دنيا جي بلند چوٽيءَ تي مانجهاندو
سائين غلام حسين ڄامڙو منهنجي اچڻ کان اڳ جامع پروگرام تشڪيل ڏئي ڇڏيو هيو. ڪيلگري کان تقريباً ٽي سئو ڪلوميٽر اتر اولهه تي ٽاپ آف ورلڊ گليشئر (Top of the World Glaciers) وٺي وڃڻ جو پروگرام جوڙي ضروري بڪنگ ڪرائي ڇڏيون هيون. ٽاپ آف دي ورلڊ انهيءَ ڪري چوندا آهن جو اتان گليشئر منجهان چار نديون نڪرن ٿيون جيڪي چئني طرفن ڏانهن وڃن ٿيون، پيسفڪ ۽ ايٽلانٽڪ اوشن (Pacific and Atlantic Ocean) ۾ وڃي ڇوڙ ڪن ٿيون. انهي جاءِ تي 320 اسڪوائر ڪلوميٽر وڏو گليشئر آهي. سطح سمنڊ کان 3100 ميٽر بلندي تي واقع آهي. ڪيلگري کان ٽاپ آف دي ورلڊ تائين پهچڻ ۾ چار ڪلاڪ لڳا.
جسپر پارڪ (Jasper Park) تي پهچي لنچ ڪئي، جيڪا اسين گهر کان ٺاهي آيا هياسين. سڄو رستو گاڏي سائين غلام حسين پاڻ هلائي ۽ رستي تي اسان کي مختلف موقعن تي گاڏي بيهاري ان علائقي جي تاريخ متعلق ٻڌائيندو هليو پئي.
ڪيلگري کان رستي ۾ ويندي پهريون پنج منٽ ڪين مور (Can more County) پوءِ بنف پارڪ (Banff Park) وٽ بيٺاسين، انهيءَ بعد ليڪ لوئيز (Lake Louise) کان گذرندي وڃي ٽاپ آف ورلڊ جي پوائنٽ تي پهچي اتان تقريباً 50 ڪلوميٽر اڳتي جسپر پارڪ (Jasper Park) کان واپس اچي ليڪ لوئيز (Lake Louise) ۾ هوٽل فيئرمانٽ (Fairmont Hotel) ۾ ڪمرا بڪ ٿيل هيا، اتي اچي ڊنر ۽ رات گذاري.
هوٽل جي بيهڪ ۽ اڏاوت پنهنجو مثال پاڻ آهي، ڪمرا تمام وڏا ۽ ڪشاده گهٽ ۾ گهٽ ويهه فوٽ باءِ ويهه فوٽ هيو. ڪمرا اهڙي طريقي سان ٺهيل آهن جو لوئيز ڍنڍ بلڪل سامهون بيٺل نظر پئي اچي. هوٽل جي ڪار پارڪنگ لاءِ ٽي فلور مخصوص ڪيل هيا، تنهن جي باوجود به ٻاهر ڪافي تعداد ۾ گاڏيون بيٺيون هيون. هوٽل ۾ تقريباً 700 ڪمرا آهن. تقريباً ٻيا ٻه ٽي هفتا سيزن سياحت جي لحاظ کان مندي آهي، تنهن جي باوجود اسان کي ماڻهن جا ولر نظر آيا. آف سيزن سبب ڪمرن جا ڪرايا گهٽايا اٿن، ست سئو ڊالر يوميه آهن. جڏهن سيزن اوج تي هوندي ته ڪرايه 11 سئو ڊالر ٿي ويندا. ليڪ لوئيز هن وقت بلڪل فريز ٿيل هئي ۽ پاڻي ڄميل هيو، جنهن جي ڪري ماڻهو ڍنڍ ۾ اندر ايئن پيا گهمن جيئن پڪي روڊ تي هلبو آهي. سڄو علائقو برف سان ڍڪيل هيو، جولاءِ ۾ وڃي ليڪ ڊيفريز ٿيندي ۽ ماڻهو انهيءَ ۾ شوق خاطر ٻيڙي هلائيندا آهن. ليڪ جي ٽنهي طرف جبل سفيد پوشاڪ پائي هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو جو آڌرڀاءُ پيا ڪن، جيڪي سياحت سان ٿورو گهڻو شوق رکن ٿا اهي پتنگن وانگر اچيون پيش پيا پون. سج اڀرڻ جي مهل هجي يا سج لهڻ جي ٻنهي موقعن تي هوٽل کان ليڪ لوئيز جو نظارو هڪ پرڪشش هوندو آهي.
صبح هجي يا شام ماڻهن جا ميڙ متل نظر ايندا. جنهن وقت اسان اتي هياسين ته وقفي وقفي سان برف ڪپهه وانگر هوا ۾ ترندي پئي نظر اچي ۽ گرمي پد مائينس ٻه کان ٽي ڊگري رهيو پئي. برفباري ۽ سج جي لڪ ڇپ راند گڏوگڏ هلي پئي، ڪير به پنج منٽ جي لاءِ اهو ڀروسو نه پيو ڪري سگهي ته سج نظر ايندو يا اچانڪ غائب ٿي ويندو. برفباري جي وقت عموماً هوا ڪانه پئي لڳي، جنهن ڪري ايترو ٿڌڪار محسوس ڪونه پيو ٿئي پر جيڪڏهن سج پوري آب و تاب ۾ نڪتل آهي، ۽ هوا به هلي پئي ته سردي جان کي ايئن وڪوڙي پئي وڃي جيئن اچانڪ ٻه عزيز دوست گهڻي وقفي کان بعد ملاقات ٿي هجين اصلي صفا ٻکين پئجي وڃي. جيڪڏهن هوا نه لڳي ته پوءِ ايئن جيئن دوست ملڻ کان بعد حال احوال ۾ لڳي وڃن ۽ اهو ملڻ وارو جذبو جسماني طور پري ٿي وڃي، باقي جذبات تائين محدود هجي.
سڄي مرحلي تي سائين غلام حسين ڄامڙو صاحب ۽ سندس گهر واري اسان کي ايئن پيا موسم جي لاهن ۽ چاڙهن کان بچائين جيئن پيءُ ماءُ پنهنجي معصوم ٻار کي گرمي ۽ سردي کان بچائيندا آهن. پاڻ ٻئي سردي جي لهر برداشت ڪن پيا، پر اسان جي مٿان پنهنجو سڄو ساهه پيا گهورين ۽ اها پيا ڪوشش ڪن ته شل اسان سردي کان بچيل رهون. اسان سان پنهنجي پيءُ ماءُ وارو ورتاءُ هر موڙ تي عيان هيو. گهر ته گهر پر ٻاهربه ايئن ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏين. مونکي اهو هر وقت محسوس ٿي رهيو هو ته ٻئي هڪٻئي کان وڌيڪ اسان جو خيال رکن پيا، جنهن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن. مونکي واقعي سائين غلام حسين ڄامڙو وٽ پنهنجي پيءُ ماءُ واري شفقت ياد اچي وئي.
مونکي حيرانگي ان وقت ٿي، جڏهن خبر پئي ته فيئرمانٽ هوٽل، ليڪ لوئيز وارو بنف پارڪ ۽ ٻه ٻيا اهڙي قسم جا ٽوئرسٽ اسپاٽ تي وڏا هوٽل سعودي جي شهزادي الوليد بن طلال جي ملڪيت هئا، جيڪي هن 2006 ۾ آڪسفورڊ گروپ آف پراپرٽيز ٽورنٽو
(Oxford Group of Properties Toronto) کي وڪڻي ڇڏيا. هن وقت انهن ٽنهي ماڳن جي ڪل قيمت ٽي کرب ڊالرن (Three Billion Dollars) کان مٿي آهي.
ليڪ لوئيز کان بعد جانسٽن ڪينين (Johnston Canyon) آياسين، جيڪو مين روڊ کان هٽيل هيو پر رستو شاندار ٽو لين هيو. گاڏي جي رفتار لاءِ هر جاءِ تي مختلف اشارا هيا ته هتي ڪيتري رفتار ۾ گاڏي هلائڻي آهي وغيره وغيره. جڏهن اسان اوڏانهن وياسين پئي ته هڪ جاءِ روڊ جي مرمت جو ڪم پيو هلي ۽ وڃڻ واري لين بند هئي ۽ گڏوگڏ گهاٽو جهنگل هيو. هڪ اڳيان نوجوان ڇوڪري بيٺي هئي ۽ اسٽاپ جي تختي تي لکيل اشارو هيو، اسان تقريباً 50-60 فوٽ گاڏي پري روڪي بيهي رهياسين، ٿوري دير کان بعد سامهون هڪ ڪار گذري انهيءَ جي ٿوري دير کان بعد اڪيلي ڇوڪري سائيڪل تي سوار اچي پئي. جڏهن اها سائيڪل سوار ڇوڪري گذري تنهن کان بعد اشارو ڏنائين ته توهان هاڻي وڃو. اهو صرف انهيءَ ڪري جو اسان جي وڃڻ وارو رستو مرمت هيٺ هيو ۽ ٻيو رستو اچڻ وارو کليل هيو، جڏهن اچڻ واري ٽريفڪ گذري وئي ته اسان کي وڃڻ ڏنائون. جڏهن اسان اتان گذري پنهنجي رستي تي پهتاسين ته وڃڻ واري ٽريفڪ کي روڪي ڇڏين. جڏهن ته اهو ڪل رستو تقريباً ٽي سئو ميٽر کان وڌيڪ ڪونه هيو ۽ رستو به گهٽ ۾ گهٽ چوويهه فوٽ ويڪرو نظر آيو پئي.
بنف پارڪ (Banff Park) هتان جي ڪافي مشهور ۽ وڏو پارڪ آهي، جنهن جي ڊيگهه تقريباً اڍائي سئو ڪلوميٽر ۽ ويڪر تقريباً سئو ڪلو ميٽر ٿيندي. هي سڄو علائقو گهاٽن ۽ قداور وڻن سان تمام خوبصورت منظر پيش ڪري ٿو، جنهن ڪري ماڻهو ڪافي پري پري کان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان هتي اچن ٿا. البرٽا (Alberta) صوبي جي آمدني جو سياحت، آئل ۽ گئس جي آمدني کان بعد وڏو ذريعو آهي. بنف پارڪ ۾ وڏي تعداد ۾ جهنگلي جانور رهن ٿا ۽ انهن جو مڪمل تحفظ حڪومت ڪري ٿي. مين روڊ تي اچڻ کان روڪڻ لاءِ هڪ جهنگلو لڳل آهي ۽ ڪافي جاين تي مختلف قسم جي جانورن جا ولر نظر آيا، جيڪي وڏي اطمينان سان پيا کائن ۽ پيئن. چئن پنجن جاين تي مين روڊ مٿان وڏيون پُليون ٺهيل هيون، جن جي ويڪر تقريباً سئو سوا سئو فوٽ ٿيندي ۽ انهن پُلين جي مٿان اهڙي طرح وڻڪاري ٿيل هئي، جو جڏهن جانور پل تان ٽپي روڊ جي ٻئي طرف وڃي ته ماحول جهنگل وارو هجيس.
بنف پارڪ مان ڪنهن کي اجازت ناهي ته ڪوئي شڪار ڪري يا ڪوئي وڻ وڍي. رستي سان بي انداز وڻ ڪريل نظر آيا، جيڪي طوفان يا عمر جي پنهنجي حد تائين پهچڻ سبب ڪري پيا آهن، انهن جي ڪنهن به حصي کي ڪير به هٿ نٿو لائي. اهي ڪريل وڻ اتي ڳري زمين جو حصو ٿي جهنگل جي وڻن لاءِ ڀاڻ جو ڪم ڪن ٿا.
پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ اهڙي قسم جا وڻ ۽ ٻيا خوب نظارا آهن، پر جيئن ته سياحت لاءِ اهي سهولتون ۽ پر امن ماحول ناهي تنهنڪري پاڪستان ۾ سياحت پنهنجا قدم ڄمائي ڪانه سگهي آهي. سياحت لاءِ سهولتون ۽ امن امان تمام ضروري آهي.
جيترو مون ڪيلگري جي سياحت وارن ماڳن تي وڃي ڏٺو آهي ته انجي مقابلي ۾ پاڪستان وٽ کوڙ اهڙا ماڳ آهن، جتي هروقت دنيا جهان جا ماڻهو اچي گهمي سگهن ٿا. سياحت جي ڪري پاڪستان نه صرف ٻاهريون ناڻو ڪمائي سگهي ٿو پر روزگار جا الاهي سارا موقعا کلي سگهن ٿا. سنڌ ۾ الاهي اهڙا ماڳ آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي انهن جي مالڪي ۽ ڌيان ڏئي ته سنڌ تمام گهڻو خوشحال ۽ بي روزگاري وارو معاملو به ختم ٿي سگهي ٿو. الله سائين اسان کي وسيع سمنڊ جي پٽي ڏني آهي، انجي ڀرسان ڀنڀور ۽ مڪلي آهي. ڪراچي جي ويجهو ٿاڻو بولا خان طرف کيرٿر پارڪ آهي، انجي ڀرسان وڏي ۾ وڏو رني ڪوٽ جو قلعو آهي. حيدرآباد شهر انهن ماڳن سان ڀريو پيو آهي. دادو ۾ گورک هل آهي، انهيءَ جي لڳو لڳ ڪتي جي قبر ۽ موئن جو دڙو آهي، جيڪي هرموسم ۾ ماڻهن لاءِ کليل آهن.
ڪيناڊا يا آمريڪا ۾ ڪي اهڙا ماڳ به آهن، خاص ڪري ڪيناڊا ۾ جيڪي سال ۾ نو مهينا ماڻهن جو اتي وڃڻ محال آهي، پر پوءِ به جيترو وقت کليل رهن ٿا ان ۾ انهن جون سڀ انڊسٽريز منافعي بخش ٿي وڃن ٿيون.
سياحت جي ڪري هوٽل، ريسٽورنٽ، ٽرانسپورٽ، دڪان ۽ انهن سان لاڳاپيل ٻيا ڪيترائي بزنس پروان چڙهن ٿا ۽ روزگار جا ڪافي موقعا وڌن ٿا.
ll