرائيسس“، ”اسٽيٽس ائنڊ فيوچر آف مسلم ان نيو ورلڊ آرڊر“ ۽ ”سنڌ ڊولپمينٽ ٿاٽس“ شامل آهن.
سائين علي نواز ميمڻ صاحب پنهنجي مامي جي نياڻي نيڪ اختر سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٽي ٻار ٻه پٽ ڪامران ۽ نعمان ميمڻ ۽ هڪ ڌيءُ ريشما ميمڻ ٿيا. هن وقت ميمڻ صاحب گائٿرس برگ، منٽگومري ڪائونٽي، ميريلينڊ، آمريڪا ۾ رهائش پذير آهن.
مونکي سائين علي نواز ميمڻ سان چار ڏينهن گڏ رهڻ جو موقعو مليو ۽ ٻنهي جو دل کولي سنڌ جي متعلق سوچ ويچار هلندو رهيو. ميمڻ صاحب کي تقريباً سٺ سال آمريڪا ۾ رهندي ٿيا آهن پر اٿندي ويهندي، گهمندي ڦرندي، کائيندي پيئندي صرف ۽ صرف سنڌ جي ماروئڙن جي تات هئي ته ڪيئن اسين سنڌي قوم مٿي اچي پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪيون؟ انهن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ۽ اسانجي نوجوانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اسان ٻنهي جي متفق راءِ اها جڙي ته جيستائين اسان جو نوجوان محنت ڪري معياري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪونه ڪندو، تيستائين اسان سنڌي قوم کي هڙ حاصل ڪانه ٿيندي. معياري تعليم لاءِ اسان سنڌ جي سرمائيدارن ۽ سرندي وارن کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ پنج سئو کان هزار اسڪالرشپ جو بندوبست ڪن ته جيئن غريب ۽ ذهين شاگرد انهي مان فائدو حاصل ڪري اڳتي اچن، پر انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي نوجوانن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ گهرجي ته سکڻن نعرن مان ڪجهه حاصل ڪونه ٿيندو، تنهنڪري توهان پنهنجو سڄو ڌيان تعليم کي حاصل ڪرڻ تي مرڪوز ڪيو. دنيا ۾ اهي قومون زنده رهنديون، جيڪي محنت کي پنهنجو هٿيار طور استعمال ڪنديون رهنديون. اسان سڀني جي سامهون آهي ته پوري دنيا ۾ يهودي قوم تمام ٿوري آهي پر پوري دنيا جو مڪمل ڪنٽرول يهودين وٽ آهي. انهيءَ جي مقابلي سنڌي ڳڻپ ۾ يهودين کان گهڻا آهن پر تعليم جي ميدان ۾ بلڪل پٺتي آهن، تنهنڪري دنيا ته ڇا پر پاڪستان ۾ به ڪنهن ليکي ۾ شمار ڪونه ٿا ٿين.
اسانجي سنڌي نوجوانن کي گهرجي ته ملڪي توڙي بيروني حالات تي نظر ڊوڙائي ڏسن ۽ هڪ دفعو صرف ذهني طور تيار ٿين ته اسان کي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، باقي راهون پاڻهي کلنديون وينديون. هوشيار شاگرد لاءِ پوري دنيا جون يونيورسٽيون خوش آمديد به چونديون ۽ مالي معاونت به پڻ ڪنديون، شرط اهو آهي ته اسانجو نوجوان صرف ان سمت ۾ قدم وڌائي.
ميمڻ صاحب ٻڌايو ته اسان جو نوجوان اڄڪلهه جي ماحول مان ڪافي مايوس آهي، جنهن ۾ اسان جي جنريشن جون ڪجهه غلطيون ضرور آهن پر انجو مطلب اهو ناهي ته اسان جو نوجوان هٿ تي هٿ رکي رڳو ٻين تي معيار ڏئي ۽ انهيءَ گهٽيل ماحول جو مقابلو نه ڪري. اهڙي ماحول مان نڪرڻ لاءِ جاکوڙ ۽ مسلسل محنت جي سخت ضرورت آهي. اسان جي نوجوانن کي شايد اها خبر ناهي ته ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف (International Monetary Fund) وارا هر سال ٽريني آفيسر طور کڻندا آهن، جيڪو تمام شفاف ۽ ميرٽ تي هوندو آهي. انهيءَ لاءِ اهو ضروري آهي ته اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ٻن مختلف سبجيڪٽس ۾ مهارت رکندو هجي. جيئن ميمڻ صاحب انجنيئرنگ سان گڏ ايم بي اي ڪئي. هاڻي جيڪڏهن گريجوئيشن ڪنهن هڪ سبجيڪٽ ۾ آهي ته پي ايڇ ڊي ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ ۾ هجي ته اهو انهن ٻنهي ادارن لاءِ لائق اميدوار ٿيندو. ٻئي ادارا پنهنجي ويب سائيٽ تي ويڪنسيون پڌريون ڪندا رهندا آهن. انهيءَ کان علاوه اقوامِ متحده (United Nation Organization) جا مختلف ادارا پنهنجي ويب سائيٽ تي نوڪرين لاءِ اشتهار ڏيندا رهندا آهن پر انهيءَ لاءِ معياري تعليم جو هجڻ نهايت ضروري آهي.
ll