پوٽامڪ درياءَ جو سير
سائين علي نواز صاحب ۽ مان گئٿرس برگ (Gaithersburg) کان پوٽامڪ ندي (Potomac River) گهمڻ لاءِ نڪري وياسين، جيڪا اتان تقريباً ويهه پنجويهه منٽ گاڏي جي پنڌ تي آهي، وڃي هڪ جهنگل ۾ پارڪ ٺهيل تي گاڏي بيهاري. گاڏي پارڪ ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ هر جاءِ تي پيسه ضرور وٺندا آهن پر سينئر سٽيزن کان گهڻي رعايت ڪندا آهن. جيڪي اتي پارڪ يا ڀرپاسي ۾ سوشل ويلفيئر جو ڪم ڪندا آهن، انهن کي گاڏي پارڪ ڪرڻ لاءِ پاس ڏيندا آهن. اتفاق سان جڏهن پارڪ جي گيٽ تي پهتاسين ته ميمڻ صاحب پنهنجا بٽون ساريا پر پاس هٿ ڪانه آئي. ميمڻ صاحب ٻڌاين ته مون وٽ پارڪ ۾ گاڏي بيهارڻ جي پاس آهي پر گهر ڀلجي ويو آهيان. ميمڻ صاحب چيو ته انهيءَ کان علاوه اسان ٻئي سينئر سٽيزن پڻ آهيون. گيٽ تي ويٺل ڇوڪري اسان ڏانهن مرڪندي چيو بابا جي توهان وڃو. اسان وڃي پارڪ ۾ گاڏي بيهاري، اتان اسان گاڏي مان لهي گوڏي گاڏي تي سنج رکي روانا ٿياسين.
چڱو پنڌ ڪرڻ کان بعد هڪ خوبصورت ۽ صاف سٿري جاءِ ڏانهن وياسين، جتي پوٽامڪ رور متعلق ڪجهه معلومات خاطر شيون رکيل هيون. اتان جو نظارو ڪري درياءَ جي جهلي بند تي چڙهياسين. جهلي بند جي ٻنهي طرفان وڏا وڏا وڻ لڳل هيا، تنهنڪري اتي سج جو عمل دخل نه هئڻ جي برابر هيو. جهلي بند جي ٽاپ تمام صاف سٿري هئي، جيڪڏهن ماڻهو ان جهلي بند جي ٽاپ سان وڃڻ چاهي ته تقريباً اڍائي ٽن ڪلاڪن جي پنڌ تي وڃي واشنگٽن ڊي سي جي شهر پهچندو. ڪيترائي ٽوئرسٽ (Tourist) پيڊل سائيڪلن تي اتان واشنگٽن شهر ڏانهن وڃي رهيا هيا. اسان به ڏهه پندرهن منٽ جهلي بند سان گڏ هلڻ بعد ڪاٺ جي ٺهيل سادي پر صاف ۽ سٿري پل تي سڄي پاسي مڙي وياسين. پل هيٺان ننڍا وڏا پاڻي جا وهڪرا به هلندا رهيا، ڪٿي پاڻي گهٽ هيو ته ڪٿي وهڪري واري جاءِ خشڪ لڳي پئي هئي. تقريباً پنج ڇهه منٽ پنڌ ڪرڻ کان بعد پوٽام درياءَ جو اصل وهڪرو شروع ٿيو پئي. ان پوائنٽ تي پهچي جڏهن درياءَ جي پرين ڀر ڏٺوسين ته هر عمر جا مرد ۽ عورتون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پوٽامڪ رور جو نظارو ڪرڻ ۾ محو هيا.
اسان پوٽامڪ رور جي کاٻي ڪناري تي هياسين، جيڪو
ميريلينڊ رياست (Maryland State) ۾ اچي ٿو. درياءَ جي ساڄي ڪپ جي ايريا ورجينيا رياست (Virginia State) جي آهي، يعني پوٽامڪ درياءَ ٻن رياستن لاءِ ايئن آهي جيئن سکر بئراج جو چوٽيهون دروازو سکر ۽ روهڙي تعلقن لاءِ هوندو آهي. جنهن وقت اسان ان مقام تي پهتاسين جتي درياءَ جو جزوي اوج هيو ۽ پاڻي جو وهڪري جو آواز ڪافي پري تائين واڄٽ ڪيو ڪنن کي سرور ڏيڻ واري ڪيفيت پيدا پيو ڪري. دل، ڪنن ۽ اکين جو پاڻ ۾ تڪرار وڌي ويو. ڪن ۽ دل چون پيا ته پنهنجي خيال کي درياءَ جي چال ۽ پاڻي جي پراسرار ۽ سرور ڏيڻ واري ماحول تي نظر رکي ان مان لطف اندوز ٿي، ٻئي پاسي اکين جو چوڻ هجي ته درياءَ جي چال ۽ ڍال کي ضرور ڏس پر اک کڻي ساڄي ڪناري تي ڪوهه ڪاف جون پريون ۽ حورون به ڏس. مان وچ ۾ ڪڏهن اکين جو چوڻ ڪيان ته ڪڏهن ڪنن جوم بس پوءِ مامو لالو ڪاڏي وڃي وارو حساب هيو، واري واري سان ٻنهي جو چوڻ ڪيم پر ذاتي طور تي گهڻو ڌيان اکين جي چاهت کي ڏيڻو پيو، جو انهيءَ جي حڪم عدولي هميشه ڏاڍي مهانگي پوندي آهي.
ڳچ دير تائين ڪنن ۽ اکين کي سرور ڏئي ميمڻ صاحب سان واپس ورڻ جي ڪئي.
پوٽامڪ رور اڳتي هلي آمريڪا جي گادي واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۽ ورجينيا رياست جي وچ مان گذرندي رونالڊ ريگن انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان هيٺ هلندي وڃي ٿي. واشنگٽن ۽ ورجينيا کي ملائڻ لاءِ ڪيتريون جديد قسم جون پُلون ٺهيل آهن، انهيءَ کان علاوه واشنگٽن ۽ ورجينيا جي لاءِ پوٽامڪ رور جي هيٺان زيرِ زمين ريل جو رستو (Underground Railway Track) آهي، جنهن کي ميٽرو سروس چوندا آهن.
پوٽامڪ رور جي کاٻي ڪپ سان مون کي هڪ هٿرادو جوڙيل ڦٽل واهه نظر آيو، جيڪو پوٽامڪ درياءَ سان گڏوگڏ هلي پيو. هڪ جاءِ تي پڪو اسٽرڪچر هيو، جتي تمام پراڻو پاڻي وارو ٻيڙو بيٺل هيو. مون وڃي انجي ڀرسان بيهي جائزو ورتو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم ته هن جهاز جو هتي بيڪار بيهڻ مان فائدو يا مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو؟ بهرحال لنچ جو ٽائيم هيو، تنهنڪري اتي ڪو بيٺل ماڻهو نظر ڪونه آيو، باقي اسان وانگر سياح تمام گهڻا هيا، پر جيڪو مون سمجهيو ته جنهن وقت روڊ رستا ٺهيل ڪونه هيا ته انوقت اهو هٿرادو جوڙيل واهه نما پاڻي وارو گس ٽرانسپورٽ لاءِ استعمال ڪندا هوندا. جنهن جاءِ تي پراڻو ٻيڙو جنهن جي ويڪر تقريباً 12 کان 15 فوٽ ۽ ڊيگهه تقريباً 35 کان 40 فوٽ ۽ اوچائي تقريباً 18 کان 20 فوٽ ٿيندي بيٺو هيو، اتي باقائده پڪن سرن سان اساري ٿيل چينل ٺهيل هيو، جنهن جي وچ ۾ اچي اهو ٻيڙو لنگرانداز ٿيندو هيو، جتان سامان ۽ ماڻهو چڙهندا ۽ لهندا هوندا. اهو چينل اهڙي طرح سان ٺهيل هيو جو ان ٻيڙي کي بيهارڻ لاءِ اڳيان دروازو بند ڪندا هيا ۽ پاڻي جي رُڪجڻ سبب پاڻي جي ليول مٿي چڙهندي هئي ۽ ٻيڙي جي ليول به آٽوميٽڪ مٿي ٿيندي ويندي هئي. ڪنهن خاص جڳهه تي پاڻي ليول تي ڪنٽرول ڪرڻ کان بعد واڌارو پاڻي انهيءَ دروازي جي مٿان يا پاسي سان هيٺ نڪري ويندو هيو. پوءِ جنهن وقت ٻيڙي کي اڳتي ڇڏڻو پوندو هين ته ان دروازي کي کولي ڇڏيندا هيا ۽ پاڻي جو وهڪرو به تيز ٿي هيٺ نڪرندو هيو ته ٻيڙي کي شروع ۾ هلائڻ لاءِ جيڪو زور ڏئي هلائبو آهي، انهيءَ جي ڪابه ضرورت ڪانه پوندي هين ۽ ٻيڙو سامان سميت اڳئين منزل ڏانهن گامزن ٿي ويندو هيو.
هن وقت اهو سڀ ڪجهه ڦٽل واهه ۽ ان تي دروازو ۽ چينل وغيره ٺهيل انهي لاءِ رکيل آهن جو هو پنهنجي ماضي کي ياد ۽ نئين جنريشن کي پريڪٽيڪل تاريخ جا ورق کولي ٻڌائيندا آهن ته اسان شروع کان وٺي فني مهارت وارا رهيا آهيون ۽ هن وقت دنيا تي جيڪو اسان جو ڪنٽرول آهي، اهو صرف انهيءَ جي ڪري جو اسان انهيءَ فني مهارت کي جديد انداز ۾ ترقي وٺرائيندا، هن مقام تي پهتا آهيون. جيڪڏهن توهان کي دنيا جي مٿان ڪنٽرول رکڻو آهي ته جيڪا اڄ فني مهارت آهي، انهيءَ ۾ جديد ۽ نوان طريقا ڳوليو ۽ اڳتي وڌو. جيڪڏهن توهان اڄ جي ٽيڪنالوجي ۾ جديد ۽ نواڻ نه آڻيندا ته ٻيا توهان کان اڳ ۾ نڪري ويندا ۽ دنيا جي مٿان توهان جو ڪنٽرول نڪري ويندو ۽ جيڪو توهان جي ٽيڪنالوجي کان اڳتي نڪري ويندو، دنيا ۽ توهان تي ڪنٽرول اُهي ڪندا.
زنده قومون هميشه ماضي کي صرف ياد ناهن ڪنديون پر جتي انهيءَ تهذيب پنهنجو اوج ڇڏيو هوندو آهي، انهيءَ کي اڳتي وڌائيندي انکي جديد کان جديد طريقن سان اڳتي آڻيندا آهن. مثال طور اسان سنڌي هميشه ماضي تي ناز ڪندا آهيون ته اسانجي سنڌو ماٿري جي تهذيب سڀ کان عظيم ۽ قديم آهي، جنهن ۾ ڪوبه شڪ ناهي. دنيا ۾ ان وقت جي حساب سان جديد ٽيڪنالوجي جو بنياد سنڌ جي عظيم تهذيب وڌو، جيڪو هينئر موئن جي دڙي هيٺ دفن ٿيل آهي. ڏاند گاڏي جو ٺهڻ ٽيڪنالوجي جو بنياد ٿيو، جنهنڪري باقي رووليوشن برپا ٿيو. انوقت سنڌ جو ململ جو ڪپڙو مصر ۽ ٻين ڏيساور ملڪن ڏانهن ويندو هيو. تاريخ ۾ اچي ٿو ته فرعون جو گهراڻو به سنڌ جو ٺهيل ململ جو ڪپڙو پائي خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪندو هو. اهو ته سڄو ڪارنامو اسان جي وڏن جو ٿيو جو اهي سڀني کان وڌيڪ شهري زندگي جي اصول تي هلندا هيا. شهر اڏيا ان ۾ رستا ۽ ڊرينيج جو انتظام رکيو گهرن ۽ گهٽين کي صاف سٿرو رکيو.
اسان جيڪي پاڻ کي موئن جي دڙي جا وارث ٿا چورايون، ڇا ٿا ڪيون؟ اڄ دنيا چنڊ کان مٿي هلي وئي آهي اسان گهٽيون ۽ محلا ته پري جي ڳالهه پنهنجي گهرن ۾ ٻوهارو ڏئي صفائي ڪونه ٿا ڪيون، کليل رستي جي بجاءِ اسان رستن کي ذاتي مفاد خاطر سوڙهو ۽ تنگ ڪندا ٿا وڃون. گهرن جي اڳيان گند جا ڍير لڳا پيا آهن، اسان انهيءَ جي لاءِ ڪڏهن سوچيون ڪونه ٿا. سنڌ جا قديمي ماڻهو ڏيساور وڃي واپار ڪندا هيا، اسان ڀتر ڀڃي سڌو ڪونه ٿا ڪيون. سنڌ جا قديمي ماڻهو لکيل پڙهيل ۽ مهذب هيا، اسان ان جي برعڪس ڪاپي تي سندرو ٻڌي سرڪاري نوڪري لاءِ مال ڍڳو وڪڻي وڏڙن جي عزت نفس کي لتاڙي پنهنجي تر جي پير، مير، ڀوتار ۽ چونڊيل نمائندي جي در تي جُتيون گسائي گسائي حلال جا پيسه ڏئي شارٽ ڪٽ لاءِ آتا آهيون.
اسان سڀني کي ٿڌي دل سان سوچڻ کپي ته واقعي اسان پاڻ کي سنڌو ماٿري جي تهذيب جا وارث سڏائڻ لائق آهيون؟
ll