سائين ڪريم ميمڻ جي افطار پارٽي
ممتاز صاحب جي ننڍڙي پٽ ۽ انڌي واري لٺ جي زور تي اسان هلڻ شروع ڪيو، اسان جي پهچڻ کان اڳ تقريباً سڀ گهر جا ڀاتي افطار خاطر روانا ٿي ويا پر اسان سان مسلسل رابطي ۾ رهيا. روزي افطار جو ٽائيم اچي سوڙهو پيو هيو، ممتاز صاحب حڪم ڪيو ته صرف ٻه جوڙا ڪپڙن جا ساڻ کڻي هلو، جو افطار کان پوءِ سائين علي نواز ميمڻ صاحب توهان کي اتان پنهنجي گهر وٺي ويندو. توهان صرف اتي ٻه ڏينهن رهندا، پوءِ مان پاڻ توهان کي کڻڻ ايندس. ميمڻ صاحب مسلسل رابطي ۾ هيو ته ڪهڙي وقت توهان افطاري لاءِ پهچندا ۽ چوندو رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ هفتو مون سان گڏ گهر ۾ گذاريندا ته جيئن دل کولي حال و احوال ڪنداسين.
ممتاز صاحب پاڻ تمام گهٽ گاڏي هلائيندو آهي، عموماً سندس فرزند ارجمند گاڏيون هلائيندا آهن. آمريڪا ۾ اهو عام ڪلچر آهي ته جيترا گهر جا ڀاتي اوتريون گاڏيون ضرور هونديون. هينئر الحمدلله ممتاز صاحب وٽ ست اٺ گاڏيون آهن، تنهنڪري شهر کان ٻاهر ممتاز تمام گهٽ گاڏي هلائيندو آهي، ڀٽو صاحب رستن کان ايترو واقف ناهي، تنهنڪري عموماً پنهنجي پٽن کان رستن متعلق رهنمائي وٺندو رهندو آهي. بهرحال هيرس برگ تائين به اڪيلو گاڏي ڪاهي اچڻ، ممتاز جو صرف انجي مون سان محبت جو اظهار هيو.
هيگرس ٽائون پهچڻ کان بعد تڙ تڪڙ ۾ منٽگومري ڪائونٽي (Montgomery County) جي هڪ ڪلب ۾ ڪريم ميمڻ جي طرفان افطار جو بندوبست ٿيل هيو، جتي تقريباً اڍائي کان ٽي سئو ماڻهو مدعو ٿيل هيا، اوڏانهن روانا ٿياسين. شام جو وقت هيو، تنهنڪري روڊن تي ٽريفڪ تمام گهڻي هئي، اسان کي ڪلب تائين پهچڻ ۾ تقريباً ٻه ڪلاڪ لڳي ويا، جيڪڏهن شام جو ٽائيم نه هجي ها ته هڪ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. بهرحال اسان عين افطار جي شروع ٿيڻ محل وڃي ميدان ۾ لٿاسين، پورو هال کچا کچ ڀريل هيو. ڪريم ميمڻ صاحب اسان کي وڃي انهيءَ ٽيبل تي ويهاريو، جتي اڳ ئي سائين علي نواز ميمڻ صاحب ۽ ٻيا دوست موجود هيا. سائين علي نواز صاحب ڏسڻ سان ڀاڪرين پئجي ويو ۽ اتي باقي ويٺل دوستن سان ملاقات ۽ تعارف ڪرايو. گهڻا دوست مونکي اڳ ئي سڃاڻيندا هيا ۽ ڪجهه دوست اهي هيا جن مونکي فيس بوڪ جي حوالي سان سڃاتو، جن سان منهنجي اڳ ۾ ملاقات نه ٿيل هئي پر محسوس ايئن پئي ڪراين ته ڄڻ اسين سڀ هڪ ٻئي کان اصل کان واقف آهيون. گهڻن دوستن مونکي منهنجي ڪوڙين سچين لکيل قسطن جي ڪري سڃاتو ۽ کلي پسند جو اظهار ڪين. انهيءَ وقت مان پاڻ کي تمام ننڍو ۽ ناچيز پيو تصور ڪيان، جڏهن ته دوستن جي راءِ ۾ مان ڪو وڏو ليکڪ آهيان. مون دوستن کي عرض ڪيو ته ڀائو توهانجي مهرباني جو توهان منهنجي لاءِ سٺي راءِ رکو ٿا، جڏهن ته مان ناچيز ان قابل ناهيان جو پاڻ کي ليکڪ چورايان، باقي جيڪو ڪجهه مان لکيو آهي يا اڳتي لکندس، منهنجي ڪوشش هوندي ته جيڪا حقيقت مان ڄاڻان ٿو ان ۾ ڪابه ملاوٽ نه ڪيان، باقي توهان دوستن جي وڏي مهرباني جو توهان مونکي سٺي نگاهه سان ڏسو ٿا ۽ دعا ڪيو ته مان توهان جي معيار تي پورو لهان.
افطار تي مردين عورتين تمام وڏو ميڙ هيو. ڪريم ميمڻ صاحب فردن فردن هر مهمان جي ٽيبل تي پاڻ وڃي کيڪاري ۽ شڪريو پئي ادا ڪيو. ميمڻ صاحب ماشاءَ الله آمريڪا ۾ شاهوڪار ماڻهن مان هڪ آهي، سندس بزنس تعليم جي فراهمي يعني ٻه ٽي سٺا پرائيويٽ اسڪول اٿس، جنهن مان ميمڻ صاحب جو بزنس عروج تي آهي. ميمڻ صاحب هر سال رمضان مهيني ۾ واشنگٽن، ميريلينڊ ۽ ورجينيا ۾ رهندڙ سنڌي فيمليز کي افطار پارٽيءَ تي گڏ ڪندو آهي. ٻاهر لان ۾ مغرب نماز جو باجماعت ميمڻ صاحب انتظام ڪرائي ڇڏيو هيو سو افطاري کان بعد انائوس ٿيو ته ٻاهر نماز جو بندوبست ٿيل آهي، اسان سڀ نماز پڙهي واپس اچي پليٽ هٿ ۾ کڻي قطار ۾ بيهي وياسين. هر ماڻهو پنهنجي چاهت ۽ وت آهر پليٽ ڀريندو اڳتي هلندو ويو ۽ اسان به پنهنجي پسند مطابق کائڻ جون شيون پليٽ ۾ وجهي وڃي ٽيبل تي ويٺاسين. دوستن سان ڪچهري به ٿئي پئي ته گڏوگڏ هٿ ۽ وات پنهنجو عمل جاري و ساري رکيون پئي آيا.
دوستن جي ڪچهري ڪري سفر جو ٿڪ خبر ناهي ته ڪيڏانهن غائب ٿي ويو. افطار لاءِ انتظام اهڙي طرح هيو ڄڻ ته ڪنهن وڏي ماڻهو جي وليمي جي دعوت آهي.
انهيءَ سڄي ماحول ۾ جيڪا ڳالهه عام هئي ته اتي آمريڪا ۾ رهندڙ سڀني جا جسم مارئي وانگر عمر جي ڪوٽ ۾ هيا پر روح سندن سنڌ سونهاري ۾ اٽڪيل هين. مارئي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين ۾ فرق اهو هيو ته مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيد هئي، ان جي برعڪس سنڌي هتي آزاد، خوشحال ۽ ڪمائيندڙ هيا. باقي روحاني طور مارئي ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي پنهنجي ماڳن کي پيا سارين. جسم اتي هين پر دل جي ڌڙڪن سنڌ سان سلهاڙيل هين. هر لحظي، هر لمحي ۽ هر زبان تي اسان جي سنڌ هئي.
سڀ آيل مهمانن سنڌ جي لاءِ ايئن پئي پڇيو جيئن سسئي واٽ ويندي جبل جهاڳيندي پنهل جون پئي پڇائون ڪيون، هو هر هر اهو پيا پڇن ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماروئڙن جو ڇا ٿيندو؟ ۽ دل جي گهراين سان ڀٽائي گهوٽ جو ڪلام پيا چونگارين ته:
سائينم، سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
مونکي اتي اهو احساس ٿيو ته يار هي ڀائر ست سمنڊ پار پنهنجي ٻچن ٻارن سميت هتي سدا باغ و بهار ۽ خوشحال زندگي پيا گذارين ۽ انهن جي اولاد جو مستقبل به محفوظ آهي، قانون جي حڪمراني آهي، ڪوڙ دولاب هتي ڪونهي، تنهنجي باوجود به پنهنجي هڙان وڙان سنڌ لاءِ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آتا آهن. انهيءَ جي برعڪس اسين جيڪي سنڌ ۾ رهون ٿا، جتي ڪنهن عزت واري جي عزت محفوظ ناهي، قانون جي حڪمراني ڪونهي، اسان جي اولاد جو مستقبل غيريقيني ۽ محفوظ ناهي، تنهنجي باوجود اسين سڀ ڄاڻي واڻي سکڻن نعرن جي پٺيان، جتي ڪير ڪنهنجو ڪونه هي ڪوڙ ۽ فريب جي دلدل ۾ ڦاٿل آهيون. هڪٻئي تي ڀروسو ڪونه ٿارکون، هر هڪ منافقت سان ڀريو پيو آهي. اسان پنهنجي اولاد کي محنت ڪرڻ ۽ معياري تعليم لاءِ ترغيب ڏيڻ سڀ کان وڌيڪ خودداري ۽ خوداعتمادي پيدا ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ ڪونه سيکاريو آهي. مو نکي انهيءَ سوچ جنجهوڙي وڌو ته آخرڪار اسان سنڌ جا رهواسي انهيءَ منافقت ۽ ٻٽي معيار مان ڪڏهن ٻاهر نڪرنداسين، جو اسين به انهن ڀائرن وانگر سنڌ لاءِ سوچيون، جيئن هو ست سمنڊ پار ويهي سنڌ جي بهتري لاءِ ٿا سوچين.
جس هجي انهن کي جيڪي سنڌ کان پري رهي به سنڌ جي ماروئڙن جي ڀلائي لاءِ سوچين ٿا.
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
ll