ڊيٽونا بيچ جا دلڪش نظارا
صبح جو سائين غلام فريد عباسي صاحب جو فون آيو ته سائين ڪيليفورنيه لاس اينجلس ضرور چڪر هڻو، اتي منهنجا ٻچڙا آهن ۽ توهان اسان جا مهمان هوندا. سائين غلام فريد صاحب تمام نيڪ ۽ هڏڏوکي انسان آهن ۽ انهي سان گڏوگڏ اسين پاڻ ۾ پاڙيسري به آهيون، عباسي صاحب پاڪستان جي بينڪنگ سروس ۾ هڪ ماياناز، ناليوارا ۽ برجسته آفيسر ٿي رهيا آهن. سائين غلام فريد صاحب هميشه مون تي شفيق رهيا آهن، مان هميشه عباسي صاحب کي پنهنجو محسن سمجهندو آهيان. سائين مهرباني ڪري مونکي پنهنجي پٽ ۽ ناٺي جا فون نمبر به ڏنا، جنهن لاءِ مان سائين جو نهايت شڪرگذار آهيان، جو مون کي پرديس ۾ به ياد رکيو. الله سائين غلام فريد عباسي صاحب جي اهل و عيال کي خوش وخرم رکي، آمين.
سائين فريد صاحب جي چوڻ کان اڳ مان هڪ قائدين دوست سان رابطي ۾ هيم ۽ انهيءَ دوست پنهنجي گهر منهنجي رهڻ ۽ گهمائڻ جو پروگرام ٺاهي ڇڏيو هيو. قائدين جو مطلب ته جنهن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد مان ڊگري حاصل ڪئي هجي.
سائين احسان صاحب ۽ اسان پاڻ ۾ پروگرام ٺاهيو پئي ته اڄ ميامي بيچ ۽ شهر (Miami Beach and City) جو ديدار ڪري اچون ته اوچتو نور سائين رڙ ڪري چيو ته سائين اتي هاڻي گهڻو گند ٿي ويو آهي، انهيءَ کان وڌيڪ صاف ۽ سٿري ڊيٽونا بيچ (Daytona Beach) نئين نڪور ۽ ميامي جي مقابلي ۾ پنڌ به تقريباً اڌ کان وڌيڪ گهٽ ڪلاڪ ڏيڍ جي مفاصلي تي آهي. سائين ميمڻ صاحب کي يادگيرو اچي ته يار واقعي سچ ٿو چوين ۽ رستي ته هڪ ڊونٽس (Donuts) جو دوڪان آهي، جيڪو بلڪل تازه ٺاهيندو آهي، اڌ مني ڪلاڪ ۾ سڀ مال وڪامجي ويندو اٿس، ان کان بعد دوڪان بند ڪري ڇڏيندو آهي. اتفاق سان اهو ڏينهن به آچر جو هيو، ميمڻ صاحب چيو ته ڏهين وڳي کان بعد ماڻهن جي آمد وڌي ويندي، تنهنڪري جلدي ڪيو ته ٽائيم تي هلي رستي ۾ ڊونٽس واري دوڪان تان اهي تازه تازه پشم جهڙا نازڪ ۽ نفيس ڊونٽس کي هلي ٻرو ڏيون. اسان سڀني سواءِ نور جي روزو ڪونه رکيو هيو. اسان به اتفاق سان ٿورو رستو ڀلجي اڳي نڪري وياسين پر جڏهن سگنل تي پهتاسين ته انڌي واري لٺ رڙ ڪئي ته يو ٽرن وٺو، اسان اتان واپسي ڪئي ۽ تقريباً ٻن ٽن منٽن جي اندر انهيءَ ڊونٽس واري دوڪان جي پارڪنگ ۾ اچي بيٺاسين. دوڪان تي لکيل هيو ته ”دوڪان کليل آهي“ (Shop is Open). اسان دوڪان ۾ اندر داخل ٿياسين ته اڳ ئي ڪجهه ڏهاڪو کن ماڻهو ٽن قطارن ۾ بيٺل هيا. اسان وڃي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ ميمڻ صاحب قطار ۾ بيهجي ويو. پنج منٽن کان بعد ميمڻ صاحب ٽوڪن نمبر کڻي مُشڪندو آيو ۽ چيائين ته سائين توهان وڏا خوشنصيب آهيو، جنهن شيءِ جي تمنا ڪري نڪتا هياسين، سا ملي وئي.
پنج ست منٽ گذرڻ کان بعد اسانجي ٽوڪن نمبر جو وارو آيو ۽ ٽري ۾ ٽي چار مختلف قسم جا ڊونٽس کڻي اچي ٽيبل تي ويٺاسين. ڏسڻ ۾ ڊونٽس پر هٿ لاءِ صفا ملائم پشم جهڙا. منهن ۾ رک ته زبان ۽ تارون مزو وٺي ڇڏي، باقي ڏند انتظار ۾ ته ڄاڻ جيڪا شيءِ منهن ۾ آئي آهي تنهن کي چٻاڙيندم، اهو انتظار ۾ رهجي وڃي. ٽي چار ڊونٽس کائي وياسين، ڏندن کي خبر به ڪانه پئي ته ڪي ڊونٽس منهن ۾ داخل به ٿيا هيا. انهيءَ دوڪان جي خاصيت اها آهي ته اهي ڊونٽس انهيءَ وقت تيار ڪري گراهڪ کي ڏيندا آهن، تنهنڪري اهي بلڪل گرم تازه ۽ پشم جهڙا هوندا آهن. هي دڪان ڊيٽونا بيچ تي وڃڻ کان اڳ ئي شهر ۾ مين روڊ تي بيچ تي وڃڻ وقت کاٻي پاسي تي آهي.
تازه ۽ گرما گرم ڊونٽس کائڻ کان بعد ڊيٽونا بيچ ڏانهن رخ ڪيوسين. تقريباً ڏهه منٽ ڊرائيو ڪرڻ کان بعد وڃي بيچ جي ڪنڌي تي پهتاسين. اسان کان اڳ ئي رستي تي لڪڙو لڳل هيو ته هن جاءِ کان اڳتي گاڏين جي وڃڻ جي منع آهي. اسان گاڏي کي پارڪ ڪرڻ خاطر کاٻي پاسي رخ ڪيو، تقريباً ٽي چار ڪلوميٽر فاصلو ڪرڻ کان بعد اسان کي گاڏي پارڪ ڪرڻ لاءِ جڳهه ملي. انهيءَ سڄي رستي ۾ اسان جي ساڄي پاسي صرف هوٽل هيا، جتي سياحن بيچ جو لطف وٺڻ خاطر انهن هوٽلن ۾ عارضي رهائش ورتي هئي. اسان گاڏي بيهاري ٿورو علائقي جو جائزو ورتو، اسان ڏٺو ته روڊ جي ساڄي پاسي صرف رهائش لاءِ هوٽل ۽ ريسٽورنٽس هيا ته روڊ جي کاٻي پاسي پارڪ ۽ وندر لاءِ ڪافي ڪجهه هيو. هوٽل ۽ ريسٽورنٽس جي پٺيان سمنڊ هيو، جنهنڪري اهي سڀ هوٽل سياحن سان کچاکچ ڀريل هيا. مٿان وري آچر جو ڏينهن هيو، سو اوڙي پاڙي وارا به سندرا ٻڌي اچي ميدان ۾ لٿا هيا، جنهن ڪري گاڏي بيهارڻ لاءِ جاءِ سولائي سان ڪانه پئي ملي.
اسان به بيچ تي وڃڻ لاءِ رستو ورتو، سمنڊ جي ڪناري تي پهچڻ شرط پاڻي تي نظر پئي جيڪو اکين تي جادو ڪري پنهنجو ڪري ويو، جيستائين نظر وڃي پئي پاڻي جون ڇوليون ۽ ويرون ايئن پيون نظر اچن ڄڻ ته ڪو ٿر يا ريگستان ۾ هرڻن جا ٽولا ولر ڪيو هڪٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا هجن. فرق صرف اهو هيو ته هتي پاڻي جي لهرن مان عجيب قسم جو سوز ڀريو ميوزڪ جيڪو ڪنن کي راحت ڏيڻ وارو منظر پيش پيو ڪري. جيئن جيئن اڳتي وڌندا وڃون پيا تيئن تيئن اسان جا پير پٺتي اڇلبا پيا وڃن. بهرڪيف همت ڪري اسان اڳتي وڌندا وياسين ۽ اسان جا پير پهريون ته اسان سان هلڻ ۾ ساٿ ڪونه پيا ڏين، پوءِ جڏهن اسان جي همت ۽ جوانمردي کي ڏٺو ته پوءِ پيرن اسان سان هلڻ ۾ ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو.
اسان کي آمريڪا ۽ ڪيناڊا جي ٽوئر تي آئي، هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت ٿي ويو هيو، تنهنڪري اسان به ذهني طور اتان جي رسمن کي جيئن هيون تيئن قبول ڪري ورتيون هيون، تنهنڪري اهو اسان کي به احساس ڪونه پيو ٿئي ته ڪير ڪيئن آهي ۽ ڇا ٿو ڪري. انهن جي قادر مطلق جي پيدا ٿيڻ وقت واري فطرتي لباس ۾ ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري پيا ڇڏيون. هر هڪ پنهنجي ڌن ۾ مشغول هيو، ڪنهن کي ڪنهن جي ڪابه خبر ڪانه هئي ته ڪير آهي، ڪيڏانهن وڃي ٿو، هتي ڇو بيٺو آهي. جيڪو مون کي نظر آيو ته ايترو خيال ضرور هين ته ڪيئن به ڪري جسم جي اندر سمنڊ جي واري جا ذرڙا داخل نه ٿين تنهن لاءِ مضبوطي سان بندوبست ڪيل هين.
سمنڊ جي سڄي پٽي تي واري جي مٿان جسم کي سيڪو ڏيارڻ لاءِ سمنڊ جي ڳچ حصي اندر وڃي ٻه ٽي ٽٻيون هڻي وري پنهنجي پنهنجي ماڳ تي سج جي اتت سان سيڪو پيا وٺن، ته ڪي وري تنبو نما ننڍين ڇٽين جي هيٺان کائڻ ۽ پيئڻ جو سامان رکيون ويٺا سرڪيون پيا ڀرن، ته ڪي وري منهن ڀر واري مٿان ليٽيا پيا هيا. اسان کي به انهن جي وچ ۾ گهمندي ڪنهن به شيءِ جو احساس ڪونه ٿيو ته يار هي ڇو ايئن واري تي ليٽيا پيا آهن! عجيب ڳالهه اها هئي ته سمنڊ جي سڄي پٽي تي ماڻهن جي سمنڊ وانگر ميڙ ۾ ڪٿي به ڪنهن به قسم جو گند ڪچرو ڏسڻ لاءِ به نظر ڪونه آيو. واري به اهڙي صاف ۽ شفاف هئي جو جيئن اسان سمنڊ جي پٽي کان ٻاهر قدم رکيو ته اسان جي جسم جي ڪنهن به حصي تي واري جو ذرو به ڪونه هيو. پاڻي ايترو شفاف جو جيستائين پاڻي ۾ نظر پوي پئي، تيستائين سمنڊ جي تهه تائين سڀ ڪجهه صاف چٽو نظر پيو اچي. ڪٿي ڪٿي مڇيون هڪ ٻئي کان اڳ ۾ گوهي ڏئي نڪري وڃن پيون ته اهو نظارو به تمام دلڪش ۽ پيارو هيو. پاڻي جي مٿان به پکي مڇين جي شڪار لاءِ لامارا پيا ڏين. مختلف قسمن جا پکي زمين ۽ آسمان ۾ هوا تي ترندا ولر ڪيو پيا شڪار لاءِ واري واري سان مٿان کان هيٺ راڪيٽ وانگر پنهنجي پرن کي ٽنگن سان سڌو ملائي منهن ڀر سمنڊ ۾ گهت هڻي پنهنجي چهنب ۾ شڪار پڪڙي مٿي هوا ۾ پنهنجن پرن کي پکيڙيندي جيٽ هوائي جهاز وانگر اڏامي پيا وڃن.
مون پهريون دفعو ميامي بيچ 1989ع ۾ ڏٺي ۽ جيترو مونکي ياد ٿو اچي ته انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڊيٽونا بيچ (Daytona Beach) ميامي بيچ (Miami Beach) کان وڌيڪ کلي ۽ هڪ لائين ۾ ڊگهي آهي، جڏهن ته ميامي بيچ وٽ سمنڊ ڪجهه وڌيڪ ڇوليون هڻي ٿو ۽ انهيءَ کان علاوه اها سڌي هڪ لائين ۾ بيچ ناهي، تنهنڪري انهيءَ وقت جاني نقصان ٿيڻ واريون حالتون گهڻيون هيون جو ماڻهو کي خبرئي ڪانه پوندي هئي ته پاسي کان سمنڊ جي وڏي وير ايندي هئي ۽ گهڻن ماڻهن کي اڻڄاڻائي ۾ لوڙهي ويندي هئي، تنهنڪري اتي لائيف گارڊ (Life Guard) هميشه چوڪس رهندا هيا. ڊيٽونا بيچ تي اهڙي قسم جو ڪو به خطرو ڪونه هيو، جو سمنڊ بلڪل سڌو گز لڳو پيو هيو، اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ڪا سمنڊ جي وير ايندي ته به هڪ پاسي کان اچي پئي سگهي، جڏهن ته ٽي پاسا سمنڊ کان آجا هيا.
اسان ڪجهه عرصو بيچ جو سير سپاٽو ڪيو ۽ رب ڪائنات جي تخليق جو نظارو ڪيو گڏوگڏ سبق به حاصل ڪيو ته رب جي ڏني تي ماڻهو راضي رهي ۽ انسانيت جو احترام ۽ خدمت ڪندو رهي.
ll