ناگرا فال جو نظارو
الحمدلله جڏهن مان ڪيلگري کان ٽورنٽو وڃي رهيو هوس، انوقت الله جي ذات بابرڪات سبز ۽ اڇن پٽن واري ڪارپيٽ سان زمين کي سنواري ڇڏيو هيو ۽ سج سڄو ڏينهن پنهنجي آب و تاب سان سموري علائقي کي روشن ڪري ڇڏيو هيو، موسم تمام خوشگوار ۽ دلڪش ٿي وئي هئي. جڏهن مان نو ڏينهن اڳ ڪيلگري آيو هيم ته الله سائين زمين تي بلڪل سفيد ڪارپيٽ وڇائي ڇڏيو هيو ۽ ڏينهن جو سج ايئن پي لڳو جهڙوڪ ڪنهن ٻئي پاسي ويل هيو پر ڏينهن جا آثار موجود هيا.
سائين غلام حسين ڄامڙو صاحب منهنجي ڪيلگري ۾ رهڻ واري وقت کي تمام گهڻو خوبصورت ۽ يادگار لمحن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هيو، جنهن کي وسارڻ محال ٿيندو. ڪيلگري ۾ ڪافي نون ۽ پراڻن دوستن سان ميل ملاقاتون ٿيون ۽ انهن سڀني دوستن جي قرب ۽ ساٿ سبب هي ٿوري وقت وارو سفر تمام ڊگهين ۽ نه وسارڻ وارن گهڙين ۾ هميشه يادگار رهندو. مان خاص ڪري سائين جميل احمد نظاماڻي صاحب جو انتهائي مشڪور آهيان، جنهن پنهنجي قيمتي وقت مان منهنجي لاءِ هروقت گنجائش رکي. نظاماڻي صاحب کي جنهن وقت به چيو ته سائين الا دين جي چراغ وانگر حاضر رهيو. نظاماڻي صاحب ڪيلگري جي سٽي گورنمينٽ ۾ اهم عهدي تي فائز آهي. نظاماڻي صاحب جي سدا مرڪ سان ٻهڪندڙ چهرو وسارڻ جهڙو ناهي. الله سائين نظاماڻي صاحب کي پنهنجي اهل و عيال سميت هميشه خوش وخرم رکي.
ڌاريجو صاحب ملڻ خاطر ٽي سئو ڪلوميٽر پري کان آيو، جنهن سان خوب ڪچهري ٿي ۽ زراعت متعلق لاڀائتي ڄاڻ ڏني. ڌاريجي صاحب سان جڏهن زراعت متعلق ڳالهه ٻول ٿي ته انوقت مونکي سائين حيران ڪن ڳالهه ٻڌائي ته البرٽا صوبي ۾ هڪ فيملي يعني صرف زال مڙس پنج هزار ايڪڙ زمين اڪيلي سر پوک ڪري ۽ سهيڙي سگهن ٿا. مون حيرانگي مان پڇيو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڌاريجي صاحب ٻڌايو ته هتي سڀ ڪم مشين تي ٿيندو آهي، هتي جڏهن زميندار ٽريڪٽر جي پٺيان هر ٻڌندو آهي ته اهو هڪ جاٽ ۾ 120 فوٽ زمين کيڙيندو آهي. اهڙي طرح جڏهن زمين ۾ ٻج گڏائيندو آهي ته ان سان گڏوگڏ ڀاڻ به ٻن انچن جي هر اوڙ جي پاسي ۾ هڪ ئي وقت 120 فوٽ زمين ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. جڏهن به ڪو اسپري ڪرڻو هوندو اٿن ته اهو 120 فوٽ ويڪرو هوندو آهي. لاباري وقت به ساڳي ڊيگهه ۾ لابارو ۽ گڏوگڏ ٿريشر به ٿيندو ويندو آهي. اَنُ جڏهن هڪ ٽرڪ جي برابر گڏ ٿيندو آهي ته ٻيو ڊرائيور اچي هلندڙ هارويسٽر مان ان کي منتقل ڪندو ويندو آهي. جڏهن ٽرڪ ان سان ڀرجي ويندي آهي ته اسٽيل جي وڏين ٺهيل گندين ۾ اَنُ لاهي محفوظ ڪندا آهن، پوءِ جنهن وقت چاهن اهو اناج وڪرو ڪن. ڌاريجو صاحب البرٽا صوبي ۾ ايگريڪلچر جو هڪ ڪائونٽي (County) ۾ ريسرچ ۽ ايڪسٽينشن جو سربراهه آهي ۽ سائين زراعت متعلق ملائيشيا مان پي ايڇ ڊي ڪئي آهي.
سائين احمر نديم ته منهنجو گذريل صدي کان دوست آهي، تنهن به پنهنجي قرب سان ڪافي دوستن کي پنهنجي گهر ماني تي گهرائي خوب ڪچهري ڪئي، جيڪا يادگار رهندي. احمر ڀاءُ کي ڪيلگري ۾ ڳچ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ماشاءَ الله ڪافي سوشل ۽ ڦڙت آهي. ڪيلگري ۾ احمر ڀاءُ گهڻي عرصي کان بعد ميمڻ ٿيو آهي، يعني پنهنجو بزنس اسٽيبلش ڪيو اٿس، جيڪو تمام گهڻو اڳ ڪرڻ گهرجي ها پر ماشاءَ الله دير سوير پنهنجي رڳ تي اچي ويو.
مان جڏهن ڪيلگري ۾ هيس ته سائين خير محمد ڪولاچي صاحب جا ڪافي دفعا فون آيا ته ٽورنٽو ۾ اچو ته مونکي مهمانوازي جو موقعو ڏيندا. ٻين دوستن به چيو ته ٽورنٽو ۾ اسان جا مهمان ٿيو، بهرحال جميل نظاماڻي صاحب چيو ته سائين ڪولاچي صاحب مونکي به توهان لاءِ چيو آهي، تنهنڪري توهان سائين خير محمد ڪولاچي صاحب ڏانهن وڃو. حالانڪه مان اڳ ۾ ٻئي دوست سان واعدو ڪيو هيو، بعد ۾ ان دوست کي فون ڪري عرض ڪيو ته ڀائو هن دفعي اجازت ڏيو ته مان سائين ڪولاچي صاحب سان ڪچهري ڪيان، دوست جي مهرباني جو ان مونکي موقعو ڏنو ته مان سائين ڪولاچي صاحب سان ڪجهه گهڙيون گڏ گذاريان.
پروگرام مطابق مان جڏهن صبح جو سوير ٽورنٽو ايئرپورٽ تي پهتس ته سائين ڪولاچي صاحب اتي پهچي ويا ۽ اسان کي سڌو پنهنجي گهر وٺي هليو، جتي اسان پهريان چانهه پيتي ۽ ٿورو آرام ڪيو، پوءِ نيرن جي ماني کاڌي. اڃان چانهه پيتي پئي ته سائين ممتاز شر صاحب به اچي ٺڪاءُ ڪيو. اسان سڀني چانهه گڏجي پيتي، ان کان بعد ناگرا فال (Niagara fall) وڃڻ جي تياري ڪئي.
جڏهن اسان ناگرا فال ڏسڻ خاطر وڃون پيا ته ماشاءَ الله سج نڪتل هيو ۽ موسم زبردست دلڪش ۽ خوبصورت هئي پر ٿوري دير ۾ آسمان تي ڪڪر اچي ويا ۽ رستي تي بارش جي بوندا باندي شروع ٿي وئي. رستي تي هرطرف زمين سرسبز ۽ وڻن ۾ ڪجهه بهار جي آمد جو نظارو پيش ڪري رهيا هيا ته ڪي اڃان تياري ۾ هيا، جيڪا تقريباً ٻن ٽن هفتن کان بعد مڪمل بهار جو ڏيک ڏيندا.
الحمدلله رستي جي ٻنهي پاسي ايترا ته بهترين نظارا هيا، جو مان ڪڏهن هڪڙي پاسي پيو ڏسان ته وري ساڳئي وقت ڪنهن ٻئي پاسي پيو واجهايان، مان ان نظاري ۾ گم هيس ۽ قادر جي قدرت کي پيو ڏسان ۽ الله سائين جي نعمت جو پئي نظارو ۽ شڪر پئي ڪيو ته اچانڪ شر صاحب گونجندڙ آواز ۾ چيو ته ڄامڙو صاحب اسان سان گڏ آهي، اچو ته ڪجهه ڳالهه ٻول ڪريون. پهريون ته مون سمجهيو شايد اسان پاڻ ۾ ٿا ايئن عام رواجي طرح سان ڳالهه ٻول ڪيون. مون کي ان وقت خبر پئي جڏهن ڪو انٽرويو وٺڻ وارو يا ٽاڪ شو پروگرام ڪرڻ وارو ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهائيندا آهن ته سڀ ڪجهه پنهنجي قبضي ۾ رکندا آهن. مان جڏهن اڃان ڳالهه ڪئي پئي ته شر صاحب اڌ ۾ پاڻ شروع ٿي ويو ۽ اتي ئي سائين ڪولاچي صاحب کان پڇڻ لڳو. مونکي ان وقت اهو سٺو ڪونه لڳو، جو ڳالهه پوري ٻڌڻ کان اڳ پاڻ شر صاحب هڪدم ميدان ۾ اچي ويا ۽ مٿان وري بي خبرائي ۾ لائيو به هجي، بهرحال ممتاز صاحب آخرڪار هڪ صحافي آهي، تنهنڪري هو پنهنجي صحافت واري عادت کان ٻاهر نڪري نٿا سگهن. بهرحال سائين ممتاز شر صاحب ۽ خير محمد ڪولاچي صاحب ٻئي کل مک ۽ زنده دل ماڻهو آهن، تنهنڪري ٻنهي جي ڪچهري ۾ ڏاڍو مزو آيو ۽ ڪافي معلومات به هڪٻئي سان شيئر ڪئي سين.
ڪلاڪ کن کان بعد وڃي ناگرا فال پهتاسين، سبحان الله ڇا ته دلڪش ۽ دلفريب نظارو هيو، مٿان وري الله سائين جي رحمت به هلي پئي، جنهن اڃان وڌيڪ ان نظاري کي خوبصورت بڻائي ڇڏيو هيو.
ناگرا فال ۾ جيڪو پاڻي اچي ٿو، اهو آمريڪا کان بفيلو شهر (Buffalo City) وٽان ڪيناڊا جي حد ۾ داخل ٿئي ٿو. پاڻي تقريباً 15 کان 18 هزار ڪيوسڪ ٿيندو، پر پاڻي جي ڪرڻ جو نظارو ايڏو ته حسين ۽ جميل آهي جو ماڻهو ڏسندي ڏسندي الله بابرڪات ذات جي حسين تخليق تي ايترو ته محو ٿي وڃي ٿو جو اها خبر نٿي پوي ته منهنجي اڳيان يا پويان ڪير بيٺو آهي. مان جيئن ان حسين نظاري کي ڏسڻ ۾ محو هيس خبر تڏهن اچي پئي جو هڪ ڊگهي خوبصورت نوجوان ڇوڪري اچي منهنجي مٿان ذري گهٽ چڙهي وئي. مان پنهنجي ليکي نظارو پئي ڏٺو ته اها ڇوڪري ان سڄي نظاري کي پنهنجي موبائل وڊيو ٺاهڻ ۾ مصروف هئي ۽ خبر اچي تڏهن پئي جڏهن اچي ”سيني نال لگ جا ٺا ڪرڪي“ ٿي ويو. مون جڏهن ڏٺو ته چوڻ لڳي ”I am Sorry“ مون چيو ته خير آ ڀلي اچي ٻيهر به هڻ، مون اهو کيس سنڌي ۾ چيو ۽ اها ڇوڪري مرڪندي هلي وئي. منهنجي محبوبه ڀرسان بيٺي هئي ۽ مون کيس چيو ته سائين! منهنجي اڃان مارڪيٽ آهي، تون هروڀرو دڙڪا ڏيندي آهين. بهرحال مان ۽ منهنجي محبوبه ان سين کي وڌيڪ انجواءِ ڪيو. منهنجا دوست ٻئي گاڏي کي بيهارڻ لاءِ جاءِ تلاش ۾ ويل هيا. جيڪڏهن اهي ساڻ هجن ها ته ڪولاچي صاحب نه پر سائين ممتاز شر صاحب ضرور ساڙ ڪري ها.
ناگرا فال کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو گهڻو ڪري ڪيناڊا واري پاسي کان ايندا آهن، ڇو ته ڏسڻ وارو دلفريب نظارو ڪيناڊا واري پاسي آهي. جنهن طرح سان پاڻي هيٺ ڪري ٿو ۽ ڪيناڊا سرڪار انکي وڌيڪ خوبصورت ڪرڻ خاطر پاڻي جي اندر جيڪو لائيٽنگ جو انتظام ڪيو آهي اهو ان سڄي منظر کي وڌيڪ خوبصورت ۽ حسين بڻائي ٿو. جيڪڏهن سج نڪتل هوندو آهي ته ان وقت اهو سڄو منظر ايئن ٿي ويندو آهي جيئن پاڻ وٽ ڪافي بارشون پون ۽ اوڀر طرف کان رنگ برنگي وڏي ڊگهي انڊلٺ ٿيندي آهي پر اها صرف هڪڙي هوندي آهي، ناگرافال ۾ هڪ ئي وقت الاهي انڊلٺون نظر اينديون آهن، جنهن ڪري ماڻهو اتي اچي پهچندا آهن.
پاڪستان ۾ ايترا ڪافي سارا مقام آهن، جن جو پاڻي جو فال ناگرا فال کان ڪافي وڏو ۽ خوبصورت هوندو آهي پر اسان وٽ اهڙن ماڳن جي ڪا مالڪي ڪانه ٿئي ٿي. ايبٽ آباد، ڪشمير، سوات ۽ اترين علائقن ۾ تمام گهڻا ۽ وڌيڪ خوبصورت ماڳ آهن، جيڪڏهن انهن ماڳن تي صرف سياحت لاءِ گهربل سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ ماڻهن لاءِ امن امان ۽ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ کي ضروري اپاءُ کڻڻ کپن.
ترقي يافته ملڪن جي ايڪانامي ۾ سياحت جو چڱو خاصو دخل آهي. سياحت جي ڪري ملڪ جي ڪيترن ئي ڪاروبارن کي ترقي ملي ٿي ۽ روزگار جا ڪافي موقعا پيدا ٿين ٿا. انهيءَ لاءِ گورنمينٽ جو گهڻو خرچ ڪونه ٿو ٿئي، عموماً دنيا ۾ سرڪار صرف رستا ۽ امن امان جو انتظام بهترين رکندي آهي، باقي انهن ماڳن کي خوبصورت ٺاهڻ لاءِ پرائيويٽ ڪمپنيون خرچ ڪنديون آهن. ڇو ته جڏهن اهڙن تفريح گاهن جي لاءِ سرڪار رستن ۽ امن امان جو بندوبست ڪندي آهي ته باقي ضروري سهولتون خانگي ادارا ڪندا آهن، جيئن هوٽل، شاپنگ مال، ريسٽورنٽ، ٽرانسپورٽ، پارڪس، گائيڊ، ميوزم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ان سان لاڳاپيل انڊسٽريز کي تقويت ملندي آهي. اهڙي طريقي سان عام ماڻهن ۾ سٺا اخلاق ۽ سهپ جو انداز به بهتر ٿيندو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان لاءِ هڪ سٺو ۽ مثبت پيغام ويندو. سياحت هميشه اتي پران چڙهندي آهي جتي آيل ماڻهن سان سٺو ۽ سهڻو ورتاءُ ٿيندو آهي. پرائيويٽ ادارا هميشه انهن ماڻهن کي نوڪري ۾ رکندا، جن جا اخلاق ۽ ماڻهن سان ورتاءُ خوبصورت هوندو. پرائيويٽ ادارا انهن ماڻهن کي ڪونه رکندا، جيڪي نڪما، چور، ڪوڙا ۽ بداخلاق هجن، ڇوته انهن جي ڪمائي جو دارومدار انهن جي رکيل ماڻهن جي سهڻي ڪردار جي ڪري ٿيندو آهي. جڏهن سياحت تي اچڻ وارو ماڻهو انهن خوبين سان ميل جول ڏسندا آهن ته ٻين کي به اوڏانهن وڃڻ جي ترغيب ڏيندا آهن.
ll