هيرس برگ کان هيگرس ٽائون
جمعي نماز کان واپسيءَ تي سائين ممتاز ڀٽو صاحب جو هيگرس ٽائون (Hagers Town) مان فون آيو ته يار هاڻي گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ وارو ڪر ۽ واپس ور ته ڪو ڀاڪر پايون. علي حسن صاحب کي به فون ڪري چيائين ته مائٽ هاڻي ڄامڙو صاحب کي اسان ڏانهن اچڻ جي موڪل ڏي ته اچي. ممتاز صاحب ۽ علي حسن صاحب پاڻ ۾ طئه ڪيو ته سڀاڻي منجهد جي ٽائيم تي هيرس برگ (Harris Burg) شهر تائين علي حسن صاحب وٺي هلندو ۽ ممتاز صاحب هيگرس ٽائون کان اتي پهچندو. علي حسن ڀٽو صاحب جي ووڊ برج (Wood bridge) کان هيرس برگ تقريباً ڏيڍ سئو ميل ٿيندو، جڏهن ته هيگرس ٽائون کان تقريباً نوي کان سئو ميل پنڌ تي آهي. علي حسن صاحب آمريڪا ۾ تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي، تنهنڪري دوستي جو حلقو به تمام گهڻو وسيع اٿس. علي حسن صاحب جي اها خوبي آهي ته غريب غربي جي ڪم لاءِ ڪاهي پوندو آهي، جيڪا تمام ٿورن ماڻهن ۾ اها خصوصيت هوندي آهي. علي حسن صاحب جي اها سٻاجهڙي طبيعت مونکي ڏاڍي وڻي، الله سائين ڀٽو صاحب کي انهيءَ سوشل ورڪ جو اجورو پنهنجي غيبي خزاني مان عطا ڪريس. علي حسن صاحب چيو ته مونکي به سنڌ کان آيل هڪ دوست سان ملڻو آهي، جنهن جو پئٽرول پمپن جو ڪاروبار آهي. انهي سان گڏ توهان سان به رستي ۾ ڪچهري ٿي ويندي ۽ انهي بهاني سان مائٽ سائين سان به ملاقات ٿي ويندي، جو ڳچ وقت گذري ويو آهي ملاقات ڪانه ٿي سگهي آهي. علي حسن صاحب پنهنجي گاڏي ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي رکي ته جيئن سائين ممتاز ڀٽو صاحب سان ملاقات به ڪيان ۽ آڌرڀاءُ طور کيس گفٽ به پيش ڪيان.
هيرس برگ (Harrisburg) شهر آمريڪا جي هڪ رياست پينسلوينا (Pennsylvania) جي گادي جو هنڌ آهي. هيرس برگ شهر هڪ نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل آهي، صوبائي اسيمبلي جي بلڊنگ تمام وسيع ۽ شاندار جڙيل آهي. ندي جي ڪناري سان هڪ تمام وڏي ۽ ڊگهي پارڪ ٺهيل آهي، جنهن تي هروقت هر عمر جا ماڻهو نظر ايندا، جيڪي واڪ يا ايڪسرسائيز پيا ڪندا رهندا آهن. ندي جو پاڻي صاف سٿرو ۽ اکين کي فرحت بخشيندڙ ساوڪ ۽ ٿڌڙي هير جي ڪري دل باغ و بهار ٿيو پئي وئي ۽ بي خوديءَ ۾ اسان به ٻه ٽي ميل وڻڪار ۽ ندي جي پاڻي جي تنوار سان وهڪري ۾ رڙهندا وياسين، تان جو سائين علي حسن صاحب فون ڪري چيو ته سائين واپس به ورڻ جي ڪيو، مائٽ سائين ان ٻڌايل پتي تي پهچڻ وارو آهي. سائين علي حسن جي فون اسان جو سڄو رڌم جنهن ۾ اسان ڪاهيون پي وياسين، سو ٽٽي اچي پٽ تي ڪري ڦهڪو ڪيو. دل گهريو پئي تي پاڻي جي وهڪري سان اسان به سهڻيءَ وانگر درياءَ جي پيٽ ۾ نه پر ٻاهريان لڙهندا هلون.
سهڻي ته صحيح عاشق هئي ميهار جي، اسان ته صرف سڌڙيا سو به پنهنجي محبوبه سان گڏ. بهرحال موٽ ڪئي ۽ ڏسيل جاءِ جو رخ ڪيو. ٿوري دير ۾ اچي مين هاءِ وي جي ڀرسان ان پئٽرول پمپ تي پهتاسين. پئٽرول پمپ جو مالڪ گهڻو ڪري چانڊيو صاحب هيو، جنهن تمام گهڻي چاهه ۽ پاٻوهه سان آڌرڀاءُ ڪيو. اسان کي پنهنجي آفيس ۾ هلي ويهاريائين ۽ خير عافيت پڇيائين. موقعي جو فائدو وٺندي اسان انجي آفيس ۾ ظهر نماز ادا ڪئي. ٿوري دير ۾ اسان جو دلبر سائين ممتاز به نئين نڪور گاڏي ڪاهي اچي پهتو، هڪ ٻئي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿياسين ۽ هڪٻئي کي ٻکين پئجي وياسين.
ووڊ برج (Wood bridge) کان هيرس برگ ايندي رستي ۾ هڪ جاءِ تي اچي ساهي پٽيسين. آمريڪا ۾ شڪار جا شوقين ڪابيلاز (Cabela’s) هڪ وڏو شاپنگ مال آهي، جنهن مان شڪار لاءِ گهربل جديد کان جديد شڪار متعلق اوزار ۽ سامان ملندو آهي. شاپنگ مال اندر داخل ٿيڻ سان ايئن محسوس پئي ٿيو، جيئن ڄڻ ته اسان سفاري پارڪ ۾ داخل ٿي ويا آهيون. اندر داخل ٿيڻ سان دنيا جهان جو هر جانور اهڙي طريقي سان نظر پئي آيو، ڄڻ ته گهمي ڦري رهيو آهي. هاٿي، شير، هرڻ ۽ ٻين هر قسم جي جانورن لاءِ ساڳيو ماحول ٺهيل هيو، جهڙو انهن کي کليل جهنگل ۾ هوندو آهي. مختلف قسم ۽ مختلف سائيز جون مڇيون Fish Aquariums ۾ رکيل هيون، مون اڄ تائين Fish Aquariums ۾ ايتريون وڏيون مڇيون ڌاريل ڪونه ڏٺيون آهن. ڪابيلاز جي شاپنگ مال ۾ صرف ونڊو شاپنگ ڪندي اسان کي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ٽائيم ٿي ويو پر اسان مشڪل سان ان شاپنگ مال جو پنجون حصو گهمي سگهياسين. جيئن ته اسان کي شڪار جو شوق ناهي، تنهنڪري صرف شيون ڏسي دل پشوري ڪئي سين. ٻاهر نڪري گاڏي ۾ سوار ٿي هيرس برگ (Harrisburg) ڏانهن راهي ٿياسين.
سائين علي حسن ڀٽو صاحب ۽ ممتاز ڀٽو صاحب ملڻ سان هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا ۽ ڏوراپا ڏيڻ لڳا ته مائٽ ايترو عرصو گذري ويو آهي جو ملاقات ڪانه ٿي ٿئي، روايتي طور مهمان جي آڌرڀاءُ ڪندي اجرڪ ڪلهي تي رکي اڳتي وڌيا. ممتاز صاحب به تمام گهڻو سوشل ماڻهو آهي، تنهن ڪري سندس دوستي جو حلقو به تمام گهڻو وسيع اٿس.
ممتاز صاحب لاءِ دوستن ۾ مشهور آهي ته ممتاز ڀٽو دل جو صاف، منهن تي سچ چئي ڏيڻ وارو، دوستي نڀائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر ٻئي جي ڳالهه گهٽ ٻڌندو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ٿڪبو ناهي. ڳالهائيندو ته ويهڻ سندس لاءِ حرام ٿي ويندو، پوءِ چاهي ٻاهر هجي يا گهر ۾ ڳالهه ٻڌائيندي بيٺل ۽ ايڪشن ۾ رهندو آهي پر ٿڪبو ناهي، چاهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿي وڃنس.
ٻيو ته جتي به ڪنهن نئين جاءِ ويندو آهي ته اتي لهڻ سان سڀ کان اڳ ۾ پنهنجي قسمت ضرور آزمائيندو آهي، عموماً قسمت ساٿ ڏيندي اٿس. آمريڪا ۾ هر ننڍي وڏي اسٽور تي ڪمپيوٽرائيزڊ لاٽري جو نظام موجود آهي.
ممتاز سائين جي نئين نڪور گاڏي ۾ چڙهي سوار ٿياسين ۽ هيگرس ٽائون وڃڻ لاءِ تياري ڪئي سين. آمريڪا ۾ انڌي جي لٺ کان بغير هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ پهچڻ دشوار هوندو آهي. سائين علي حسن صاحب ممتاز صاحب کي رستو سمجهائيندي چيو ته اها انڌي واري لٺ استعمال ڪيو ته جيئن توهان کي رستي ۾ ڏکيائي نه ٿئي. ممتاز وڏي واقعي چيو ته مائٽ فڪر نه ڪر، مونکي انڌي واري لٺ يعني نيويگيشن (Navigation) جي ڪابه ضرورت ناهي، ڇو ته هي سڄو منهنجو تر آهي، هتان ڏکڻ وڃي اڳيان اگزٽ (Exist) تان اتر طرف وڃڻو آهي. آخرڪار سائين قربدار علي حسن ڀٽو صاحب کان موڪلائي روانا ٿياسين. هيرس برگ کان هيگرس ٽائون تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي. ممتاز صاحب جي گهر جا سڀ ڀاتي اسان جي انتظار ۾ ويٺا هيا، جو اسان سڀني کي گڏجي ڪريم ميمڻ صاحب جي افطار پارٽي ۾ واشنگٽن جي ڀرسان ميريلينڊ اسٽيٽ (Maryland) منٽگومري ڪائونٽي (Montgomery County) ۾ هڪ ڪلب ۾ پهچڻو هيو، جتي ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا دوست مدعو ٿيل هيا. هيگرس ٽائون کان ان ڪلب تائين پهچڻ لاءِ تقريباً ٻه ڪلاڪ گهربل هيا، جو شام جو ٽريفڪ روڊن تي تمام گهڻي هوندي آهي.
اسان هيرس برگ کان تقريباً ٽين وڳي هيگرس ٽائون لاءِ روانا ٿياسين ۽ توقع هئي ته ساڍين چار وڳي تائين هيگرس ٽائون پهچنداسين. ممتاز صاحب بغير انڌي واري لٺ جي هلڻ شروع ڪيو، هل هلان، تقريباً ڏيڍ ٻه ڪلاڪ اتر جي بجاءِ ڏکڻ طرف وڌندا رهياسين. مون چيو ته يار مونکي ته اهو ساڳيو رستو ٿو لڳي، جنهن سان اسان اڳ ووڊ برج کان هيرس برگ آيا هياسين. چوڻ لڳو ته توکي ڪهڙي خبر، هيءُ منهنجو تر آهي، مان وڌيڪ سڃاڻان، اسان به چيو ته بلڪل صحيح. ممتاز صاحب سان ضد ڪرڻ معنيٰ پوءِ سڄو ڏينهن ڇٽو، تنهنڪري ها ۾ ها ملائي، پوءِ پاڻهي سمجهي ويندو آهي، تنهنڪري مان جڏهن به ممتاز کي انهيءَ موڊ ۾ ڏسندو آهيان ته بغير بحث جي هار مڃي ڇڏيندو آهيان ۽ ٿوري دير ۾ انهيءَ ڳالهه تي پاڻهي اچي ويندو آهي. ممتاز صاحب کي گهر وارن جا فون اچن ته ڪٿي پهتا آهيو؟ ممتاز وراڻي چين ته بس ڄاڻ پهتس، مون پنهنجو موبائل فون تي انڌي واري لٺ کي عرض ڪيو ته ڪا واهر ڪر نه ته خبر ناهي اسان جو يار ڪيڏانهن پيو وٺيون وڃي. مان جيئن فون کي عرض ڪيو ته هڪدم ڪاڪي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته ايڏانهن ڪاڏي ٿا وڃو، توهان کي اتر هلڻو هيو، توهان ابتو مخالف پاسي پيا وڃو، هاڻي جلدي ڪيو اڳين موڙ کان واپسي ڪيو. مون جڏهن ممتاز کي ٻڌايو ته يار هي ڪاڪي ته هيئن ٿي چوي، ممتاز چيو ته يار مان به دل ۾ اهو خيال ٿو ڪيان ته ڇو اڃان هيگرس ٽائون ڪونه پهتا آهيون. ممتاز پنهنجي ننڍڙي پياري پٽ سلطان کي فون تي چيو ته اسان هاڻي ڪيئن واپس اچون؟ اڄڪلهه جا ٻار جديد ٽيڪنالوجي جا ماهر آهن، ان اتان ويٺي ٻڌايس ته بابا توهان تقريباً اسي ميل ابتو پنڌ ڪري هليا ويا آهيو، هاڻي فلاڻي اگزٽ تان نڪري سڌا هليا اچو.
ll