مانـٽريال ڏانـهن روانـگي
آٽوا شهر جو سير ڪرڻ ۽ ڪيناڊا جي پارليامينٽ بلڊنگ کان بعد مانٽريال (Montrial City) ڏسڻ خاطر روانا ٿياسين. ڪيناڊا جي وڏن شهرن مان مانٽريال ٻيو نمبر وڏو شهر آهي. مانٽريال شهر جي آبادي 40 لک جي قريب آهي. مانٽريال شهر فرينچ اسپيڪنگ ڪيوبيڪ (Queabec Province) جو شهر آهي. مانٽريال شهر ڪيناڊا جي گاديءَ واري شهر آٽوا کان تقريباً ٻه سئو ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڪار جي ذريعي مانٽريال تائين پهچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ کن لڳن ٿا. ڪيناڊا جي شهرن وانگر کليل ۽ ترتيب سان ٺهيل آهي. ڪيوبيڪ صوبو آزادي کان اڳ فرينچ ڪالوني جو حصو رهيو آهي، تنهنڪري هتان جي سرڪاري توڙي مارڪيٽ جي بازار فرينچ آهي.
ڪيوبيڪ جي گاديءَ جو شهر ڪيوبيڪ سٽي آهي پر ڪمرشل شهر مانٽريال آهي. هوائي جهازن کي ٺاهڻ جا ڪارخانا پڻ مانٽريال ۾ آهن. مانٽريال شهر جي آبادي عيسائين، مسلمانن، يهودين، ٻڌ ڌرم، هندو ڌرم ۽ ٻين تي مشتمل آهي.
مسلمان هن شهر ۾ ڪافي تعداد ۾ آهن، جيڪي تقريباً 22 کان 25 سيڪڙو ٿيندا. مسلمانن ۾ عرب مسلمان گهڻا آهن، تنهن کان پوءِ ايشيا جا رهاڪو آهن، جن ۾ پاڪستان، هندستان، بنگلاديش ۽ افغانستان وغيره شامل آهن. شهر جي جوڙجڪ اهڙي طرح ٿيل آهي جو جيڪڏهن هتان جي ڊرائيورن کي چئبو ته عربن واري علائقي ۾ وٺي هل يا مسلمانن واري علائقي ۾ ته آساني سان هلي اتي پهچائيندا.
مانٽريال کي جيتري ٿوري عرصي ۾ جيڪو مون سمجهيو ته شهر جي هڪ حصي ۾ اصل هتان جا مقامي باشنده رهن ٿا. ان کان بعد جيڪ پورچگيز ۽ اسپين کان آيا اهي رهن ٿا، ان کان بعد فرينچ ڪالوني مان عرب هتي لڏي آيا، ان کان بعد ديسي معنيٰ پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش کان لڏي آيا، چيني ۽ ٻيا يهودي هميشه وانگر پاڻ ۾ گڏ ۽ مهانگي علائقي ۾ رهن ٿا.
مهانگن علائقن ۾ گڏيل آبادي رهي ٿي، جنهن ۾ فرينچ، اسپين، پورچگيز، عرب ۽ ديسي رهن ٿا. مانٽريال شهر جا روڊ ۽ رستا ڪشاده ۽ بلڪل سڌا ڪوئي ور وڪڙ نظر ڪونه آيو. مانٽريال شهر ۾ وڻج ۽ واپار جون پراڻيون ڪوٺيون ٺهيل آهن، جتي بحري جهازن ذريعي ڏيساور ملڪن سان ڏيتي ليتي ٿيندي هئي ۽ انهن پيچرن کي اڄ تائين محفوظ ڪري رکيو اٿن.
ڪيناڊا جيئن ته هڪ ڪنفيڊريشن وارو ملڪ آهي، جنهن ۾ صوبن جي خودمختياري ڪافي حد تائين برقرار آهي. مون کي هتان جي ماڻهن سان گفتگو ۾ ايئن محسوس ٿيو ته مرڪز جي ڪابه اهڙي اٿارٽي ناهي جو ڪنهن به صوبي کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي يا هلائڻ جي ڪوشش ڪري. اهي ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون ته صوبن هميشه مرڪزي سرڪار جي مٿان حاڪميت برقرار رکي آهي، سواءِ پرڏيهي، خزاني ۽ ڊفينس وارن محڪمن جي.
صوبن جو هڪٻئي سان وهنوار به برابري واري بنيادن تي آهي، چاهي ڪنهن جي آبادي يا ايراضي گهٽ يا وڌ آهي.
پارليامينٽ ۾ سواءِ سينٽ جي قومي اسيمبلي جون سيٽون صوبن جي آبادي مطابق آهن جيئن پاڪستان ۾ آهي پر اهڙي طرح جي صورتحال ناهي جو گهڻائي وارو صوبو ٻين جو خيال نه ڪري.
شهر ۾ اچ وڃ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ جو بهترين نظام آهي، تنهن ڪري ماڻهن کي ڪا ڏُکيائي محسوس نٿي ٿئي. مانٽريال جي ڪمائي جو ذريعو گهڻي ڀاڱي مينيوفيڪچرنگ انڊسٽريز، سروس سيڪٽر ۽ سياحت تي مشتمل آهي. حالانڪه ڪيوبيڪ جي سڀني شهرن بشمول مانٽريال سياحت لاءِ چار کان پنج مهينه ٿين ٿا پر سياحن جي سهولت ۽ انهن جي لاءِ پسنديده شين کي اهڙي طرح دلفريب انداز ۾ پيش ڪن ٿا جو ماڻهو پنهنجو وقت ۽ پيسه سيڙائي سياحت ۽ تفريح لاءِ هتي اچن ٿا.
مانٽريال شهر جيئن ته فرينچ ڳالهائڻ وارو علائقو آهي پر سياحت خاطر انگلش به آساني سان ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. مانٽريال ۾ گهمڻ لاءِ مانٽريال ميوزم آف فائين آرٽس، مانٽريال جي وڻن جو باغ، جبل تي گهمڻ لاءِ شاهي رستو، مانٽريال سائنس سينٽر، ماحوليات وارو ميوزم ۽ ٻيا ڪافي خوبصورت ۽ ڄاڻ جا مرڪز آهن.
ڪيوبيڪ صوبو ڪيناڊا جي شاهوڪار صوبن مان هڪ آهي. سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار صوبو اونٽاريو (Ontario) آهي. ٻئي نمبر تي شاهوڪار صوبو ڪيوبيڪ (Queabec) آهي، ٽئي نمبر تي البرٽا (Alberta) صوبو آهي، پوءِ برٽش ڪولمبيا (British Columbia) وغيره وغيره.
ڪيناڊا جو نيشنل هاءِ وي تقريباً اٺ هزار ڪلو ميٽر ڊگهو آهي، جيڪو اوڀر کان اولهه يا اولهه کان اوڀر وڃي ٿو، جنهن جي وسيلي سڀ صوبا ڳنڍيل آهن. پاڪستان ۾ نيشنل هاءِ وي هميشه مرڪزي سرڪار جو هوندو آهي ۽ انجي سار سنڀال به مرڪز ڪندو آهي. پاڪستان ۾ جيڪڏهن نيشنل هاءِ وي نمبر پنج لنڊي ڪوتل کان شروع ٿئي ٿو ته ڪراچي تائين اين فائيو رهندو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي ٽن صوبن مان گذري ٿو.
ڪيناڊا ۾ جيڪو مون سمجهيو آهي ته جڏهن اهو ساڳيو هاءِ وي هڪ صوبي مان گذري ٻئي صوبي ۾ پهچي ٿو ته انجو هاءِ وي نمبر بدلجي وڃي ٿو. جڏهن اتان ٽئين صوبي ۾ داخل ٿئي ٿو ته وري ساڳي هاءِ وي جو نمبر ٻيو ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح هاءِ وي جو نمبر هر صوبي ۾ مٽجي ٿو وڃي. ٻيو ته نيشنل هاءِ وي جنهن صوبي مان گذري ٿو، انجي سارسنڀال اهو صوبو پاڻ ڪري ٿو. ڪيناڊا جو نيشنل هاءِ وي ۾ ڪجهه اهڙو علائقو اچي ٿو، جتي ڪوئي روڊ ناهي، بلڪه ٻيڙي رستي انکي هاءِ وي جو حصو ٺاهيو ويو آهي، تنهن ڪري هي هڪ دنيا جو واحد نيشنل هاءِ وي آهي، جيڪو خشڪي ۽ پاڻي تي مشتمل آهي. دنيا جو هي واحد روڊ آهي، جيڪو آرٽيڪيڪ جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ ان جاءِ تي پهچي ٿو، جتي مئي، جون ۽ جولاءِ ۾ ڏينهن چوويهن ڪلاڪن جو ٿئي ٿو.
اتي انيووڪ شهر (Inuvik Town) جنهن جي آبادي تقريباً چار هزار جي قريب آهي، اتي سئو جي قريب مسلمان رهن ٿا ۽ اتي هڪ عاليشان مسجد ٺهيل آهي، جنهن کي مڊنائيٽ سن ماسڪ (Midnight Sun Mosque) جي نالي سان سڏين ٿا.
ڪيناڊا ۾ هر سال ٽي چار لک ماڻهو دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ مان لڏي اچن ٿا. اڄ ڪلهه چين جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، تنهنڪري عام واهپي جي شين سان گڏ گهرن جون قيمتون روز بروز وڌنديون وڃن ٿيون. ڪجهه دوستن جو خيال هيو ته چين کان علاوه ٻيا اهڙا به ماڻهو مختلف ملڪن کان آيا آهن، جن وٽ ڪارو ناڻو ججهو آهي، انهن اچڻ سان ئي ڪافي گهر خريد ڪري ورتا آهن، جنهن ڪري ڪيناڊا جي مختلف وڏن شهرن جي پوش علائقن ۾ گهرن جون قيمتون ٿوري عرصي ۾ ڪافي چڙهي ويون آهن.
ڪيناڊا ۾ هر هنرمند ماڻهو لاءِ رستو کليل آهي. تنهنڪري سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته ڪو به هنر سکن ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪن. آءِ ٽي جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي، انهيءَ سان گڏ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف، وڪيل، ٽيڪنيشن جي تمام وسيع مارڪيٽ آهي.
ڪيناڊا ۾ لڏ پلاڻ لاءِ آسان صوبو ڪيوبيڪ آهي پر انهي لاءِ شرط اهو آهي ته فرينچ زبان تي مڪمل عبور هجڻ نهايت ضروري آهي. جيڪڏهن سنڌ جا نوجوان همت ڪري فرينچ لئنگئيج جا ڪورس ڪري ۽ ڪنهن به ٽيڪنيڪل فيلڊ ۾ مهارت حاصل ڪري اچن ته انهن کي جلدي ڪيناڊا جي نيشنلٽي ملي ويندي. ڇوته صوبه پنهنجي لاءِ الڳ الڳ مرڪز کي سفارش ڪندا آهن ته اسان کي هنن فيلڊس ۾ هيترا هيترا ماڻهو گهرجن. ڪيناڊا ۾ عام ورڪر جي هڪ ڪلاڪ لاءِ پندرهن ڊالر مزدوري آهي، جڏهن ته ٽيڪنيڪل ماڻهو لاءِ ڪافي سٺي پگهار ملڻ جا موقعا آهن.
مان خاص ڪري سنڌ جي نوجوانن کي عرض ڪندس ته پنهنجي تعليم جي معيار تي ڌيان ڏين ۽ ڪنهن به ٽيڪنيڪل فيلڊ ۾ ڪورس ڪري مهارت حاصل ڪن. ڪيناڊا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ انهيءَ ماڻهو جو قدر آهي، جيڪو هتي سيٺ کي پنجاهه روپيه ڪمائي ڏيندو ته ڏهه روپيه سيٺ ان مزدور تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندو. تنهن ڪري جنهن به فيلڊ کي سليڪٽ ڪيو ته ان ۾ مهارت حاصل ڪيو.
ll