هيگرس ٽائون کان پاڪستان واپسي جي تياري
هيگرس ٽائون (Hagers Town) ميريلينڊ رياست (Maryland State) جو ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. شهر جي آدمشماري تقريباً 50 هزار ٿيندي ۽ واشنگٽن ڪائونٽي (Washington County) جو صدرمقام آهي. گورا انگريز هتي تقريباً 70 سيڪڙو ۽ آفريڪن انگريز تقريباً 15 سيڪڙو رهن ٿا. اصل مقامي ماڻهو تقريباً 2 سيڪڙو به مس ٿيندا. ايشيائي ملڪن جا ماڻهو تقريباً چار کان پنج سيڪڙو، لاطيني ۽ باقي ٻين علائقن جا تقريباً 7-8 سيڪڙو رهن ٿا. آب و هوا آمريڪا جي اتر اوڀر جي مطابق آهي، يعني سردي ۽ برفباري چڱي خاصي ٿئي ٿي. مئي، جون ۽ سيپٽمبر مهينا هيگرس ٽائون جي آب و هوا تمام بهترين هوندي آهي، جڏهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ جو مهينو گرم رهندو آهي. آڪٽوبر کان اپريل تائين سردي جو دور هلندو آهي.
هيگرس ٽائون جي ڀرپاسي ۾ مشهور مقام هيءُ آهن:
1. ڪيمپ ڊيوڊ (Camp David)
2. چارلس ٽائون (Charles Town)
3. فريڊرڪ (Frederick)
آمريڪا جا صدر عموماً آرام خاطر ڪيمپ ڊيوڊ (Camp David) اچي رهندا آهن، اهو مقام هيگرس ٽائون کان 15 ميلن جي مفاصلي تي آهي. ڪيمپ ڊيوڊ فريڊرڪ ڪائونٽي جو حصو آهي ۽ ميريلينڊ رياست جي حد ۾ آهي. فريڊرڪ کان تقريباً 25-30 ميل جي مفاصلي تي هڪ هِل اسٽيشن آهي. ڪيمپ ڊيوڊ اصل ۾ نيوي جو هيڊڪوارٽر ته ناهي پر چڱو خاصو تعداد اتي رهي ٿو. تنهنڪري صدر صاحبان لاءِ تمام محفوظ ترين علائقو تصور ڪيو ويندو آهي. ڪيمپ ڊيوڊ ۽ واشنگٽن ۾ تقريباً 60 کان 65 ميل جو مفاصلو آهي.
هيگرس ٽائون ۾ مسلمانن جو تعداد ايترو گهڻو ناهي پر تقريباً ٽي چار هزار مسلمان اتي رهن ٿا. اسلامڪ سوسائٽي جي طرفان هيگرس ٽائون ۾ خوبصورت ۽ وسيع مسجد تعمير ٿيل آهي، جنهن ۾ هال اندر تقريباً پنج کان ڇهه سئو ماڻهن جي لڳ ڀڳ نماز جو فرض ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙيءَ طرح عورتن لاءِ الڳ هال ٺهيل آهي، جيڪو هاءِ وي نمبر چاليهه ۽ ستر جي سنگم جي بلڪل نزيڪ آهي. جتي سڀ مسلمان بغير ڪنهن مسلڪ جي اتي اچي پنهنجو فرض ادا ڪندا آهن. مسجد جي ايراضي تقريباً ٻه کان ٽي ايڪڙ ٿيندي. مون کي گهڻائي ۾ عرب ملڪن جا باشنده نظر آيا، انهيءَ کان بعد پاڪستاني باشنده هيا.
اڄ مان پنهنجي دلبر ۽ روح جي راحت بخشيندڙ سڄڻ، منٺار سائين ممتاز کان موڪلائي پاڪستان ڏانهن ورڻ جي تياري شروع ڪئي. دل جي نه چاهيندي به پنهنجو سڄو سامان ويڙهي سيڙهي ٻورن ۾ بند ڪري سبيو ته جيئن واپس پهچڻ تي انهن معصوم دلين کي ڏک نه ٿئي ته اسانجي لاءِ انهن جي فرمائش مطابق شيون سانڍي کڻي نه آياسين. الحمدلله مان انهيءَ ڳالهه کان بلڪل آجو هيس، باقي منهنجي محبوبه کي هروقت انهن پٺتي پاڪستان ۾ رهيل معصومڙين ارواحن جي مرضي مطابق فرمائشن کي پورو ڪرڻ جو فڪر هر وقت گهمندي ڦرندي دماغ تي سوار رهي. مان پنهنجي جان کي آزاد ڪرڻ لاءِ هڪ دفعو پنهنجي کيسي کي کاٽ هڻي دل تي هٿ رکي اکين کي ڪرڙو ڪري چيو ته هي رقم ۽ انهي مان جنهن لاءِ جيترو ۽ جيڪا شيءِ وٺين وٺ، باقي هي تنهنجي لاءِ منهنجي طرفان نظرانو، جنهن مان توهان جيڪي وٺڻ چاهيو يا بچائڻ چاهيو، توهان جي مرضي! باقي انهيءَ کان وڌيڪ ڪابه کوٽ يا ٽوٽ ۾ اميد ۽ آسرو نه ڪجانءِ...! الا الا خير سلا. سلام هجي منهنجي محبوبه کي، جنهن انهيءَ بجيٽ اندر جيڪو پسند آيس خريد ڪيائين، حالانڪه مان انهيءَ بجيٽ کان علاوه ڏهه سيڪڙو اسڪليشن آف بجيٽ (Esclation of Budget) طور سائيڊ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا هيا ته جيئن سفر ۾ ڪا ڏُکيائي پيش نه اچي.
جمعي نماز کان موٽندي سائين ممتاز ڪنهن پنهنجي دوست کي فون ڪري منهنجي لاءِ گاڏي جو بندوبست ڪري ڇڏيو ته جيئن مونکي عين ٽائيم تي ڪا ڏُکيائي پيش نه اچي. گاڏي جو بندوبست انهيءَ ڪري ڪيائين جو منهنجي واپسي جي فلائيٽ نيو يارڪ مان هئي، جيڪو هيگرس ٽائون کان هڪ پاسي ڪار جو سفر تقريباً پنج کان ڇهه ڪلاڪ جو هيو ۽ ايتري وڏي اوٽ موٽ جي ڊرائيو ڪرڻ سائين ممتاز جي وس کان گهڻي هئي، تنهنڪري اهو سڄو انتظام ممتاز صاحب پاڻ ڪيو. بهرحال سائين ممتاز صاحب سان بار بار ڳراٺڙيون پائيندي اکين کي واري واري سان آلڙو ڪندي، هڪٻئي کان موڪلايون پيا ته چپن تي الفاظ ئي ڪونه پيا اچن. چپن سان ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪيون پيا ته اڳ ئي اکيون شباب ۾ مست ٿي ڪري نڙي ۾ اٽڪي پئي وڃي، بهرحال ٻه ٽي دفعا اها ڪوشش ڪئي ته ڀاڪر وجهي هڪٻئي کان ڳالهائيندي موڪلايون پر اسان تي انهيءَ مهل ۽ اُن گهڙي دل ۽ اکين جو پاڻ ۾ اتحاد ايترو ته مضبوط ٿي ويو جو اسان جي زبان ۽ چپن تي بلڪل حاوي ٿي ويا. جيڪو ڊرائيور گاڏي ڪاهي آيو هيو ته اهو اسانجي جذبات کي ڏسي پنهنجي دل تي هٿ رکي خبر ناهي ته ڪنهن جي جدائي کي تصور ۾ آڻي پنهنجي ليکي ماضي ۾ هليو ويو، جڏهن مان گاڏي ۾ اڳين سيٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته مون ڊرائيور ڏانهن نيڻ کڻي نهاريو ته انجي اکين ۾ به شباب اچي گهر ڪيو هيو، نيڻن مان شباب نڪري سندس قميص تي اچي ڪريا ۽ هڪدم پنهنجي هٿن کي حرڪت ۾ آڻيندي پنهنجي اکين کي ٿپڪي ڏنائين.
منهنجو ممتاز صاحب وٽ وڃڻ مهل سندس جيڪو گهر هيو، انهيءَ کي ڪِرائي تي ڏئي پاڻ وري انهيءَ گهر کان وڏو، نئون نڪور ۽ شهر ۾ پنهنجي وڏي پٽ ۽ وڏي نياڻي جي سهولت ۽ ويجهڙو ٿيڻ خاطر گهر خريد ڪيو، تنهنڪري جڏهن مان واپس پاڪستان اچڻ جي ڪئي ته ممتاز جي نئين گهرکان موڪلايو. ممتاز سائين بار بار پيو چوي: ”ويهه نه وڃ او منهنجا مٺا، اڃان توسان دل جون ڳالهيون ڪرڻيون اٿم.“
اسان ممتاز صاحب کان تقريباً ساڍي 10 وڳي صبح جو نيو يارڪ لاءِ موڪلائي نڪتاسين پر سڄي واٽ ممتاز سان رابطي ۾ رهياسين، اتفاق سان ڊرائيور به لاهور جو هيو، جنهن جا ٻيا ڀائر نيو يارڪ ۾ رهندا آهن ۽ پاڻ اوبر تي ٽيڪسي هلائيندو آهي پر اڄ اسان کي اوبر (Uber) کان بغير کڻي پيو هلي. ماڻهو نهايت شريف ۽ خانداني لڳو پئي ۽ اسانجو بيحد احترام ۽ عزت ڪندو هليو. فلائيٽ جو ٽائيم رات جو تقريباً 11 وڳي هيو، تنهنڪري اسان نڪرڻ سان سائين جمشيد مغل صاحب کي ٻڌائي ڇڏيو هيو ته اسان هيگرس ٽائون کان نڪتا آهيون، تنهنڪري مغل صاحب به اسان سان رابطي ۾ رهيو. رستي ۾ هڪ جاءِ تي رڪياسين، جتي فرض ادا ڪندي ڄنگهن کي ڊگهيرڙو ڪندي وري ٻيهر گاڏي ۾ سوار ٿياسين. اسانجي اندازي کان تمام جلدي وڃي نيو يارڪ جا نظارا اسان کي ڏسڻ ۾ آيا. ڊرائيور کي به پنهنجي ڀائرن سان ملڻو هيو، تنهن به گاڏي کي 80 کان 90 ميل جي رفتار سان هلائيندو هليو، خبر تڏهن پئي جڏهن اسان وڃي سٽيتن آئيلينڊ (Staten Island) مان گذرندي 278 هاءِ وي (278 Highway) سان سفر ڪندي وڃي پل پار ڪري بروڪلين بورو
(Brooklyn Borough) ۾ داخل ٿياسين. بيلٽ پارڪ وي
(Belt Parkway) وارو گس وٺندي ڪئينس بورو (Queens Borough) جي علائقي ۾ داخل ٿياسين، جنهن ۾ جي ايف ڪي انٽرنيشنل ايئرپورٽ (JFK International Airport) آهي. جمشيد مغل صاحب جو آستانو به ايئرپورٽ کان اڍائي ٽي ميل جي پنڌ تي آهي، سو جمشيد صاحب اسانجي لاءِ گهر ۾ ماني تيار ڪرائي ڇڏي هئي ۽ فلائيٽ لاءِ به اسان کي ست اٺ ڪلاڪ جو وقفو هيو، تنهنڪري اسان سڌو مغل صاحب جي گهر پهتاسين ۽ ڊرائيور کي اتي خدا حافظ چيو، سامان مغل صاحب جي لينڊڪروز نما وڏي گاڏي ۾ رکيو ۽ ڊرائيور جا ڀائر انهيءَ علائقي ۾ رهندا هيا، تنهنڪري هو به کل خوشي ۾ اوڏانهن هليو ويو.
تقريباً ساڍي چار يا پوڻين پنجين وڳي شام جو ماني ٻوڙ کي ٻرو ڏئي دلبر پيٽ کي ڀري، پوءِ سفر جا حال احوال اورياسين. ممتاز ڀٽو صاحب جون صلاحون سفر لاءِ تمام لاڀائتيون هونديون آهن، تنهنڪري اسان ان تي عمل ڪندي هيگرس ٽائون مان تمام مختصر کاڌو کائي نڪتا هياسين، جيڪو اسان کي سفر ۾ سٺو لڳو.
ٽي چار ڪلاڪ ماني کان بعد گڏ رهياسين، اٺين وڳي جي قريب مغل صاحب جي گهر کان ايئرپورٽ ڏانهن راهي ٿياسين، ڏهن پندرهن منٽن اندر وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. ڊراپ لين ۾ گاڏي بيهاري جيستائين اسان سامان گاڏي مان ڪڍون پيا ته مغل صاحب ٽرالي سميت ڪولهي کي سڏي ۽ پيسه ڏئي سامان رکرايو ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان ڀاڪر پائي موڪلائي روانو ٿي ويو ۽ اسان اندر وڃي قطار ۾ بيهي بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ ۽ سامان انهن جي حوالي ڪرڻ خاطر بيٺاسين. هر هڪ مسافر کي ٻه عدد بيگس پنجاهه پائونڊ يا ٽيويهه ڪلو هر هڪ بيگ سامان جو وزن ٽڪيٽ ۾ شامل آهي، انهيءَ کان وڌيڪ ته پيسه ٻيا ڏيڻا پوندا. 46 ڪلو وزن ڪل پر هر هڪ بيگ جو الڳ الڳ وزن ٿيندو آهي، مثال طور توهان جون ٻه بيگ آهن ۽ وزن به پورو آهي پر جيڪڏهن هڪ بيگ جو وزن 26 ڪلو ۽ ٻئي جو 20 ڪلو آهي ته به توهانجي هڪ بيگ جو وزن ٽي ڪلو وڌيڪ آهي، انهيءَ جا توهان کي وڌيڪ پيسه ڏيڻا پوندا. اسان جي اڳيان هڪ هندستان جي نئين نڪور جوڙي جو پاڻ ۾ جهيڙو لڳو پيو هيو ۽ ٻئي پاڻ ۾ هڪٻئي تي الرون ڪن پيا ته تنهنجي ڪري هي پيسه ڏيڻا ٿا پون، پر آخرڪار ڳالهين ۾ اڄ تائين ڪنهن مرد کٽيو ناهي، تنهنڪري انهيءَ نوجوان ديوان کي به هٿ ڏڪائيندي پيسه ڪڍڻا پيا.
الحمدلله اسانجو سامان ممتاز صاحب ماپ تور ڪري پورو بيهاريو هيو، تنهنڪري اسان کي ڪابه مشڪلات پيش ڪانه آئي. بورڊنگ ڪارڊ وٺي لائونج کي ڳولهيندا وڃي اتي پهتاسين ۽ جهاز جو انتظار ڪرڻ لڳاسين پر اتي ايترو ته ميل ۽ ملاکڙي وارو ماحول هيو جو خبر تڏهن پئي جو اسان کي جهاز تي سوار ٿيڻ لاءِ چيائون، اسان به ”الوداع اي آمريڪا الوداع“ ڪندا آمريڪا جي زمين تان قدم کڻندي هوا ۾ رکندي منهن ملير ڏي ڪيوسين.
ll