رحيم بخش ميمڻ مورائي سان ملاقات
سائين احسان ميمڻ صاحب جي گهر پهچي هٿ منهن ڌوئي پوءِ زماني جا حال احوال اورياسين. سنفرڊ شهر (Sanford) فلوريڊا رياست (Florida State) جي قديم شهرن مان هڪ شهر آهي. سنفرڊ (Sanford) سيمينول ڪائونٽي (Seminole County) جي هيڊ آفيس آهي. سنفرڊ شهر جي آدمشماري تقريباً ستر هزار جي قريب آهي. هن شهر جو بنياد هينري شيلٽن سنفرڊ (Henry Shelton Sanford) تقريباً ٽي سئو سال اڳ وڌو. شروع جي دور ۾ انگريز آفريڪا جي ماڻهن کي دوکي ۽ ڏاڍ سان وٺي اچي انهن کي غلام بڻائي وڪرو ڪندا هيا. هن شهر ۾ نيوي جو اڏو به هوندو هيو، جيڪو هن وقت اتان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، پر هن وقت به سمنڊ نما وڏي ڪريڪ موجود آهي، جتي ماڻهو سير و تفريح لاءِ ٻيڙين تي چڙهي وندر ڪندا آهن. انهيءَ کان علاوه ڪيترن ئي ميلن ۾ ڊگهو واڪنگ لاءِ ٽريڪ (Walking Track) ٺهيل آهي، جنهن تي صبح شام هر عمر جو ماڻهو اتي هلڪي ڦلڪي ورزش ڪندي نظر ايندو. هن وقت سنفرڊ جو هوائي اڏو اورلينڊو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي متبادل طور ڪم آندو ويندو آهي، جيڪو سنفرڊ کان تقريباً 40-45 ميل جي پنڌ تي آهي. سنفرڊ شهر ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ قديمي ۽ ٻيو جديد. پراڻي شهر ۽ نئين شهر ۾ ڪافي فرق آهي، جيئن ملير ۽ ڊفينس. پراڻو شهر کليل ۽ وڏن وڏن وڻن سان ڍڪيل آهي، آفريڪا کان آيل ماڻهن جي گهڻائي به ان قديمي علائقي ۾ آباد آهي. انهن قديمي وڻن ۾ هڪ خاص ڳالهه جيڪا مونکي نظر آئي، اها ڪٿي به پوري آمريڪا ته ڇڏيو پر پوري روءِ زمين ۾ شايد ڪٿي هجن. انهن وڻن مان وڻ ويڙهي وانگر ڇڳا هر لام ۽ ٽاري جي پڇڙي ۾ پيا لڙڪندا آهن، جن جو رنگ سفيد هوندو آهي. مون گهڻو ئي انهيءَ بابت پڇا ڪئي پر انجو مون کي تسلي بخش جواب ملي نه سگهيو، ٿي سگهي ٿو ته باٽني جو ماهر (Expert of Botony) انهيءَ جو ڪو جواب ڏئي. اتي صرف اها ڄاڻ ملي ته هي وڻ انهيءَ وڻ ويڙهي نما لٽڪيل ڇڳن جي معرفت ساهه کڻندا آهن.
لائونج ۾ ويهي سائين احسان صاحب سان پروگرام رٿڻ شروع ڪيو ته ٿوري وقت ۾ ڪيئن گهڻي کان گهڻو علائقو ڏسي سگهجي. ظاهر آهي ته سڀ ڪجهه انهي قليل عرصي دوران ته ڏسي نٿو سگهجي پر ڪوشش اها هئي ته جيڪي مشهور مقام آهن انهن جو سرسري جائزو ضرور وٺجي. اهڙي طرح اسان ٻه ٽي متبادل پروگرام ٺاهيا ته جيئن ڪنهن به سبب جي ڪري اهو علائقو انهي تجويز ڪيل ٽائيم اندر پورو نه ڪري سگهجي ته پوءِ ڪهڙي مقام کي ڦٽو ڪجي وغيره وغيره. سائين احسان صاحب کي به سڄي علائقي جي خبر ڪانه هئي، ڇوته ايترو وقت انهن کي رهندي اتي گذريو ناهي، تنهنڪري پنهنجي پياري ۽ سٻاجهڙي ڀاڻيجي نور کان انهيءَ معاملي تي مدد ورتي سين. انهيءَ سان گڏوگڏ گوگل فقير ڏاڍي مدد ڪئي، اهو اسان کي ان علائقي جي اڳواٽ معلومات سيڪنڊن ۾ مهيا ڪري پيو ڏئي ته فلاڻو مقام هتان کان ڪيتري پنڌ ۽ ٽائيم تي آهي، اتي ڪهڙي شيءِ موجود هوندي ۽ ڪهڙي وقت تائين هوندي. گوگل فقير ٻاهران جون سڀ خبرون ڏئي پيو پر جيڪي اسان انجي ڀڪ ۾ ويٺا هياسين ته اسان جي تمنائن متعلق ڪجهه به ڪونه پيو ڄاڻي. گوگل کي جڏهن اسان پنهنجي دل جو راز ڏيون پيا ته ٻڌائي پيو ته توهانجي جي مطلب واري جاءِ اتي آهي يا ناهي، باقي ٻيو مڙوئي خير. ايتري ۾ شام جو وقت ٿي ويو ۽ افطاري لاءِ تياري ڪرڻ شروع ڪئي. مون کي هتي سڀ کان وڌيڪ سٺي ڳالهه اها لڳي ته هتي جيڪي به مسجدون آهن، انهن ۾ افطاري جي وقت زالين مردين ڪٺا ٿي عورتون ۽ مرد الڳ الڳ ٿي هڪ ئي مسجد ۾ بنا ڪنهن فرقابندي جي هڪ ئي صف ۾ پنهنجو فرض ادا ڪندا آهن. رمضان مبارڪ جا ٽيهه ڏينهن خوشي ۽ سعادت سمجهي هر ماڻهو هڪ ڏينهن جو افطار واسطي بندوبست ڪندو آهي.
اسان افطار خاطر هڪ مسجد طرف رخ ڪيو، رستي ۾ احسان صاحب ٻڌايو ته اڃان تقريباً اڌ ڪلاڪ افطار ۾ ٽائيم آهي، تنهنڪري مورو جا دوست هتي رهن ٿا، انهن سان ملندا هلون ۽ انهن کي به ساڳي مسجد ڏانهن هلڻو هوندو آهي، تنهنڪري اتان گڏجي مسجد ڏانهن وينداسين. مون چيو ته تمام سٺو، سنڌ جي دوستن سان ملاقات ٿيندي.
در جي کلڻ سان سدا مشڪندڙ چهري وارو دوست نروار ٿيو، جنهن تمام گهڻي پيار ۽ پاٻوهه سان اندر ڪجهه گهڙين لاءِ اسان کي گڏ ويهاريو ۽ کيڪار ڪئي. پڇڻ تي خبر پئي ته سائين موري شهر جو ميمڻ صاحب آهي، مون مذاق واري انداز ۾ چيو ته ابول هتي به ميمڻن ۾ اچي ڦاٿاسين ته سائين رحيم بخش ميمڻ صاحب چيو ته ادا ميمڻن جي ڀٽائي صاحب به ساراهه ڪري ويو آهي، تنهنڪري ميمڻ جتي به هوندا اهي ڳنڍڻ واري ڳالهه ڪندا، ڇنڻ واري ڪونه ڪندا.
”هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڊين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا.“
رحيم بخش ميمڻ صاحب جهڙو کل مک هيو، تهڙو وري صورت ۽ سيرت جو به لاجواب انسان هيو. رحيم بخش جي ڪچهري ۾ خلوص ۽ ڪشش بي انتها هيو، سندس ڪچهري مان آزاد ٿيڻ ڏاڍو مشڪل ۽ دل کي ڏکائيندڙ هيو. ميمڻ صاحب پاڻ اتي پنهنجي فرزندن وٽ ڪجهه وقت گذارڻ خاطر آيل هيا، ڪجهه عرصي کان بعد اباڻي ڪکن يعني سنڌ ڏانهن ورندا. الله سائين منهنجي سڀني دوستن ۽ انهن جي دوستن کي آباد ۽ شاداب رکي. آمين يارب العالمين.
وقت افطاري جو ڀرجي آيو هيو، تنهنڪري اسان سڀ گڏجي مسجد ڏانهن راهي ٿياسين. جڏهن مسجد پهتاسين ته ليڊيز پوئين دروازي وٽان ويون ۽ اسان اڳيان ڦري ٻئي طرف کان داخل ٿياسين. مسجد ۾ داخل ٿيڻ سان رنگ برنگي گلن جي دستي وانگر ايشيا، يورپ،آفريڪا، ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا جا سڀ رنگ هڪ ئي ٿالهي ۽ صف ۾ گڏ، مزو اچي ويو ۽ احساس ٿيو ته واقعي هتي مسلمان جيڪي اسلامي ڀائيچاري مطابق رهن ٿا، نڪي اسان جي پياري وطن ۾ فرقه، مسلڪن ۽ زبان جي قيدي، دين جي ٺيڪيدارن وانگر جتي صرف هڪٻئي لاءِ نفرت جي پرچار ڪئي وڃي ٿي.
روزو افطار کان ويندي نماز تراويح تائين گڏ گذاري هر ڪو پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿيو.
ll